اتھاس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اتهاس(انگريزي: Ithas ) لفظ جي اکري معنيٰ آهي ”ائين ٿيو آهي" هندن جا ٻہ مکيہ اتهاس رامائڻ ۽ مهاڀارت آهن، پر اڳي ”اتهاس“ لفظ جي وڏي معنيٰ هئي. ڪؤٽليہ جي ارٿ شاسترن مان معلوم ٿئي ٿو تہ پراڻ، اِتيورت(انگريزي: Itivritta ) ، تاريخ، اُدهرڻ (تمثيلي اڌرڻ واريون ڪھاڻيون)، ڌرم شاستر ۽ ارٿ شاستر انهن سڀني کي گڏي ”اتهاس“ چوندا هئا، ۽ اتر هندستان جو هرڪو راجڪمار (شهزادو) اتهاسن جو اڀياس ڪندو هو[1].اتهاس جو مطلب تاريخ يا اڳين واقعن جو احوال يا قديم سورمن جون ڪهاڻيون آهي، جيئن مهاڀارت، رامائڻ ۾ موجود واقعا وغيره[2].

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي؛ چوٿون ايڊيشن 2004ع، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page28.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.