ڪلاچ
ڪلاچ يا ڪالاچ سولنگي يا ماڇي ذات جي هڪ نک آهي جا گجرات, ڪڇ, ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي ڪن ڀاڱن ۾ آباد آهي. عام طور تي هي ماڻھو مڇي مارڻ جي ڪرت سان لاڳاپيل رهيا آهن, جي ڪن جاين تي عام طور مڇير, مُھاڻا يا ملاح سڏراين. هندستان جي گجرات پرڳڻي ۾ هي ماڻھو عام طور ماڇي مارڻ واري ڪرت ڇڏي چڪا آهن. پر مڪران, لس ٻيلي ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽن سان هي اڃا تائين ان ڌنڌي سان لاڳاپيل آهن. جن کي بلوچن جدگالن ۾ شمار ڪري ڇڏيو آهي. ميجر جنرل هيگ جي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ۽ لانگ ورٿ ڊيمس جي بلوچ قوم ڪتاب موجب ميد يا ماڇي سنڌو درياھ جي ڪنارن جا قديم مھاڻا آهن, بلوچ اهي نالا حقارت سان ڪتب آڻيدا آهن. ڪتاب تاريخ راجپوت واديِ سنڌ جي ليکڪ راءُ مظفر حسين سندس ڪتاب ۾ سولنڪي يا سولنگين جو سورهن نکون ٻڌايون آهن جن منجھان ڪالاچ يا ڪلاچ پڻ هڪ نُک آهي. هن سنڌ راڄ بارڊ ٽيڪرا, ڪبير واقع جيسلمير درياءُ سنڌ صوبي پنجاب جي اولھ ۾ ڄاڻايو آهي. سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي شھر پڻ ڪنھن سمي ڪالاچن جي هڪ ننڍڙي وستي هيو. جنھن پويان مورڙو ميربحر جي ڪٿا لاڳاپيل آهي.