مير معصوم شاھ بکري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
مير معصوم شاھ
بکري
مير معصوم شاھ جو تعمير ڪرايل مينار
پيدائش معصوم شاھ
وفات 1605
بکر
مدفن سکر ۾ معصوم شاھ جي مناري ڀرسان
رھائش بکر
متحرڪ سالَ مغلن جو اڪبر بادشاھ وارو دؤر
شھرت جو ڪارڻ بکر جو نواب
مشھور ڪم تاريخ معصومي
خطاب نظام الدين
اولاد مير بزرگ
والدين سيد صفائي بن سيد مرتضٰي ترمذي


مير معصوم شاھ بکري:(انگريزي: Mir Masoom Shah Bakhri ) جنھن جو پورو نالو سيد مير محمد معصوم عرف نظام الدين ابن شيخ الاسلام ابن سيد صفا الترمذي، سکر جي معصومي سادات جو سوخيل سکر جي مٽيءَ جو بي بها مڻيو، اڪبري درٻار جو امير ۽ اهلڪار، دنيا جي زنده جاويد بزرگن مان هڪ آهي[1] . ھي تاريخدان، طبيب ۽ دوائن ٺاهڻ جو ماهر ھيو.ھن 1595 ۾ مغل فوج جي ڪمان ڪندي بلوچستان جي سبيءَ وارو علائقو فتح ڪري مغل سلطنت ۾ شامل ڪيو[2] ان بعد 1598 اڪبر بادشاھ ھن کي سنڌ ۽ سبيءَ جو امير (گورنر) مقرر ڪيو. [3]

خاندان[سنواريو]

هو سيد صفائي بن سيد مرتضٰي ترمذيءَ جو پٽ هو، جو سيد شير قلندر بن بابا حسن ابدال مشهور اولياءَ جي نسب مان هو ۽بکر ۾ اچي رهيو هو. هو وڏي علم ۽ عمل وارو ماڻهو هو. جڏهن مرزا شاهه حسن ارغون سنڌ جو والي هو، تڏهن هن شاهه قطب الدين بن شاهه محمود خراسانيءَ کي بکر جو شيخ الاسلام ۽ واعظ مقرر ڪيو هو. انهيءَ جڏهن سنه 977 هه ۾ وفات ڪئي، تڏهن انهيءَ وقت جي سلطان محمود خان سيد صفائيءَ کي انهيءَ جي جاءَ تي شيخ الاسلام مقرر ڪيو، جنهن سنه991 هه ۾ وفات ڪئي. مٿئين شاهه قطب الدين جي عزيزن مان هڪڙو شخص شاهه جهانگير هاشمي، مرزا شاهه حسن جي زماني ۾ خراسان کان سنڌ ۾ آيو، جو چڱو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو. هن جي ”مثنوي مظهرال آثار“ ۽ سندس ”ديوان هاشمي“ مشهور آهي، جا هن مثنوي ”تحفـﺔ الاحرار“جي جواب ۾ لکي هئي اهو سنه 946 هه ۾ حج ڏي ويندي رستي ۾ ڪيچ مڪران وٽ شهيد ٿيو.

احوال زندگي[سنواريو]

سيد صفائيءَ جو پٽ مير معصوم شاهه پهرين بکر جي حاڪم سلطان محمود خان وٽ چڱي عهدي تي مقرر ٿيو. پوءِ اڪبر بادشاهه وٽ اميريءَ جي درجي کي پهتو ۽ خان خانان سان گڏ سنڌ جي فتح ڪرڻ ۾ وڏا ڪم ڪيائين.

تعميراتي شوق[سنواريو]

پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته:”سکر ۽ روهڙيءَ ۾ مير محمد معصوم گهڻيون عمارتون تعمير ڪرايون آهن. مسجدون ۽ مذهبي عمارتون تعمير ڪرائڻ هن جو مشغلو هو. عمارتن ۾ جيڪو پٿر استعمال ٿيندو هو، انهن کي پنهنجي نقاشي نمونن تي ٺهرائيندو هو. تاريخ ڪڍڻ جي فن ۽ ڪتبا ٺهرائڻ ۾ يگانه عصر هو. ان کان سواءِ خوشخطي جو وڏو ماهر هو. هڪ دفعي اڪبر پاران شاهي سفارت سان ايران ويو هو، ۽ هندوستان کان وٺي تبريز تائين ۽ اصفهان تائين پنهنجي سفر جا حالات مسجدن ۽ خاص عمارتن تي نقش ڪندو ويو. آگره جي قلعي جي دروازه، فتح پور سيڪري جي جامع مسجد ۽ ٻين مسجدن تي هن جا ڪتبا لڳل آهن[4]“ بکر جي آسپاس هن گھڻيون عمارتون جوڙايون. سندس منارو اڃا: موجود آهي. هن گھڻا ڪتاب نثر توڙي نظم ۾ لکيا. ”تاريخ معصومي“ سنڌ جي احوال بابت مشهور آهي. شعر ۾ سندس تخلص ”نامي“ سندس خلاصو ”طب نامي“ اڃا موجود آهي.

روھڙي جي عيدگاھ[سنواريو]

سکر (بکر ) ۾ جيڪي آثار سيد موصوف جا ٺهرايا آهن، تن ۾ قدامت جي لحاظ سان روهڙيءَ وارو عيدگاه سڀ کان اول نمبر آهي. روهڙي شهر جي اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ طرف ٽڪريءَ تي اهو عيدگاهه آهي. ٻن ايڪڙن کن زمين جي چوڌاري ديوار نڪتل آهي، ٽن طرفن کان ديوار اُره جيتري ۽ اولاهين طرف کان ڳڏي آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڊن خواه وچ تي ننڍا ننڍا گنبذ ٺهيل آهن. اهي گنبذ فقط اولاهين ديوار ۾ آهن. وچين گنبذ هيٺان محراب آهي، جنهن جي مٿان ٻاهرين طرف ڏانهن هڪ سفيد پٿر لڳل آهي، جنهن تي ٽن سٽن ۾ ڪتبو اُڪريل آهي.[1]

معصوم شاھ جو منارو[سنواريو]

عيدگاهه جي تعمير جي ٻئي سال يعني 1003 هه ۾ مير صاحب سکر واري معصومي مناره جي تعمير جو ڪم مير صاحب شروع ڪرايو، جو ڪم مير موصوف جي انتقال کان پوءِ سندن فرزند مير بزرگ 1027 هه ۾ پورو ڪرايو.[1].

آرامگاھ يا فيض محل[سنواريو]

1002هه ۾ روهڙيءَ جو عيدگاهه ٺهيو، ۽ 1003هه ۾ مناره جو بنياد پيو، وري 1004هه ۾ مناره جي قريب اٺن فوٽن جي فاصلي تي هڪ هشت پهلو گنبذ سان جاءِ جوڙائي وئي، جنهن جو اصل نالو ”فيض محل“ آهي، مگر عام ماڻهو ان کي آرامگاهه سڏين ٿا. اها جاءِ برج جي نموني پنجاه فوٽ کن اوچي آهي. ونگن سان چار دروازا اٿس ۽ زمين کان 14 فوٽ کن مٿي اندرين پاسي ڏانهن هڪ گيلري اٿس، جنهنڪري چار دريون آرپار آهن. چارئي دريون چئني دروازن جي مٿان آهن، ۽ ٻن درين جي مٿان پٿر جي ڇڄهري آهي. ڇڄهري جي ڇتين تي ڪي نصيحت آميز رباعيون پٿر تي اُڪريل آهن، جي چوڌاري ڦري آيون آهن. عمارت سهڻين پڪين سرن جي آهي ۽ زينت جي خيال سان ڪاشيءَ جون سرون ڪثرت سان منجهس استعمال ڪيل نظرن اچن ٿيون، ڄڻ جاءِ رنگا رنگي ٿي پئي آهي. ان جاءِ جي ويڪرائي اندرين پاسي کان سترهن فوٽ کن آهي. ذڪر ڪيل رباعيون گهڻيون آهن، پر هڪ رباعي هن طرح آهي، جنهن مان جاءِ جو نالو ۽ تعمير جو سال ملي ٿو.[1].

ھشت پھلو[سنواريو]

پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ موجود جيل خانه جي ڀر ۾ هڪ هشت پهلو گنبذ نما جاءِ آهي، ان جي اوساري پڪسري ۽ ٻاهران سفيد پڪو چونا گچ چڙهيل اٿس. چون ٿا ته ان جاءِ جي چوڌاري ست کوهه هوندا هئا، جن مان ڇهه کوهه لٽجي ويا آهن، باقي هڪ کوهه ان جي اولاهين پاسي ڏانهن اڃا تائين سلامت آهي. جنهن مان ماڻهو عام جام پاڻي وٺي رهيا آهن. کوهه جي سڄي اوساري پٿر جي آهي. ذڪر ڪيل هشت پهلو جاءِ لاءِ روايت آهي ته مير محمد معصوم مسافر خانه طور عام ماڻهن جي آسائش لاءِ جوڙائي هئي.[1].

مير معصوم جون خدمتون[سنواريو]

مولائي شيدائي تاريخ سکر ۾ لکي ٿو تہ: مير محمد معصوم صاحب – سيف و قلم هو – فنِ شاعري ۾ سندس تخلص ”نامي“ هو ۽ صاحب ديوان هو. ديوان نامي کان سواءِ هن عالم فاضل سنڌ جي مشهور افساني ”سسئي پنهون“ کي پارسي ۾ منظوم ڪري مٿس ”ناز و نياز“ نالو رکيو. مختلف لڙاين ۾ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري، نوابي جو لقب ۽ عهدو حاصل ڪيائين ۽ درٻار اڪبري کان جاگير حاصل ڪيائين. پنهنجي وقت جو باڪمال معمار هو ۽ سندس خوش نويسي جي ثبوت لاءِ سندس ڪتبا دکن، آگره کان اصفهان ۽ تبريز تائين پکڙيل آهن. هن کي پنهنجي وطن سکر سان بيحد محبت هئي، سر زمين وطن کي پنهنجن هٿن سان سينگاري، صنعت گري ۽ هنرمندي، صدق ۽ اخلاص جو مثال پوين لاءِ ڇڏي ويو. سندس صناعي هٿن جيڪي عمارتون تعمير ڪيون، تن جي وجود ڪري سکر سياحن لاءِ آماجگاه آهي. سکر جي قدرتي نظارن ۽ لافاني حسن ۽ رعنائيءَ کي مناره تي چڙهي ڏسي سگهجي ٿو. مير صاحب پنهنجي وقت جو مؤرخ ۽ محقق به هو، سندس ”تاريخ معصومي“ جا هن پنهنجي فرزند مير بزرگ جي تعليم لاءِ لکي آهي، سنڌ جي وچين زماني جي تاريخ اڪبري دور تائين آهي. مؤرخن ۽ محققن لاءِ ماخذ آهي. انگريزي راڄ جي شروعات 19 صديءَ ۾ منشي نيوندرام سيوهاڻيءَ ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، بعد شمس العلماء مرحوم عمر بن محمد دائود پوٽه صاحب، جڏهن انڌيري ڪاليج بمبئي ۾ پروفيسر هو، تاريخ معصومي کي اهتمام سان قلمبند ڪري پارسي نسخو تيار ڪيو، جنهن کي ”ڀنڊارڪر اورينٽل انسٽيٽيوٽ پونا“ 1938ع ۾ مطبع قيمه مان شايع ڪرايو، تنهن کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ، تاريخ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو.[1]. مير محمد معصوم صاحب پنهنجي وقت جو حڪيم به ٿي گذريو آهي. طب ۾ سندس ڪتاب ”طبِ نامي“ آهي، جنهن جو نسخو سندس پوين مان سيد منور علي شاهه صاحب سکر پراڻي وٽ موجود آهي ۽ ”مفردات – نامي“ جا چند اجزا شيخ عبدالرحيم روهڙائي وٽ آهن.[1].

وفات[سنواريو]

هن سن 1014هه1605/ ۾ وفات ڪئي. اڪبر بادشاهه به انهيءَ سال ۾ وفات ڪئي. اهو سال ايجد جي حساب سان هن فارسي مصوع مان ٿو نڪري بود ”نامي“ صاحب ملڪ سخن ۽ اڪبر بادشاهه جي تاريخ هن جملي سان ٿي نڪري فوت اڪبر شه مير معصوم شاهه جي پٽ جو نالو مير بزرگ هو. انهيءَ جو اولاد گھڻو ٿيو ۽ اڃا آهي، جو بکر ۽ سکر ۾ رهندر اچي. سندس ملڪي ڪم سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندا، هتي ڏوپئي نٿا سگھجن.[5]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ
  2. Mehta, Jaswant Lal (1986). Advanced Study in the History of Medieval India, Volume 2. Sterling Publishers. pp. 258. ISBN 9788120710153. https://books.google.com/books?id=-TsMl0vSc0gC&pg=PA258&. 
  3. Marri, Mir Khuda Bakhsh (1964). The Balochis through centuries; history versus legend.. Quetta. p. 35. https://books.google.com/books?id=e_kbAAAAMAAJ&. 
  4. پير علي محمد شاهه جو مضمون ”سکر ۽ روهڙيءَ جا آثار قديمه“ الوحيد اسپيشل ايڊيشن جون 1936ع ڪراچي.
  5. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو