سولنگي
ڪل آبادي |
---|
350000.400000 |
نمايان آبادي وارا علائقا |
پاڪستان: 100000- 200000 |
ٻوليون |
سنڌي، سرائڪي، اردو، بلوچي، هندي، گجراتي، تامل، اهڙي طرح سولنگين جي هر علائقي مطابق ٻولي آھي، جنهن ۾ هو رهائش پزير آھن. |
مذھبَ |
لاڳاپيل نسلي گروھ |
سولنگي (انگريزي ٻولي: Solangi) راجپوت قوم جي هڪ ذات آھي[1][2][3][4] جيڪي ڏکڻ بھاولپور، ڀارت، نيپال، پاڪستان، بلوچستان، ايران، سريلنڪا، برما ۽ افغانستان ۾ رھن ٿا.[5] سولنگي مسلمان، ۽ هندو مذهب سان تعلق رکن ٿا.[4] سولنگي اگني ونسي (باھ جي ڪٽنب وارا) راجپوت قوم جي هڪ شاخ آھي. سنڌ ۽ ڀارت ۾ ھن ذات جا ماڻھو سولنڪي سڏجن.[6] ايس. ايم. چنا جي لکت موجب سولنڪي راجپوتن جي نسل مان آهن. سولنڪي لفظ اصل ۾ سنسڪرت جو لفظ ’سولڪ شانا‘ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ’خاص نشانين وارو‘. چيو وڃي ٿو ته هنن 931ع ۾ چوهاڻن تي فتح پاتي هئي. غُلام حيدر مهجور جي لکڻ موجب تَ” سولنگي اصل ۾ گجر، آگونسي(اگني ڪُل) راجپوت آھن. انهن جي جوڌن ۽ راجائن جي نالن پُٺيان هن قوم تي چالوڪيا، چلونڪي، سُلونڪي، سولنڪي ۽ سولنگي نالا پئجي ويا. اسلام کان اڳ ڌرمي شٶِديوتا جي پوڄا ڪرڻ سببان ڪن علائقن ۾ اِندِر ديوتا جي مڃيندڙن (جيڪي شو کي ڪونَ مڃيندا هئا) طرفان مهاشوي پوءِ مهاشي، ماشي ۽ ماڇي سڏيا ويا. خيرمحمد ٻرڙي جي لکڻ موجب هنن جي نسبت گجر ذات سان آهي. ڏهين صدي عيسويءَ ۾ هن ذات وارن گجرات تي حڪومت ڪئي هئي. ابو ظفر ندوي جي ’تاريخ گجرات‘ موجب هي اصل سنڌ جا رهاڪو هئا ڪن سببن ڪري هو سنڌ ڇڏي گجرات آيا ۽ ڪجهه اتي ئي رهي پيا. صدين کانپوءِ هو موٽي پنهنجي وطن سنڌ آيا. گُجرن جو 62 نکون هيون، انهن مان هڪڙي نک ’چالوڪيا‘ آهي. ان چالوڪيا جي هڪ شاخ ’سولنڪي‘ چئي وڃي ٿي. ڪرنل ٽاڊ ’تاريخ راجستان‘ ۾ سولنڪين جون 16 شاخون ڄاڻايون آهن[7]: (1) ڀاڳيل يا واگھيلا، (2) ڀيرپور يا وير پورا (3) ڀيل، (4) ڀرتا، (5)ڪلاچ، (6) لانگاھ، (7) ڊوگر (8) برڪو، (9) سرڪي، (10) سرواريا، (11)راءِ يا راءُ، (12) راڻڪيا، (13) کَر (14) تنتيا، (15) الميچا، (16) ڪالامور.[8] [9]راجپوتانا جا سولنڪي، چوهاڻن، جاڊن، تيمورن، راٺوڙن، گئورن سميت ڪن ذاتين سان ڏي وٺي جون شاديون ڪندا آهن. منگهارام اوجها جي ڪتاب ’پراڻو پارڪر‘ ۾ لکيل آهي ته سولنڪي، راجپوتن جي سورج ونسي نسل مان آهن، جيڪي اصل ’هندو‘ هئا، جن مان ڪافي مسلمان ٿيا ۽ ڪجهه اڃا به هندو آهن. ان کان سواءِ ٿر جي مختلف ذاتين: ڪولهين، سوٽهڙن ۽ مينگهواڙن ۾ به سولنڪي نُکون آهن.[10] ’ماڻڪٽارو رياست (جنهن جا آثار ڦلجي لڳ دادو ضلعي ۾ آهي) جو حاڪم جيسر ولد جج سولنڪي چيو وڃي ٿو.[11]
بڻ بڻياد
[سنواريو]ايس. ايم. چنا جي لکت موجب سولنڪي راجپوتن جي نسل مان آهن. سولنڪي لفظ اصل ۾ سنسڪرت جو لفظ ’سولڪ شانا‘ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ’خاص نشانين وارو‘. غلام حيدر مهجور جيڪو سولنگي جاتيء جي ريتن رسمن جو وڏو ڄاڻو آھي،[12] تنهن جي لکيل ڪتاب ” تاريخ راجپوت سولنڪي(سولنگي)، هند سنڌ ۾ سندن هڪ هزار سالا حڪمراني“ جي لکڻ موجب سولنڪي راجپوتن جي باري ۾ کوجنا ڪندي اتهاسڪارن ٻہ الڳ رايا ٻڌايا آھن. پهريون نظريو هندو ڌرم وارن برهمڻن جو تہ ”سولنگي اگني ڪُل راجپوتن جي ڇاڙھ آھن.“جن کي آبو پهاڙ تي اگني ڪنڊ مان برهما ديوتا اپايو ۽ چلونڪي وياڪرڻ ڦِري سلونڪي(سولنڪي) ٿيو، جيڪو برهما جي چلو(ھٿ تريءَ) تي ٺھيو ۽ باھ مان نڪري ظاهر ٿيو.[13] ٻيو نظريو ته ”سولنڪي گجر نسل آھن.جيڪي آڳاٽن آرين کان پوءِ واري ٽولي ۾ هندوستان ۾ آيا. اگر آرين کان پوءِ وارو ٽولو ڏٺو وڃي تَہ بِہ اٽڪل ٻَہ هزار سال عيسوي سن کان پهريان آرين جا ڪٽڪ جهوج جي اڳواڻيءَ ھيٺ هندوستان ۾ آيا.[1][14] پرمارن جي شلا ليکن ۾ انهيءَ گهراڻي جي وڏي جو نالو ڌوم راج ڏيکاريل آهي. ڌوم معنيٰ دونهون، جو باهه مان پيدا ٿيندو آهي. شايد انهيءَ تي، پرمارن جي وڏي جو اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيڻ ۽ انهن جوا گني ونسي چوائڻ جي ڏند ڪٿا، پوءِ من گهڙت ئي هجي ته عجب ڪونهي. پڙهيار سوريه ونسي آهن(ڏسورپورٽ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا سن3-1904ع صفحو 280).[15] پرمار برهم کتري ونسي (ڏسو پنگلاسوتر ورت) مگر مرهٽن جي ونساولي ۾ پرمارن کي سوريه بنسي لکيو اٿن. پرمارن جي مڃتا، ته هومهرشي وسشٽ جي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيا آهن. سا تاريخ دانن، ودوانن ۽عالمن کي قبول ڪونه آهي. هو ان کي من گهڙت سمجهن ٿا. ڇاڪاڻ ته مالوا جي پرمار راجا مونج (سنبت 1028-1054 عيسوي سن 971-997ع) کي، راجا پنڊت هلايڌ ”پنگل سوترورتي“ پستڪ ۾ برهم کتر گهراڻي جو چيو آهي. انهيءَ شبد (لفظ) جي وياکياڻ ڪندي، اتهاس ويتائن (تاريخدانن) ۾ مت ڀيد آهي. ڪي چون ٿا ته برهمڻ وسشٽ جي يگيه جي رکيا ڪرڻواري ۽ راڪشسن جي حملي کي ٽارڻ واري کي راجپوت چيو ويو آهي. ٻيو هيءُ به رايو آهي ته هي ماڻهو برهمڻ ۽ کتري ٻنهي ذاتين جو گڏيل سنتان آهن، جو اهڙين شادين جو رواج اڳي هندن ۾ عام هو. يا اهي وڌرمي هئا ۽ برهمڻن جي ستڪار سان شڌ ٿي انهن کي ڇتري ڪيو ويو. انهيءَ ڪري انهن لاءِ ”برهم کتر ڪلين“ لفظ لاڳو ڪيو ويو. هڪ اها به معنيٰ ڪڍي وڃي ٿي ته جن جا وڏا برهمڻن مان کتري ٿيا هجن، انهن کي ”برهم کتر“ چوندا آهن يا انهن ماڻهن کي جن ۾ برهمڻن ۽ کتري ٻنهي جا گڻ موجود هجن. ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو ته ، ”پنجين صديءَ جي پڇاڙي کان ستين صدي جي شروعات تائين سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جا راجائون هئا. اُهي اول شودر هئا پوءِ برهمڻي ڌرم کي مڃڻ لڳا ته برهمڻن سندن شڌي ڪري کتري بنايو. اهي اگني ڪُل مان پيدا ٿيا، جنهن ڪري اگني ڪل مان پيدا ٿيل کتري راجپوت سڏجڻ۾ آيا. ان کان ٿورا ورهيه اڳ چيني سياح هوانشيانگ 640ع ۾ هندستان ۾ اچڻ وقت، راءِ سهاسي ٻئي جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو هو. هن پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته ”سنڌ جو راجا شودر هو.“ سولنڪي پاڻ کي اگني ونسي چوائين ٿا ۽ پنهنجو مول پرش چولڪيه سمجهن ٿا. پر اڳين شلا ليکن، ٽامي پترن ۽ اتهاسن ۾ اگن ونسي ڄاڻايل ڪونه آهن. (2) چوهاڻ به اگن ونسي چوائين ٿا، پر سورهين صديءَ جي مليل شلا ليکن ۾ ڪٿي به ائين ڄاڻايل ڪونهي. ڪتاب تاريخ ريگستان جو ليکڪ راءِ چند هريجن صفحي 28 ۽ 29 ۾ ڄاڻائي ٿو تَہ ”پرٿوي راج راسا“ ڪتاب موجب چار گهراڻا آبو جبل تي ڪيل يگيا منجهان اُپيا. جن بابت ڪن جو رايو آھي ته پراچين کترين جي ٻُڌ ڌرم ۾ وڌا ويا هوندا جن کي برهمڻن شُڌ ڪري آريا ڌرم ۾ ورتو هوندو يا اهي چارئي گهراڻا به هُڻ، شاڪ ۽ ٻين وانگي ٻاهران آيل هوندا جن کي برھمڻن شُڌ ڪري پنهنجي قوم ۾ ورتو هوندو.[16] پر کوجنا ڪندڙ اگني ڪُل کي سوتنتر نٿا سمجهن. اگني ڪُل يا اگني ونس ۾ چارئي ڪُل مڃيا وڃن ٿا. پر شلاليکن ۽ پراچين اتهاسڪ گرنٿن ۾ چوهاڻ سورج بنسي آھن[17] [18] [19]. سولنڪي چندر ونسي آھن. (اوجها سولنڪيون ڪا پراچين اتهاس، چار سنبت 1964ع).[20] ڪي يورپي اتهاس ليکڪ لکن ٿا ته پرمار، پڙھيار، سولنڪي ۽ چوهاڻ راجپوت جت يا گجرن جي ڦري سان واڳاپيل آھن جي وچ ايشيا مان لڏي ڇهين صديءَ جي اوائل ڌاري اتر هندستان ۾ آيا هئا يعني پنجين صديءَ جي آخر ۾ .[21] راجپوت تہ ڪا خاص ذات ناهي اصل ۾ اهي سنڌ جا جت آھن جن کي مينهون، ٻڪريون، ڳئون، رڍون ۽ اٺ چارڻ ڪري ڌنار طور گجر جو لقب مليو. جت يا گجر سنڌ جي اصلوڪي پراڻين قومن مان هڪ آھن. جن کي حڪومت حاصل ڪرڻ سُتت برهمڻن، جي ان دور جا ڌرم گُرو هئا کين ”راجپوت“ ڪوٺيو. سولنگي جتن جي انگريز سرڪار پاران ڪيل جاتين جي سروي جي ڪتاب” گزيٽيئر بامبي پريزيڊنسي ٽرائيبس اينڊ ڪاسٽس“ جي پني 269 تي راجپوت، خارو، گاٶلي ۽ ڪنڀار جو ڀاڱو ڄاڻايل آھن.[22][23]جنهن ۾ جتن(راجپوتن) جا 103 پاڙا ڄاڻيل آھن جن ۾ سولنگي(سولنڪي) به هڪ آھن[24].[25]
اَگني ڪُل جو نظريو
[سنواريو]سندن جنم جي ڪهاڻي هڪ عجيب آکاڻي آهي وشنو ڀڳوان جو ڇهون اوتار پرسرام هو، جو رشي جمدگني جو پٽ هو. هڪ دفعي راجا ڪرت ويريا، جمدگني وٽ هڪ گانءِ ڏٺي جا ڪامڌين هئي. ڪامڌين معنيٰ اُها گانءِ جنهن وٽان اميدون پوريون ٿين، يعني جنهن کان جيڪي گهرجي سو ملي. ههڙي عجيب گانءِ تي راجا جي دل ٿي. هن جمدگني کان گانءِ گهري پر هن نه ڏنس. تنهن تي راجا اُها گانءِ زبردستي ڪاهرائي هليوويو. اُن وقت سندس پٽ پرسرام گهر ۾ موجود ڪونه هو، پر پوءِ جڏهن اچڻ وقت ان ڳالهه جي خبر پيس، تڏهن تپي باهه ٿي ويو ۽ بنا دير جي وڃي راجا کي ماري، گانءِ آڻي پنهنجي پيءُ کي ڏنائين. راجا جي پٽن پنهنجي پيءُ جي وير وٺڻ لاءِ جمدگنيءَ جي آشرم تي ڪاهه ڪئي. ان وقت پرسرام ڪيڏانهن ٻاهر ويو هو ۽ جمدگني گهر ۾ اڪيلو ويٺو هو. راجڪمار هن کي اڪيلو ڏسي کيس ماري هليا ويا. پرسرام پوءِ جڏهن پنهنجي آشرم ۾ موٽي اچي هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن سڄي ڳالهه معلوم ڪري پرن ڪيائين ته اِهي راجڪمار ته پورا ڪندس، پر ڪوبه کتري ٻچو جيئرو نه ڇڏيندس. هيءَ سڄي ڳالهه پراڻن ۾ ڏنل آهي ۽ ائين به ڄاڻايل آهي ته پرسرام ايڪيهه دفعا کترين جو ڪُل ناس ڪيو هو. آڳاٽن کترين جو ڌرم هو برهمڻن ۽ ٻين ذاتين جو بچاءُ ڪرڻ. کتري ناس ٿي ويا ته برهمڻن ۽ ٻين جي سنڀال ڪير ڪري؟ اُن تي خود برهمڻ اچي ڪڪ ٿيا، ڇاڪاڻ جو ان وقت هندستان ۾ دائت، اسسر ۽ دانو گهڻا هئا، جي عالمن جي چوڻ موجب سٿين لوڪن مان هئا. اُهي برهمڻن کي مڃيندا ته ڪونه هئا، پر هنن کي پاڻ آزاريندا هئا. کتري انهيءَ ڪري برهمڻن جو وڏو بچاءُ هئا، پر هاڻي ته اهڙو ڪو کتري ٻچو بچيو ئي ڪونه هو، جو هنن دئتن جي آزار کان کين بچائي. اُنهيءَ وقت ڪيترائي رشي ۽ مني آبو پھاڙ پهاڙ تي رهندا هئا. برهمڻن کي تڪليف ۾ ڏسي وسشٽ مني آبو جبل تي رشين ۽ منين سان صلاح ڪئي ته هاڻي برهمڻن جي بچاءَ لاءِ ڇا ڪجي. آخر سڀني پاڻ ۾ صلاح ڪري برهما، وشنو ۽ اندر ديوتا کي وينتي ڪئي ته توهين ڪي کتري پيدا ڪريو، جي دئتن کي ناس ڪري برهمڻن جو بچاءُ ڪن. رشين پوءِ ابو پهاڙ جي ڏکڻ الهندي ڪنڊ تي يگيه جي اگني دکائي، اندر ديوتا کي چيو ته اول اوهين ڪو کتري اُپايو. رشين جو چوڻ مڃي اندر ديوتا ڊڀن جو هڪ پتلو ٺاهي، ان تي امرت ڇٽڪاري پوءِ اُهو پتلو اگني ڪنڊ ۾ اڇلايو ۽ پوءِ سنجيوني منتر (جيئارڻ جو منتر) اُچاريائين: ته ڏسو ڪرتار جي قدرت جو اگني مان هڪ ازغئبي مرد ٻاهر نڪري آيو، جنهن کي ساڄي هٿ ۾ گدا هئي. هو اگني مان نڪرڻ وقت چوندو آيو ته ”مار، مار“. انهيءَ سبب هن تي ”پرمار“ نالو پيو. پرمار لفظ جي معنيٰ آهي پراون يا ڌارين کي ماريندڙ. ٽاڊ صاحب پرمار لفط جي معنيٰ ”پهريون ماريندڙ“ يا ”ڌڪ هڻندڙ“ لکي آهي.رشين ۽ منين جي چوڻ تي، پوءِ برهما ٻيو هڪ پتلو ٺاهي يگيه جي اگني ۾ وجهي، منتر اچاريو ته اگني ڪنڊ مان هڪ ٻيو جوان پيدا ٿيو، جنهن کي هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي هٿ ۾ ويد هئا. اُنهيءَ تي ”چلونڪي“ نالو پيو، ڇاڪاڻ ته هو برهما پهريائين جڏهن پنهنجي هٿ جي تريءَ تي پتلو ٺاهيو، تڏهن هي پيدا ٿيو، تنهن ڪري اهو نالو مليس. چلونڪي لفظ جو اُچار پوءِ ڦري سلونڪي (سولنڪي) ٿيو آهي. شو ڀڳوان پوءِ اگني ڪنڊ مان هڪ ڪاري شڪل وارو جوان پيدا ڪيو. انهيءَ جوان کي لڙائيءَ جو فن گهڻو ياد نه هو، مگر پهريداريءَ لاءِ پختو هو، تنهنڪري هن کي دربان يا پهريدار مقرر ڪيائون ۽ انهيءَ سبب هن تي ”پرٿوي دوار“ نالو پيو. پرٿوي معنيٰ دروازو. هو گويا پر ٿوي جي دروازي جو نگهبان هو، تنهن ڪري اهو نالو مليس. پرٿوي دوار لفظ جو اُچار پهريائين ڦري ”پرٿهيار“ ٿيو ۽ هاڻي عام طرح پڙهيار چئبو آهي. وشنو ڀڳوان اگني ڪنڊ مان پوءِ پاڻ جهڙو هڪ چتر ڀڄ (چئن ڀڄائن يا ٻانهن وارو) مهاتيجوسي جوان پيدا ڪيو، جنهن جو رنگ ڪرشن ورن (ڪارو) ۽ تمام بهادر هو. ڀريل ترڪش ٻڌل هوس ۽ هڪ هٿ ۾ ڌنش (تير ڪمان) ۽ ٻئي ۾ تلوار هئي، ان تي نالو پيو ”چترنگ“. سنسڪرت ۾ چتر معنيٰ چار انگ معنيٰ بت. چترنگ معنيٰ چئن بتن وارو. حقيقتن بت چار ڪونه هوس پر بهادر هو. چترنگ لفظ جو اُچار پوءِ ڦري چوهاڻ ٿيو. هاڪارو راجا پرٿويراج چوھاڻ راجپوتن مان هو. اهڙيءَ طرح راجپوتن جي قوم ديوتائن جي مهربانيءَ سان پيدا ٿي. ابو پهاڙ تي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيا، تنهنڪري انهن کي ”اگني ڪُل“ يعني اگني (باهه) جي ڪٽنب وارا به چئبو آهي. اها اگني ڪنڊ، جنهن مان راجپوت پيدا ٿيل چوڻ ۾ اچن ٿا، سا اڄ تائين ابو پهاڙ تي قائم آهي ۽ اها راجپوتن لاءِ تيرٿ جو وڏو آستان آهي. راجپوتن جي جنم جي اها ڪهاڻي هڪ ڏند ڪٿا آهي، جا پراڻن ۾ ڏنل آهي ۽ ڪرنل ٽاڊ به اهائي ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته سڄي هندستان جا راجپوت اها ڳالهه سچي ڪري مڃين ٿا. پنهنجي هن حقيقت جي تصديق لاءِ هو ڪيترن شلا ليکن جا حوالا پيش ڪن ٿا. اهڙن اٺن شلا ليکن جو احوال ”ڌار رياست“ جي اتهاس ۾ آيل آهي. آبوجبل تي اچلي شور مهاديو جي مندر ۾ هڪ ليک لکيل آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته پرمار دونهي مان پيدا ٿيو هو ۽ شترو ماريا هئائين. راجا مونج کان پوئين شلا ليکن ۾ ۽ اتهاسڪ پستڪن ۾ پرمارن جي وڏي جو آبوجبل تي مهرشي وسشٽ جي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيڻ برابر ڏيکاريل آهي، مگر اها ڪلپنا به اتهاس جي انڌڪار ۾ پوءِ ڪيل معلوم ٿئي ٿي.
راڄ
[سنواريو]تاريخ راجپوت وادي سنڌ ۾ راء مظفر حسين پني 67 تي آئين اڪبري جلد هڪ ليکڪ ابولفضل جو حوالو ڏئي لکي ٿو ته سولنڪي راڄ جي آخري ڪمزور راجائن اسلام مڃي ڪري چوڏهن مسلمان سولنگي نانڪ راجائن جي حيثيت ۾ هڪ سٶ سٺ سال(160) ۽ ڪجهه مهينا گجرات تي راڄ ڪيو.[26] جنهن بابت آئين اڪبري ڪتاب جي پني 969 ۽ 960 تي ڳالھ ٿيل آھي. وڌيڪ لکي ٿو تَ” ھن قوم جا تاريخي حالت ايتري قدر مفصل آھن ۽ ان جي مشھوري ايتري پکڙي جو هي قدامت جي معاملي ۾ چوهاڻ راجپوت ۽ پرمار راجپوت ڪٽنب جي هم پله شمار ڪئي وڃي ٿي. هن ڳالھ ۾ شڪ ناهي تَ هن جون ٻَ شاخون لنگاھ ۽ ڊوگر راجپوت ملتان ۽ ان جي آسپاس جي ضلعن ۾ سڪونت پذير آھن. جنهن زماني ۾ ڀٽي راجپوتن ريگستان ۾ پنهنجا قدم ڄمايا ان زماني ۾ هيءُ ئي ٻَ شاخون هيون جن انهن سان ٽڪر کاڌو. گجرات ۽ سوراشٽر جي زرخيز ۽ شاداب جاين تي تخت دهليءَ جي تاتاري مسلمان بادشاهن انهلواڙا (جيڪو سولنگين جو تختگاھ ھو) کي تباھ ۽ برباد ڪيو ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. سولنگي(چالوڪيا) راجپوتن جن دير سان مذھب مٽايو هو ۽ مسلمان ٿيا، انهن مان هڪ جي اولاد نئين سر رونق ڏني. اهو شخص ظفر خان جو پُٽُ هو، جيڪو تخت گجرات تي رونق افروز ٿيو. مگر انهيءَ حڪومت احمد کي ڏني جنهن احمد آباد ٺاهيو. سولنگي خاندان انهلواڙا مان نڪري ويو پر ان جون ڪجهه شاخون بڙ جي وڻ وانگر ٻين حصن ۾ مضبوط ٿي رهيون هيون. هن خاندان جي هڪ شاخ بگهيل ۽ ”کنڊ“ ٿي وئي. ڪيتري ڊگهي عرصي تائين سڌراءُ جو اولاد صدين کان بگهيل يعنيٰ کنڊ حڪومت ڪرڻ لڳو. بگهيل سولنگي قوم جو خطاب ڀاڳ راٶ ولد سڌراءِ جي ڪري آھي. ميواڙ ۾ سولنگي راجپوتن جو هڪ رئيس اوپن تي قابض رهيو. ان جو قلعو اوپن ڳڙھ تمام مستحڪم هو. هن خاندان جا ماڻھو اهڙا جنگجو ۽ بهادر هئا جو شازونادر ئي طبعي موت مئا هوندا، ورنه جيڪو بِ مئو سيني تي ترار کائي مئو. هنن لاءِ مشھور آ تَ هن ڪٽنب جا ماڻھو ٽيھن سالن کان مٿي عمر نَ ماڻيندا هئا. [27] دکن ۾ 543ع يا ان کان اڳي چالوڪيا سولنڪي راڄ شروع ٿيو.[28] سولنڪي(سولنگي) قوم جي هڪ ڇاڙھ ”راءِ“ سن 495ع کان 632ع تائين راءِ گهراڻو جي نالي سان آڳاٽي سنڌ ۾ راڄ ڪيو. هوڏانهن ”چالوڪيا سولنڪي“ دکن ۽ گجرات ۾ بدامي ۽ ڪلياڻيءَ ۾ راجا پوليڪسن جي اڳواڻيءَ ۾ سولنڪي راڄ قائم ڪيو جنهن جي نسل مان پوليڪسن ii تي 620ع ڌاري راجا هرشورڌن گجر اڳرائي ڪئي جيڪو لشڪر مارائي سولنڪي راجا هٿان هار کائي موٽيو.[29] پنج سؤ عيسويءَ جي دور ۾ سولنگي راڄ سنڌ ۽ هند ۾ قائم هيا. ڄڻ تہ ان دور ۾ ننڍي کنڊ تي سولنگي راجا ڇانيل هئا.[30]اهو دور اسلام جي اچڻ کان 115 سال اڳ جو هو. سولنگي راڄ مغل بادشاهن جي اچڻ تائين هند ۾ قائم هيا. سندن راڄ جو دور هڪ هزار سال لڳاتار رهيو. هند سنڌ ۾ اهڙي ٻي ڪا بِہ جاتي نظر نٿي اچي، جنهن هڪ هزار سالن تائين راڄ ڪيو هجي. 1210ع ۾ جيسر پٽ جج ماڇي سولنگي ماڻڪٽاري ۾ راجا هو. ماڻڪٽارو سندس راڄڌاني هو. جنهن جا کنڊر اڄ به دادو پرڳڻي جي ڦلجي اسٽيشن جي ڀر ۾ آھن.[31] ماڻڪٽارو شھر سولنگي راجا ماڻڪ راءِ ٻَڌرايو هو. سولنگين جا سورنهن 16 پاڙا آهن.[32]
ماڇي
[سنواريو]ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب” جامع سنڌي لغات“ ۾ ڄاڻايو آھي ته ماڇي سنسڪرت جي لفظ ” متسيا“ مان ورتل آھي ۽ معني` اٿس ” مهاڻو، مڇي ماريندڙ“[33] وشنو پراڻ ۾ آيل آھي تہ وئيوسُوَتُ سَتياورتُ شِريڌاديو (مَنو ڀڳوان) وڏي ٻوڏ کان پهريان دراوڙن جو راجا ۽ ديوتا پڻ ھو. جنهن کي وشنو ڀڳوان مَتسَيا (ڌڙ مڇي ۽ مهانڊو ماڻھوءَ جو) جو روپ وٺي اهو ٻڌايو ته هڪ وڏي اوڳاھ يا مهاٻوڏ ايندي جنهن ڪري پرٿويءَ تان نسلن جي پرلئه ٿي ويندي. هن کيس هڪ وڏي ٻيڙي ٺاهڻ جو چيو جنهن ۾ منوءَ ويد، پنهنجو ڪٽنب، سپت رشي(ست مهاپُرش) ۽ گهڻيون ئي جيو جاتيون بچائي ورتيون. جن مان پوءِ ڌرتيءَ تي الڳ الڳ جاتين جي واڌ ويجھ ٿي.[34] ”وشنو ڀڳوان “ پڻ ”متسيا“ يا ”ماڇي” جو اوتار وٺي ”منو ڀڳوان“ کي مهاٻوڏ دوران ٻيڙي ٺاهڻ جو ڏس ڏنو هو. اها ڏند ڪٿا ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان ٻين سڀيتائن ۾ به ملي آھي، جيئن عراقي سڀيتا ۾ گل گاميش جي ڪٿا ۽ ابراهيمي ڌرمن ۾ نوح جي ڪٿا.[35] ماڇي سنڌ جي هڪ پراڻي نيات آھي ۽ پڻ سولنگين جي خاص سڃاڻپ آھي.[1]
ڌرم
[سنواريو]هن وقت سنڌ ۾ رهندڙ تقريبن 70% سولنگي مسلمان آھن.اسلام کان سوين سال پهريان کين مهاشو ديوتا جو سنڌ ۽ هند جو وڏو مڃتا رکندڙ ديوتا آھي تنهنجي پوڄا ڪرڻ انوسار کين مهاشوي سڏيو ويندو هيو. مهاشوي ڦري ماشي ٿيو جيڪو هاڻي ماڇي سڏجي ٿو. الڳ الڳ دورن ۾ سندن الڳ ڌرم پئي رهيا آھن جهڙوڪ هندومت، ٻڌمت، جين مت ۽ اسلام. جيئن حضرت عيسي` جي پيروڪارن کي عيسائي سڏبو آھي، تيئن مهاشو کي مڃڻ ڪري مهاشوي سڏيا.[1] جيئن ته اولھ کان آيل هر حمله آور سان سولنگي قوم سنڌ ڌرتيءَ جي بچاءَ لاء ويڙھ پئي ڪئي آھي، تنهنڪري ايراني، افغاني ۽ يوناني توڙي عرب حملہ آورن پنهنجي تاريخن ۾ سولنگين کي ماڇي گهٽ ذات اڇوت ۽ ٻين نيچ چوڻين سان نوازيو پئي آھي. پر ڪجهه سچائي پسند ليکڪن تعصبي ۽ ڌرمي خيال کان هٽي ڪري کين پنهنجي اتهاسڪ پنن ۾ چٽي جاءِ به ڏني آھي.[1]
حضرت نوح سان شجرو
[سنواريو]ايس صادق علي جي ”پنجاب ڪي ذاتين“ ڪتاب موجب ماڇي حضرت نوح جي وڏي پٽ حام جي نسل مان ڄاڻايل آھن، جنهن جو نسل پوري هند سنڌ ۽ اوڀر جون سموريون قومون آھن. اهڙي طرح سندس ٻئي پٽ سام جا نسل عرب، يوناني، ۽ ايراني آھن.[36]
مسلمان راجائن جا حملا
[سنواريو]گجرات ۾ سال 725ع مطابق 107 هجريءَ ۾ جنيد نالي مسلمان گورنر مارواڙ، مانڊل، ڌنج ۽ ڀروچ جي علائقن تي حملا ڪيا. جيڪي راجائون مهاراجا ڀوڙ سولنگيء کي ڍل ڏيندا هئا. جنيد جي حملن سبب راجا ڀوڙ سولنگيءَ جي حڪومت ڪمزور ٿي وئي ۽ ان جو فائدو جس راج جي پٽ بن راج چاوڙا (سمي) کي پيو، سندس حڪومت حملا ڪري ختم ڪري ڇڏي.[1] سال 1025ع ماھ ڊسمبر ۽ جنوري 1026ع ۾ جڏهن گجرات جي پاڙيسري راجائن تي محمود غزنويءَ حملا ڪيا. انهن پاڙيسري راجائن راجا ڀيم ديو اول سولنگيءَ کان مدد گُهري پر هن انهن جي مدد نه ڪئي. آخر ۾ محمود ڀيم ديو سولنگيءَ تي به حملو ڪيو ۽ کيس شڪست ڏنائين. پوءِ جڏهن ٻين راجائن سان اتحاد ڪري مقابلي لاءِ گڏيل فوج تيار ڪري محمود غزنويءَ جي مقابلي لاء بيهاريائين ته محمود غزنويءَ مقابلو نه ڪيو ۽ رستو مَٽائي ڪڇ ڪراس ڪري سنڌ مان ٿيندو غزني هليو ويو. جنهن جي ڪروڌ ۾ ڀيم سنڌ تي حملو ڪيو. [37][1]
سن 1177ع ۾ مولراج ٻيو سولنڪي ننڍڙو ٻار گجرات جو تخت نشين ٿيو ته محمد شھاب الدين غوريءَ گجرات تي حملو ڪيو. مولراج جي ماء نائڪا ديوي کيس هنج تي کڻي ميدان جنگ ۾ فوج کي اُڀاري رهي هئي ۽ آخر ڪاميابي ماڻيائين.[1]
1194ع مطابق 591 هجريءَ ۾ محمد شھاب الدين غوري (پٺاڻ ) جي گورنر قطب الدين ايبڪ گجرات تي حملو ڪري فتح ڪيو. سندس واپس وڃڻ کان پوء وري راجا ڀيم ديو گجرات تي قابض ٿيو.[1]
سال 1196ع مطابق 593 هجري ۾ وري ٻيهر قطب الدين ايبڪ گجرات تي حملو ڪري ڀيم ديو کي شڪست ڏني. قطب الدين جي وڃڻ کان پوء ٻيهر ڀيم ديو سولنگي گجرات واپس حاصل ڪئي. پر پوء پرٿوي راج چوهاڻ جي حملن کيس ڪمزور ڪري وڌو.[1]
سن 1304ع ۾ علاٶالدين خلجي گجرات جي راجا ڪرن ديو باگهيلا سولنگيءَ تي حملو ڪري شڪست ڏني ۽ هندو سولنگي راجائن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. ان بعد وري چوڏهن نانڪ سولنگي مسلمان بادشاهن گجرات تي 160 سال حڪومت ڪئي. جنهن کان پوء سولنگي حڪمرانيءَ جو زوال ٿيو.[1]
ڪجهه مڃيل ماڻھو
[سنواريو]- محمدخان مسرور
- سمي سولنڪي
- رجب آزاد سولنگي
- انور سولنگي
- سليم سولنگي
- منظور سولنگي
- سائينداد سولنگي
- غلام حيدر مهجور
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 ڪتاب: تاريخ راجپوت سولنڪي (سولنگي) هند سنڌ ۾ سندن هڪ هزار سالا حڪمراني، محقق و مرتب مهجور غلام حيدر سولنگي.
- ↑ جامع سنڌي لغات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
- ↑ "سولنگي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-15.
- ↑ 4.0 4.1 Rathore, Abhinay. "History of Solankis". Rajput Provinces of India. حاصل ڪيل 2020-10-15.
- ↑ Crooke, William (1890) (en ۾). An Ethnographical Hand-book for the N.-W. Provinces and Oudh. North-Western Provinces and Oudh Government Press. https://books.google.co.in/books?id=tCc-AAAAYAAJ&pg=PA90&dq=solanki+clan&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjj3aiRw6rpAhWv4HMBHaN6BpsQ6AEINzAE#v=onepage&q=chhokar%20clan&f=false.
- ↑ "Gujarat - History". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2020-10-15.
- ↑ Malik, Aditya (2005-02-24) (en ۾). Nectar Gaze and Poison Breath: An Analysis and Translation of the Rajasthani Oral Narrative of Devn-ar-aya.n. Oxford University Press. ISBN 978-0-19-803420-9. https://books.google.co.in/books?id=jJNwHFZyl6wC&pg=PA95&redir_esc=y#v=onepage&q&f=false.
- ↑ "Solanki - Jatland Wiki". www.jatland.com. حاصل ڪيل 2021-05-30.
- ↑ Majhi, Anita Srivastava (2010) (en ۾). Tribal Culture, Continuity, and Change: A Study of Bhils in Rajasthan. Mittal Publications. ISBN 978-81-8324-298-1. https://books.google.co.in/books?id=lGyzY12uSr8C&pg=PA49&redir_esc=y#v=onepage&q&f=false.
- ↑ "Solanki - Jatland Wiki". www.jatland.com. حاصل ڪيل 2021-01-03.
- ↑ ڪتاب ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا، ليکڪ خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي، سال 2005ع
- ↑ "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2020-11-04.
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-10-18.
- ↑ "Journal of the Royal Asiatic Society". Cambridge Core. حاصل ڪيل 2021-08-18.
- ↑ ڏسورپورٽ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا سن3-1904ع صفحو 280
- ↑ ڪتاب تاريخ ريگستان ليکڪ راءِ چند هريجن صفحو 28 ۽ 29
- ↑ "Gujarat | History, Map, Population, & Facts". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2020-10-17.
- ↑ جنرل آف رايل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن سن 1903ع).
- ↑ پرٿويراج وجيا ڪاويا سُرڳ پهريون،
- ↑ سولنڪي چندر ونسي آھن. (اوجها سولنڪيون ڪا پراچين اتهاس، چار سنبت 1964ع).
- ↑ ڪتاب: رايل ايشياٽڪ سوسائٽي جرنل(1905ع) ليکڪ ڊاڪٽر رڊولف هورٽلي صفح 1.4
- ↑ People of India. Gujarat, Volume XXI Part Two, ed. R. B Lal, P. B. S. V Padmanabham, G. Krishnan & M. Azeez Mohideen, pp. 789-793.
- ↑ ڪتاب” گزيٽيئر بامبي پريزيڊنسي ٽرائيبس اينڊ ڪاسٽس“ پنو 269
- ↑ (en ۾) The Jats: Their Role & Contribution to the Socio-economic Life and Polity of North & North-west India. Originals. 2004. ISBN 978-81-88629-52-7. https://books.google.co.in/books?id=8BFuAAAAMAAJ.
- ↑ ڪتاب” گزيٽيئر بامبي پريزيڊنسي ٽرائيبس اينڊ ڪاسٽس“ پنو 269
- ↑ "Walk Through the History of Ahmedabad in 7 Phases - Holidify". www.holidify.com. حاصل ڪيل 2020-10-19.
- ↑ ڏسو ڪتاب” تاریخ راجپوت وادیِ سندھ، ناشر اور پبلشر راٶ محمد امتیاز کی بلاک۔ ڈیرا غازی خان سال 1979ع مطبع ھمدرد پرنٹنگ پریس ملتان، صفع 69، 70.
- ↑ Solanki, Karan. "Solanki: History of Solanki's". Solanki. حاصل ڪيل 2020-11-09.
- ↑ Banerjee, Shoumojit (2016-04-25). "‘Pulakeshin’s victory over Harsha was in 618 AD’" (en-IN ۾). The Hindu. ISSN 0971-751X. https://www.thehindu.com/news/national/%E2%80%98Pulakeshin%E2%80%99s-victory-over-Harsha-was-in-618-AD%E2%80%99/article14255348.ece.
- ↑ "File:Map of solanki ruleyeسولنڪي حڪمراني نقشو.jpg - Wikimedia Commons". commons.wikimedia.org. حاصل ڪيل 2020-11-02.
- ↑ "پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو) (گلزار ڪلهوڙو پاٽائي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-10-18.
- ↑ https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/e/ed/Map_of_solanki_ruleye%D8%B3%D9%88%D9%84%D9%86%DA%AA%D9%8A_%D8%AD%DA%AA%D9%85%D8%B1%D8%A7%D9%86%D9%8A_%D9%86%D9%82%D8%B4%D9%88.jpg[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ "Matsya | Hinduism". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2020-10-17.
- ↑ "Manu | mythology". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2020-10-19.
- ↑ "Matsya | Hinduism". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2020-10-15.
- ↑ Rathore, Abhinay. "History of Solankis". Rajput Provinces of India. حاصل ڪيل 2020-10-17.
- ↑ ڪتاب سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا، پروفيسر محمد حسن پنهور