ھمير سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھمير سومرو
بھاؤالدين
سومرن جي بادشاهي
کان 1403 تائين(843ھ تائين)
پيشرو ڀونگر سومرو چوٿون
جانشين سما گھراڻي جو پھريون بادشاھ ڄام انڙ سمو
پورو نالو
شھمير شاھ عرف ھمير سومرو
شاھي گھراڻو سومرا گھراڻو
مذھب اسلام

ھمير سومرو(انگريزي: Hameer Soomro) سنڌ ۾ سومرا گھراڻي جو آخري حاڪم ھيو. تاريخ سومرا سنڌ جي مطابق: ڀونگر جي وفات کانپوءِ همير نالي هڪ شخص حڪومت جي مسند تي ويٺو، جو ظالم طبيعت ۽ماڻهن کي آزاريندڙ هو، جنهن ڪري ماڻهو سندس ظلم کان تنگ ٿي، کيس حڪومت تان لاهڻ ۽ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. سمان قوم جا ماڻهو ڪڇ جي پاسي کان اچي سنڌ جي آسپاس ويٺا هئا. انهن سمن ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ دوستي ۽ لاڳاپن جو رستو جاري ٿي چڪو هو. سمان قوم ۾ انڙ نالي هڪ شخص هو، جنهن جي پيشانيءَ ۾ هدايت ۽ بخت جانشان چمڪي رهيا هئا. ملڪ جي اميرن ۽ حڪومت جي ماڻهن (سمن) ان کي چونڊيو. سڀني ٻڌي ڪري ڳجهيءَ طرح پرهه ڦٽيءَ مهل گڏجي، جنهن گهر ۾ همير ننڊ ۾ ستل هو، اتي پهچي همير کي ماري وڌو، ۽ سندس سر کي شهر جي دروازي تي ٽنگيائون ۽ (انڙ سمي) کي بادشاهيءَ جي تخت تي ويهاريائو[1]

سنڌ جي سومرا گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سومره سنڌ مصنف؛ وزير علي ايڊيشن: ڇاپو پهريون ايڊيشن؛ مارچ 2001ع ڇپائيندڙ:ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن جڙيا پور چڪس