ڄام ڪرن
ڄام ڪرن | |||||
---|---|---|---|---|---|
سنڌ جو سلطان | |||||
ڏيڍ ڏينهن 1398 ۾[1](زياده مناسب لڳندڙ) | |||||
پيشرو | ڄام علي شير | ||||
جانشين | ڄام سڪندر اول جنت السنڌ مطابق:[2]ڄام فتح خان | ||||
| |||||
گهراڻو | سمو | ||||
شاھي گھراڻو | سمن جي بادشاھي | ||||
پيءُ | ڄام تماچي سمو | ||||
مذھب | اسلام |
سنڌ جا ڄام سما راڄ "سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد |
|
ڄام ڪرن انگريزي (Jam Kiran) سنڌ ۾ سمن جو راڄ دوران ڄام علي شير جي قتل بعد، ڄام ڪرن ڀائرن جي اتفاق سان سنڌ جو حڪمران بنيو.
تفصيلي تعارف
[سنواريو]ڄام ڪرن کي ٺٽي جي مکيه اميرن ۽ درٻارين سان سخت اختلاف ٿيو. ان ڪري هن سلطنت جي واڳن وٺڻ شرط انهن جي قتل جو پروگرام ٺاهيو. ان مقصد لاءِ هن ٻئي ڏينهن تي شاهي درٻار سڏائي ۽ عام خاص ماڻهن سان مختلف عنوانن تي بحث ڪندو رهيو. آخر کاڌي جو دسترخوان وڇايائون ۽ هو کاڌو کائي جاءِ طهارت ڏي ويو ته ڪجهه ماڻهن جي جماعت مٿس حملو ڪيو ۽ کيس اتي ئي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. سندس حڪومت جي مدت ڏيڍ ڏينهن چئي وڃي ٿي.[3]جنت السنڌ مطابق:ڄام ڪرن بن ڄام تماچي گاديءَ تي ويٺو، پر سما منجهانئس خوش ڪين هئا، ڇاڪاڻ ته هن ڄام علي شير کي جو رعايا کي پيارو هو، بيگناهه شهيد ڪرايو هو. تخت تي ويهڻ شرط هن ڪن معزز ماڻهن کي قتل ۽ ڪن کي قيد ڪرايو هو، تنهن ڪري سڀني کي کانئس نفرت هئي. آخر جيئن مجلس مان اُٿي محلات ڏانهن ٿي ويو، تيئن ڪن سربازن هن کي دروازي تي قتل ڪري ڇڏيو. هن فقط اَٺ پهر حڪومت ڪئي.[2]