ڄام سنجر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڄام سنجر
صدرالدين شاھ
سنڌ جو سلطان
1453 کان 1461 تائين[1](زياده مناسب لڳندڙ)
پيشرو ڄام راءَ ڏنو
جانشين ڄام نظام الدين سمو
مڪمل نالو
ڄام سنجر
خاندان سمو
شاھي خاندان سمن جي بادشاھي
پيدائش راء ڏنو يا راڌڻ
مذھب اسلام
سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

ڄام سنجر عرف راءَ ڏنو انگريزي (Jam Sanjar alias Rao Dino) سنڌ ۾ سمن جو راڄ دوران ڄام سڪندر کان پوءِ ڄام سنجر سنڌ جو سلطان بنيو. مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ مير معصوم شاھ بکري ڄام سنجر ۽ راءِ ڏني کي الڳ الڳ ذڪر هيٺ آندو آهي، ليڪن نئين کوجنا موجب سمن جي سلسلي جو هي هڪ ئي بادشاه هو، جنهن کي سلطان صدر الدين شاه جي نالي سان به سڏيو ويو آهي[2] .

تفصيلي تعارف[سنواريو]

محترم محمد حسين پنهور، راء ڏني جي جاءِ تي سندس نالو ”راڌڻ“ تجويز ڪيو آهي.[3]ڄام اصل صورتحال ڇا به هجي، ليڪن راڌڻ نالو اڄ به سماٽ قبيلن ۾ رکيو وڃي ٿو. ڄام سنجر گهڻو وقت ڪڇ ۾ مقيم هو. جڏهن کيس ڄام سڪندر جي وفات جو اطلاع مليو، تڏهن هڪدم ننگر ٺٽي پهتو. اميرن سندس حڪومت تي اتفاق ڪيو ۽ هو سنڌ جو نئون بادشاه بنجي ويو. گمان آهي ته سڪندر جي مختصر دور حڪومت ۾ مقامي عملدارن خود سري ڪئي هئي ۽ هر طرف بدامني ۽ پريشاني پکڙجي وئي هئي. ڄام سنجر صورتحال جي سڌاري لاءِ ترت فيصلا ڪيا. مير معصوم لکي ٿو:

”هن ڏيڍ سال جي عرصي ۾ ساري سنڌ ولايت سمنڊ کان وٺي ماٿيلي ۽ اٻاوڙي جي سرحد گاجريلي ۽ ڪنڌي تائين پنهنجي قبضي ۾ آندي.“

مؤرخن ڄام سنجر جي دور ۽ شخصيت جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. هي ڄام بيحد خوبصورت ۽ سهڻو هو. سوين سندس عاشق هئا ۽ بنا اجوري جي هن جي درٻار ۾ ڪم ڪندا هئا. هڪ فقير مٿس فدا هو ۽ هر وقت سندس بادشاهي ماڻڻ لاءِ دعاگو رهندو هو. هڪ ڀيري ڄام کي هڪ قاضيءَ جي رشوت وٺڻ جي شڪايت پهتي. ڄام ملازمن جي پگهارن وڌائڻ جو اعلان ڪري، رشوت جهڙي مرض جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي. سندس زماني ۾ سنڌ جا ڪڇ ۽ گجرات سان بهتر لاڳاپا برقرار رهيا. هن دور ۾ سنڌ جي دفاع خاطر، ڪڇ ملڪ ۽ جوڌپور جي سرحدن تي چوڪيون قائم ڪيون ويون. هنن سرحدن تي سوڍن ۽ سومرن ماڻهن کي آباد ڪيو ويو. ڄام سنجر جي موت بابت جدا جدا رايا ملن ٿا. هڪ راءِ آهي ته کيس زهر جو پيالو پياري ختم ڪيو ويو. ٻي راءِ موجب هو طبعي موت مئو هو. ان ريت سندس اقتدار کان الڳ ٿيڻ بابت به ٻه خيال ملن ٿا. هڪ تحرير موجب سندس وفات کان پوءِ ڄام نظام الدين نالي سندس پٽ سنڌ جو بادشاه بنيو، جڏهن ته پنهور صاحب جو دليل آهي ته ڄام نظام الدين کي اقتدار جي واڳ سونپي، ڄام سنجر پنهنجن ٻين ٻن پٽن سميت گجرات ڏي نڪري ويو. ان صورت ۾ سندس وفات به اتي ٿي هوندي. تاريخن ۾ ڄام جي هنن پٽن جا نالا محفوظ نه رهيا آهن. تاهم انهن مان هڪ جي پٽ ڄام صلاح الدين (ڄام سنجر جو پوٽو)، ڄام نظام الدين کان پوءِ سنڌ جي تخت ۽ تاج جي دعويٰ ڪئي هئي. ويجهڙائي ۾ هن ڄام جو سڪو پڻ مليو آهي.[2]جنت السنڌ جي مطابق:ڄام رائدان کان پوءِ ڄام سنجر گاديءَ تي ويٺو، جو نهايت خوبصورت جوان هو. چون ٿا ته هڪڙو الله لوڪ درويش سندس حسن تي مفتون هو، تنهنجي دعا سان هو بادشاهه ٿيو هو. هن اَٺ ورهيه حڪومت ڪئي. فرشته جو بيان آهي ته هن سلطان محمود بيگڙي سان مائٽيءَ جو ناتو رکيو هو. بکر جو قاضي معروف، جو وڏو عالم هو، سو فيصلن ڪرڻ وقت فريادي توڙي جوابدار کان رشوت وٺندو هو. ڄام سجر سرڪاري کاتن جي نوڪرن جا پگهار وڌائي رشوت خوريءَ کي ٻنجو ڏنو.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. {جي. ايم سيد جي ڪتاب سنڌ جا ڄام، سما راڄ، سلطنت دھليءَ جي تاريخ جي مطابق}
  2. 2.0 2.1 {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
  3. {ڪتاب:”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص353 }
  4. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي