مواد ڏانھن هلو

تيمور لنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تيمور لنگ
 

معلومات شخصيت
ڄم 9 اپريل 1336 [1][2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 19 فيبروري 1405 (69 سال)[2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
قد
مناصب
امير   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
9 اپريل 1370  – 14 فيبروري 1405 
 
خليل سلطان  
ڪم جي ٻولي فارسي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون


Temür
amir

A Timurid-era illustration of Timur
9 April 1370– 14 February 1405
پيشرو Amir Hussain
جانشين Khalil Sultan
جيون ساٿي
  • Saray Mulk Khanum
  • Chulpan Mulk Agha
  • Aljaz Turkhan Agha
  • Tukal Khanum
  • Dil Shad Agha
  • Touman Agha
  • Other consorts
نسل
گهراڻو Barlas Timurid
پيءُ Amir Taraghai
ماءُ Tekina Khatun
جنم 9 April 1336 [4]
Kesh, Chagatai Khanate (now in Uzbekistan)
لاڏاڻو 19 February 1405 (aged 68)
Otrar, Farab, near Shymkent, Syr Darya (now in Kazakhstan)
تدفين Gur-e-Amir, Samarkand
مذھب Islam

تيمور لنگ امير تاراغاميءَ جو پٽ هو. سندس ماءُ جو نالو سڪينه خاتون هو. هن جي خاندان جي دعويٰ هئي ته هو چنگيز خان جي اولاد مان هو. هن خواجه ايلغار نالي هڪ ڳوٺ ۾ 8 اپريل 1336ع تي جنم ورتو، جو هاڻي ”مولود خاني“ جي نالي سان مشهور آهي. تيمور کي ”لنگ“ ان ڪري چوندا هئا، جو هو ڄنگهه تي هڪ ڦٽ جي ڪري منڊو ٿي پيو هو.[5]

ڪردار

[سنواريو]

تيمور لنگ مشرق جو هڪ وڏو حاڪم ۽ فاتح سمجھيو ويندو آهي، جنهن جون دور دراز مهمون، هن کي ڏکڻ روس کان هندستان ۽ وچ ايشيا کان ترڪيءَ تائين وٺي ويون. ”تيمور“، ترڪيءَ ۽ منگول زبان ۾ ”لوهه“ کي چوندا آهن. يورپ ۾ هن کي ٽئمرلين (Tamerlane) چوندا هئا. هو برلاس جي امير طبقي مان هو، جيڪي چنگيز خان ۽ ان جي پٽن کان پوءِ ترڪي ٻولي ڳالهائيندا هئا ۽ مذهب اسلام اختيار ڪيو هئائون. تيمور ترڪي ۽ تاجڪ ٻوليون ڳالهائيندو هو. تاجڪ، فارسيءَ جي ديسي ٻولي آهي. هو اڻ پڙهيل هو، پر هن منشي ۽ محرر رکيا هئا، جيڪي کيس پڙهي ٻڌائيندا هئا، جن خاص ڪري تاريخ ۽ هن جون خاص مهمون ”ظفر نامي“ جي عنوان سان لکيون هيون. تيمور لنگ جوانيءَ ۾ ئي نهايت ذهين ۽ بهادر هو. هن جي جوانيءَ بابت ڄاڻ ٽن ذريعن کان ملي ٿي: (1) هينري ٽئين جي هسپانوي وزير وٽان، جنهن سمرقند ۾ هن عظيم مهم جُوءِ سان ملاقات ڪئي هئي، (2) دمشق جي ”عرب شاهه“ نالي هڪ عرب جي تحريرن مان ۽ (3) روسي رسالي ”نِڪون“ ۾ لکيل تاريخ مان. حيرت جو مقام آهي ته روسين کي جيتري تيمور لنگ بابت خبر هئي، اوتري تيمور لنگ کي روس جي باري ۾ ڄاڻ نه هئي.[5]

تاريخ

[سنواريو]

تيمور لنگ هڪ رهزن جنگجوءَ جي حيثيت ۾ ابتدا ڪئي ۽ هن کي ٿورا ساٿي هئا. هڪ ڀيري هن کي رڍن جي چوري ڪندي مقابلي ۾ ڪلهي ۽ ڄنگهه تي زخم رسيا، جنهنڪري هو پنهنجي ڄنگهه ۽ ٻانهن جھڪائي نه سگھندو هو. جڏهن 1941ع ۾ سمرقند ۾ هن جي قبر کي کوليو ويو ته مٿس انهن زخمن جا نشان اڃا موجود هئا. تيمور لنگ جي دور ۾ سمرقند هڪ مسلسل جنگ جو مرڪز هو. شهر جي چوڌاري چغتائي خاندان جون زمينون هيون، جيڪي وڏا ويڙهاڪ ۽ جھڳڙالو هئا. انهن ۾ چنگيز خان جو ٻيو نمبر پٽ به هو. ڏکڻ اولهه طرف هلاڪوءَ جي پونيرن جون ٻنيون هيون، جيڪو به چنگيز خان جي اولاد مان هو. اتر اولهه طرف لشڪر زرين هو، جنهن تي ڪنهن وقت چنگيز خان جو وڏو پٽ ”چوبي“ راڄ ڪندو هو. اهي منگول روس جا وڏا رئيس هئا. اوڀر طرف سمرقند جون سرحدون چين سان وڃي مليون ٿي ۽ اتي به منگول هئا، جي چغتائي خاندان کان ڌار ٿي ويا هئا. انهن مان ترڪي ڳالهائيندڙ خانه بدوشن ۽ فارسي ڳالهائيندڙ راهڪن ۽ نخلستانن جي رهاڪن ۾ جھيڙا فساد وڌي ويا هئا. خانه بدوشن کي رعايت يافته سمجھيو ويندو هو، جن مستقل رهائش اختيار ڪئي هئي، اهي ئي زياده تر باج گذار (ڍل ڀريندڙ)هئا. جڏهن 1361ع ۾ تيمور لنگ 25 ورهين جو هو ته ڪيترا سَوَ ماڻهو سندس پويان لڳا. ان وقت تيمور لنگ هڪ حملي آور منگول خان جي نوڪري ڪئي هئي، جيڪو ڪاشغر جو تغلق تيمور هو ۽ جنهن کيس سمرقند جي هڪ حصي جو حاڪم بڻايو هو. 1369ع ڌاري تغلق تيمور جي موت کانپوءِ ڀيڻويي امير حسن تيمور سان دشمنيءَ کان پوءِ، جيڪا هن جي موت تائين هلي، تيمور لنگ بلخ کان سمرقند تائين سڄي ڌرتيءَ تي قابض ٿي ويو. ان کان پوءِ هن جون سياسي، فوجي ۽ اقتصادي ڪوششون ۽ اپاءَ هڪ چٽي آدرش وانگر اڀري آيا. هن سمرقند کي پنهنجو علائقو سمجھي، ان تي پاڻ حڪومت ڪئي ۽ پنهنجي جنگي مهم دوران ڪيل سموريءَ ڦرمار مان ان کي خوشحال بڻايو ۽ اهڙو اڏي ڇڏيو، جو رولو قومن ۽ آباد قومن ۾ ڪو ويڇو ۽ ڪا ڇڪتاڻ نه رهي. هن گڏيل آباديءَ کي فوجي تربيت ڏني. ان مان پيادل لشڪر، انجينئر (محاصري لاءِ) ۽ رسالا ٺاهيا. هن جي جنگي فن جو نئون طريقو اهو هو ته هو جنگ ۾ پهرين رسالن کي منهن ۾ ڏئي، مقابلي جو ڌوڏو سهسائي ويندو هو ۽ تيستائين پيادل فوج کي ترسائيندو هو، جيستائين مخالف ۾ مونجھارو يا ڦڙڦوٽ نه پئجي وڃي. تيمور لنگ جي پنهنجي علائقي جي چوڌاري زبردست ملڪ هئا. انهن مان ڪجهه ملڪن ۾ هن مقامي حاڪمن کي شڪست ڏني هئي ۽ پوءِ کين تابعدار ۽ ٻيلين وانگر ٻيهر تخت نشين ڪيو هو. انهن لاڳيتن علائقن کان گھڻو پري هن جي جنگي مهم جا ٻه مقصد هئا. 1. ڦرمار ڪرڻ ۽ 2. ڪنهن به مخالف طاقت ۽ اثر رسوخ واري کي اڀرڻ کان روڪڻ، پر هن کي اتي کپ کوڙي ويهڻ جو ارادو ڪونه هو.[5]

74-1373ع ۽ 1388ع ۾ تيمور کي جنگي مهم آمو درياهه مان هيٺ ڪئسپين سمنڊ ڏانهن وٺي وئي. 1376ع ۾ هن طوقطمش جي ”سفيد جرڳي“ ۾ مدد ڪئي، جيڪو زرين جرڳي جو حريف ٿي پيو هو. 1380ع ۾ طوقطمش زرين جرڳي کي ماري مڃايو، جڏهن جرڳي، روسي شهزادي دِمنزيءَ هٿان شڪست کاڌي. ان ڳالهه طوقطمش کي ايترو زورائتو ڪيو، جو تيمور 1389ع ۽ 1391ع ۾ هن تي ڪاهڻ لاءِ مجبور ٿي پيو ۽ 95_1394ع ۾ کيس مات ڏنائين. تيمور زرين جرڳي (Golden Horde) کي ايترو ته نستو ڪري ڇڏيو، جو ڄاڻي واڻي ته نه پر اڻڄاڻائيءَ ۾ روس جي مرڪزيت ۽ اتحاد ۾ ڄڻ مدد ڪيائين. تيمور کي پنهنجي فوج کي ڏورانهن ملڪن ڏانهن طويل ڪوچ ڪرائيندي ڊپ نه ٿيندو هو. هو جڏهن به سفر ۾ هوندو هو، پنهنجي فوج جي پرگھور لهندو هو ۽ نه رڳو اڳواٽ محافظ موڪليندو هو ۽ چارين ۽ جاسوسن جا ٽولا به سندن مخبريءَ لاءِ موڪليندو هو. هن اهو اصول ٺاهيو هو ته مختلف مهمون، مختلف وقتن تي، مختلف طرفن ۾ ڪري، ته جيئن حاسد اڳواڻ سر کڻي نه سگهن. 1381ع ۾ هن ايران تي حملو ڪيو. 1386ع، 1392ع ۽ 1399ع ۾ هن اتي ٽه سالي، پنج سالي ۽ ست سالي مهم شروع ڪئي، جا هن کي 1392ع ۾ آرمينيا ۽ جارجيا، 1399_1398ع ۾ هندستان ۽ 1402ع_1400ع ۾ شام ۽ ترڪيءَ ۾ وٺي وئي. پوئين مهم ۾ هن ائليپو ۽ دمشق تي قبضو ڪيو ۽ ترڪيءَ جي سلطان بايزيد پهرئين کي انقره وٽ شڪست ڏئي قيد ڪيو ۽ قسطنطنيه تي عثمانيه جي فتح کي پنجاهه سال پٺتي ڌڪي ڇڏيو. انهن دور دراز مهمن ۾، جن جو مقصد رڳو ڦرمار ۽ ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ هو، هن اهي اهي ظلم ڪيا، جيڪي تاريخ وساري نٿي سگھي. دهليءَ ۾ هن هڪ لک ماڻهو مارائي، انهن جي سسين جو مينار ٺهرايو. اصفهان ۽ ايران ۾ هن ستر هزار کوپڙين جو ڍڳ لڳرايو هو. ايتري ڏاڍ ۽ انڌير کانپوءِ به تيمور لنگ ڪيترا محل ۽ مسجدون ٺهرايون. جن مان سڀ کان شاندار ۽ دلڪش مسجد سمرقند ۾ آهي.[5]

پڄاڻي

[سنواريو]

چيو وڃي ٿو ته هو چين خلاف مهم دوارن مري ويو. هن 19 جنوري 1405ع ۾ وفات ڪئي. هن جي مرڻ پڄاڻان سندس سلطنت ڪمزور ٿيندي وئي، پر هڪ صديءَ کان پوءِ هن جي پونئير بابر هندستان ۾ مغل حڪومت جو پايو وڌو. امير تيمور جو مقبرو سمرقند ۾ آهي. هن جي پيدائش به انهي تاريخي شهر ۾ ٿي هئي. امير تيمور جي قبر تي جيڪو پٿر لڳل آهي، اهو هڪ مغل شهزادي هندستان مان سمرقند موڪليو هو. اهو پٿر ”سنگ سياه“ جي نالي سان مشهور آهي. سياهه جلالي قبر امير تيمور آهي پر ان کان پهرين ان جي روحاني استاد ”سيد برڪ“ مدفن آهي، ان کان سواءِ اتي امير تيور جي ننڍي پٽ شاهه رخ (1447ع 1377ع) ۽ پوٽن محمد سلطان (1376ع 1403ع) ۽ مرزا الفق بيگ (1396ع 1449ع) جون پڻ قبرون موجود آهن.[5]

حوال

[سنواريو]
  1. GND ID: https://d-nb.info/gnd/118622803 — اخذ شدہ بتاریخ: 13 آگسٽ 2015 — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  2. 2.0 2.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6418r4b — subject named as: Timur — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  3. Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/4440 — subject named as: Tamerlane — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Muntakhab-ul-Lubab, Khafi Khan Nizam-ul-Mulk p. 49
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]
تيمور لنگ
پيشرو
None
Timurid Empire
1370-1405
جانشين
Pir Muhammad ibn Jahangir
and Khalil Sultan

سانچو:Timurid Empire