مواد ڏانھن هلو

رشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


رشي وشوامترا جنھن کي ميناڪا پاسي ۾ ويھي سنياس مان گھرو زندگي طرف اچڻ لاءِ قائل ڪري رھي آھي

رشي: Rishi : (Sanskrit: ऋषि IAST: ṛṣi) ھڪ ويدن مان ورتل لفظ آهي جيڪو ويدن جي شاعر لاءِ استعمال ٿيو آهي.ويدن کان پوءِ وارين ھندو روايتن موجب رشي وڏا ساڌو ۽ سنياسي ھئا جن وڏي تپسيا ڪري عظيم سچ ۽ دائمي علم کي سڃاتو ۽ ان کي ھنن بيتن جي صورت ڏني.[1]

مندر ۾ اڪريل ويدن جي رشي جي مورت

هندو سڀيتا جا بانيڪار ”رشي“ آهن. ”رشي“ انهن کي چئبو آهي، جن ويدن جون رچائون (Hymns) چيون آهن. مطلب ته رشي ”ڪوي“ يعني شاعر هئا. اڄ جيڪو علم عروض جي قاعدن پتاندر شعر جوڙي ٿو، سو شاعر سڏجي ٿو. ائين ڪيترن کي شوق کڻي شاعر ڪيو آهي، نه ته سچ پچ ته اهي فقط .سگهڙ“ (Poetasters) آهن. شاعري ٻي شي آهي. شاعر يا ڪويءَ جي اصل معنيٰ هئي ”ڄاڻو“. دنيا ۾ جيڪي وهي واپري ٿو، تنهن جي سڌ جيتري شاعر کي آهي، تيتري ٻئي ڪنهن کي ٿي ڪين سگهندي. ڀلي ته ڪو ڪيترو به علم پرائي عالم ۽ فاضل ٿئي، ۽ ويد پڙهي وڏو پنڊت ٿئي. پر ڪويءَ يا شاعر کي ئي اندرين سوجهيءَ جو ورثو عطا ٿيل آهي. اها اندرين سوجهي هڪ الاهي ڏات آهي، جنهن جو ذات پات سان ڪوبه لاڳاپو ڪونهي. رشين مان ڪي براهمڻ، ته ڪي کتري ته ڪي داسين يا ٻانهين جا ٻار (شودر) هئا. مثلاً وسشٽ مني براهمڻ هو، ۽ ڪاڪشون رشي اُشيج نالي هڪ داسي يا ٻانهيءَ جو ٻار هو.
”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.“
شاهه
رشين جو ڪو ڌار فرقو ڪونه هو. رواجي ماڻهن وانگر اهي به مڱيا پرڻبا هئا، ۽ ٻارن ٻچن وارا هوندا هئا. اهي چوپايو مال ڌاريندا هئا، کيتي ڪندا هئا، هٿيارن پنوهارن هلائڻ ۾ ڀڙ هوندا هئا، يگيه ڪندا هئا، ٻلين چاڙهيندا هئا، ۽ ديوتائن جو پوڄن ۽ ايشور جي اُستتي ڪندا هئا. رواجي ماڻهن ۽ رشين ۾ مکيه تفاوت هيءُ هو ته انهن رشين کي جيئن جيئن الهام ٿيندو هو، يا سرسوتي ٻولائيندي هئي، تيئن ويدن جون رچائون چوندا هئا. اهي وڏي دماغ وارا هوندا هئا، ۽ انڀو کُليل هون. هو ڌرتيءَ کان وٺي آسمان تائين پنهنجي شاعراڻي نظر سان نهاري، پوءِ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي، قسمين قسمين ڪاميابيون پائيندا هئا. اهي رشي هئا، جن اول ڌڻ ڌارڻ ۽ کيتي ڪرڻ جارواج وڌا، ۽ باهه ٻارڻ جو هنر ۽ بيا هنر ۽ ڪاريگريون ڳولي لڌائون. ماڻهن کي ڌرم ۽ نيتيءَ جون واٽون به سيکاريائون. سڀني ماڻهن جي جيوت سکي نبري، ۽ مندائتا مينهن وسن، ته ڏيهه ۾ ڏڪار نه پوي، تنهن لاءِ اندر ديوتا، ورڻ ديوتا، ۽ ٻين ديوتائن جي پوڄائن، يگين ۽ هون هوم ۽ ٻين ڪريائن ڪرمن جا رواج وڌائون. ائين شروع کان وٺي سڀيتا جو گاڏو سوڌيءَ راهه تي هلائي، سڄي هندو جاتيءَ کي وڏي اوج تي رسايائون. ان وقت جي سڀني هندو ماڻهن، راءَ توڙي رنڪ ائين ٿي ڄاتو ته اهي رشي ۽ براهمڻ ئي آهن، جي ويدن جا منتر پوريءَ وڌيءَ سان اُچارين ٿا، ته ديوتائون پرسن ٿين ٿا، جنهنڪري ماڻهنجي من جون سڀ مرادون پوريون ٿين ٿيون، ۽ جنگين ۾ سوڀ، ۽ ٻين سڀني ڳالهين ۾ فتح ٿئي ٿي. انهيءَ سبب سڀ ماڻهو رشين ۽ براهمڻن کي پوڄڻ لڳا، ۽ کين پنهنجي ڪل جو پروهت ڪيائون. خود راجائون سندن اڳيان سر جهڪائيندا هئا، ۽ سندن چرن ڌئندا هئا. اشوميڌ يگيه، راجسويه يگيه ۽ ٻيا يگيه کانئن ڪرائيندا هئا، ۽ کين موتي، سون، وستر، رٿ ۽ چوپايو مال وڏيءَ دل سان دان ڪندا هئا، جنهنڪري رشيءَ وڏيءَ هوند وارا هوندا هئا هلندي به ايتري هين، جو راجائن کي راج گديءَ تي وهارڻ توڙي گاديءَ تان لاهڻ سندن وس جي ڳالهه هوندي هئي. راجائون ٻڌل هوندا هئا عام خلق جي رائي سان، ۽ عام خلق ٻڌل هوندي هئي رشين ۽ براهمڻن سان تنهنڪري حڪومت جو سارو ڪاروبار رشين ۽ براهمڻن جي صلاح سان هلندو هو. ائين ڪئين صديون ساندهه هو راجائن جا وزير ٿي رهيا ته حڪومت جو چرخو چڱيءَ طرح هلندو رهي. وقتي ڪن رشين جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿيندي هئي، جيئن وسشٽ مني ۽ وشوامتر جي ٿي هئي، پر عام طرح اهي ساڙ وير کان آجا هوندا هئا. ڪي ته ميلو متو ئي ڇڏڻ واجب سمجهي، دنيا ترڪ ڪري، بن ۾ وڃي گذاريندا هئا. اهي ايڪانت ۾ ويهي، جيڪي فيلسوفي ۽ ايشوري گيان جون ڳالهيون سوچيائون، سي آرڻيڪن ۽ اُپنشدن ۾ ڄاڻايل آهن، جن جون ساکون يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن جا رهاڪو اڄ تائين پيا ڪن. اهي رشي فصاحت ۽ بلاغت جا صاحب هئا. بلاغت جو مکيه اصول هيءُ آهي ته ڳالهائجي ٿورو پر انهيءَ ۾ معنيٰ وڏي هجي. هن ڳالهه جي ثابتي سؤترن مان ملي ٿي، جن ۾ لفظ ٿورا، پر نهايت مائيدار آهن. گهڻي ڳالهائڻ مان هو ڄاڻندا ئي ڪين هئا، تنهنڪري سندن بليغ نڪتا نهايت گهڻا آهن. هن باري ۾ هڪ ڳالهه مثال طور هتي ڄاڻائجي ٿي.
هڪ لڱا باهوَ رشيءَ کي راجا واشڪليءَ وينتي ڪئي ته ”ڀلائي ڪري مون کي ٻڌايو ته آتما ڇا آهي؟“ رشيءَ کڻي سانت ڪئي. انهيءَ تي راجا وري وينتي ڪيس ته ”ڀلائي ڪري مون کي سمجهايو“. رشي چيس ته ”ٻچا مان توکي سمجهايان ويٺو، پر تون نٿو سمجهين“. ”شانتويم آتما“ يعني هيءَ آتما سانت آهي (شانتي سروپ آهي). ڏسو سندس گفتگو! سهڻي لعل لطيف به اهڙو فيلسوفانو گفتو ٻوليو آهي ته:
”جني ڏٺي سٿ، تني ڪڇيو ڪينڪي.“

حوالا

[سنواريو]

قديم سنڌ، ڀيرو مل مهرچند، سنڌي ادبي بورڊ، ص 407 کان 410.

سمورو مواد ان تان آندل آهي.


  1. Hartmut Scharfe (2002), Handbook of Oriental Studies, BRILL Academic, ISBN 978-9004125568, pages 13–15