ڄام جوڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڄام جوڻو پھريون
علاؤالدين
سنڌ جو سلطان

1339 کان 1352 تائين [1](زياده مناسب لڳندڙ)

1354 کان 1368 تائين[2]
پيشرو ڄام انڙ
جانشين ڄام بابينو
جنت السنڌ مطابقڄام تماچي انڙ
مڪمل نالو
ڄام جوڻو سمو
خاندان سمو
شاھي خاندان سمن جي بادشاهي
والد بابينو
مذھب اسلام

ڄام انڙ کان پوءِ سندس ڀاءُ ڄام جوناه سنه 755هه (1354ع) ۾ گاديءَ تي ويٺو. ڄام انڙ سمن جي حڪومت جو سنڌ ۾ پايو وڌو هو، پر اڃا دهليءَ جي ماتحت هو. ڄام جوناه عقلمند بادشاه ٿي گذريو آهي. هن گاديءَ تي ويهڻ شرط پنهنجا دوست ۽ عزيز ساريءَ سنڌ جي جدا جدا، ڀاڱن ڏانهن روانا ڪيا، انهي لاءِ ته ساري سنڌ سندس قبض: هيٺ رهي. اهي ٺٽي کان منزلون ڪندا بکر پهتا ۽ بکر جي آس پاس ڪيترائي ڳوٺ پنهنجي ماتحت ڪيائون. بکر جي ترڪن ٻه ٽي جنگيون سمن سان ڪيون، پر سما زور پئجي ويا ۽ ترڪ بکر ڇڏي وڃي اچ نڪتا. اهڙيءَ طرح ڄام جوناه بکر جو قلعو پنهنجي هٿ ۾ ڪيو.[2] هڪڙي ڏينهن سلطان فيروز شاه بن سالار رجب تغلق شڪار ڪرڻ جي سانگي ٿانيسر ۾ منزل ڪئي هئي، جتي سڌارن ۽ سندس ڀاءُ ساڌوءَ سلطان جي مهماني ڪري، ان موقعي تي پنهنجي ڀيڻ جي شادي سلطان فيروز سان ڪرائي. سلطان خوش ٿي سڌارن کي وجيه الملڪ ۽ ساڌوءَ کي شمشير خان جا لقب مرحمت ڪري، سڌارن جي پٽ مظفر کي همايون جو لقب ڏيئي گجرات جي حڪومت سندن سپرد ڪئي.[3] ڄام جوناه پهريون سمو حاڪم هو، جنهن مفظريه سلطانن سنا مائٽيءَ جو ناتو رکيو هو. ڄام جوناه جي ٻن ڌيئرن مان هڪڙيءَ سان گجرات جي حاڪم محمد شاه سان شادي ڪئي. محمد شاه جي حرم ۾ ٻه راڻيون هيون.هڪڙيءَ بيگم جي بطن مان کيس احمد شاه پٽ ڄائو ۽ سمه خاتون جي بطن مان فتح خان پٽ ڄائو، جو پوءِ محمود بيگڙي جي لقب سان دٻدٻي وارو حاڪم ٿي گذريو. ڄام جوناه جي ٻيءَ ڌيءَ سان سيد برهان الدين عبدالله جي پوٽي سراج الدين ’شاه عالم‘ شادي ڪئي. برهان الدين، قطب عالم مخدوم جلال الدين حسين جو پوٽو هو.[4][2] تحفته الڪرام مطابق ڀاءُ کان پوءِ ملڪ جو وارث ٿي، وڏو لشڪر ساڻ وٺي، ٺٽي وٽان درياء ٽپي، اچي بکر جي ڳوٺن ۾ ڦر لٽ ۽ قتلام شروع ڪيائين. ترڪ لاچار ٿي ڇڏي ويا. هيءُ پوءِ سنڌ ۾ خودمختيار ٿي رهڻ لڳو. نيٺ سلطان علاؤالدين پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي ملتان پرڳڻي جو گورنر مقرر ڪيو، جنهن”مـَـلڪ تاج ڪافوري“۽”تاتار خان“ کي، ڄام جوڻي جي ڪڍڻ لاءِ سنڌ موڪليو، پر ڄام جوڻو هن کان اڳيئي فوت ٿي ويو هو . سندس حڪومت جو عرصو تيرنهن يا چوڏنهن سال رهيو . شاهي لشڪر، بکر وٺي سيوهڻ ۾ اک وڌي[5]. تاريخ معصومي مطابق ھي خناق جي بيماري ۾ فوت ٿيو[6] مير معصوم بکري مطابق ھن تيرھن سال حڪومت ڪئي [7].

سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

حوالا[سنواريو]

  1. {جي. ايم سيد جي ڪتاب سنڌ جا ڄام، سما راڄ، سلطنت دھليءَ جي تاريخ جي مطابق}
  2. 2.0 2.1 2.2 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. { مرات محمدي: شيخ غلام محمد، ص-53، مصطفائي پريس، بمبئي، 1324هه.}
  4. { رعنا: مولانا سيد عبدالحي، ص-14-15، اعظم ڳڙهه، 1353هه.}
  5. ڪتاب جو نالو ؛ تحفة الڪرام :مصنف؛ مير علي شير قانع ٺٽوي : مرتب؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مترجم؛ مخدوم امير احمد: ايڊيشن؛ پهريون 1975، ٻيو 1978ع، ٽيون 1989ع، چوٿون 1994ع، پنجون 2004ع: ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  6. (تاريخ معصومي، ص63).
  7. (تاريخ معصومي، ص63).