باھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڪاٺين جي باھ
رنديل ڪاٺي جي ٻوري ۾ باھ ٻاري وسائڻ متعلق ھڪ وڊيو
دنيا جي اندر باھ لڳڻ وارين جاين جو ناسا جي سيٽلائيٽ مشاھدي سان ٺھيل نقشو جنھن ۾ مختلف رنگ باھ جي بار بار لڳڻ جي مقدار کي ظاھر ڪن ٿا

باھ(انگريزي: Fire) آڪسيجن جي مدد سان شين جي اخراجي گرمي يا ان جي اثر مان پيدا ٿيندڙ ٻرڻ جو ھڪ ڪيميائي عمل جو نالو آھي جنھن ذريعي گرم روشني ٻاھر نڪرندي آهي[1] . شين جي ان اخراجي گرمي کي علم ڪيميا ۾ ايڪسوٿرمڪ پروسيس(انگريزي: Exothermic process) ۽ ٻرڻ جي ان عمل کي ڪمبسشن(انگريزي: Combustion) چئبو آهي. باھ جي گرم ھجڻ جو ڪيميائي سبب ان ٻرڻ جي عمل ۾ ماليڪيول واري آڪسيجن جي ڪمزور ٻٽي بانڊ(انگريزي: double bond) O2 جو , ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وارين شين جي طاقتور بانڊن ۾ تبديلي ۽ پاڻي جو (418 kJ per 32 g of O2) توانائي جاري ڪرڻ آھي.[2] ٻرڻ جي ان عمل ۾ گرمي جو درجو ھڪ اھڙي سطح تي ٿي ويندو آهي جو باھ جا شعلا ڀڙڪي پوندا آهن جنھن کي دکڻ جي پوائنٽ(انگريزي: ignition point) چوندا آهن. شعلو باھ جو نظر ايندڙ حصو ھوندو آھي جنھن م ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ, پاڻي جا بخار، آڪسيجن ۽ نائيٽروجن شامل ھوندا آھن. جڏھن اھي تمام گرم ھوندا آھن تہ انھن جون گئسون آئئنن(انگريزي: ions) ۾ تبديل ٿي پلازما پيدا ڪنديون آهن .[3] ٻرندڙ شين جي مادي ۽ ان جي ٻاھران لڳل ملاوٽ جي آڌارَ تي باھ جي رنگ ۽ ان جي شدت ۾ فرق ٿيندو آهي .[4] جڏھن ساون وڻن ٻوٽن وغيره کي باھ لڳندي آهي تہ باھ نائيٽروجن ٻاھر ڪڍندي آهي ۽ ٻيا عنصر جن ۾ پوٽيشيم ۽ فاسفورس شامل آهن خاڪ ۾ رھجي ويندا آهن ۽ جلد مٽي جو حصو ٿي ويندا آهن.

آمريڪي هوائي فوج جا جوان تربيت جي دوران باھ وسائڻ جو عملي مظاهرو ڪندي.

تاريخ[سنواريو]

هي قديم عنصر آهي، جيڪو زمين تي ٻين ’آدي‘ (هميشه قائم رهندڙ) عنصرن سان گڏ وجود ۾ آيو. يونانين ۽ ان کان پوءِ مصرين جن چئن عنصرن کي بنيادي قرار ڏنو، تن ۾ باھ به شامل آهي. هوا، باھ، پاڻي ۽ مٽي بنيادي عنصر آهن. يوناني فلسفين کان پوءِ ايرانين باھ کي مقدس عنصر ڄاڻي، اُن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي. بابل ۽ نينوا جي تهذيب ۾ باھ جي پوڄا لاءِ وڏا آتش ڪدا ٺاهيا ويا. زردشتي دستور مطابق اُها جاءِ جتي مقدس باھ رکي وڃي ٿي، عموماً اٺ ڪنڊي ٺاهي ويندي هئي، جنهن جي وچ ۾ آتشدان هوندو هو. آهستي آهستي اهو دستور ٿي ويو تہ مقدس باهه تي سج جي روشني نه پوي، تنهن ڪري عبادتگاهه اونداها رهڻ لڳا هئا. 31 هه/651ع ۾ جڏهن بلخ فتح ٿيو ته اَهڙن آتش ڪدن جي باھ هميشه لاءِ ٿڌي ٿي ويئي. هندو ڌرم ۾ ’اندر ديوتا‘، باھ جو ديوتا سڏيو وڃي ٿو.[5]

انساني زندگيءَ ۾ باھ جي اھميت[سنواريو]

باھ ماڻهوءَ کي آب و هوا جي محتاجيءَ کان آجو ڪيو ۽ کيس دنيا تي ڇانئجڻ جي اهليت ڏني. باهه سان ئي ماڻهوءَ جا اوزار مضبوط ٿيا ۽ اهڙيون شيون جيڪي اڳ هو کائي نٿي سگهيو سندس خوراڪ جو حصو ٿيون. سڀ کان اهم ڳالهه اها ٿي ته باهه ماڻهوءَ کي رات جو مالڪ بڻايو ۽ هن جي شامن ۽ صبحن کي روشن ڪيو. ٿوري دير لاءِ ان زماني جو تصور ڪيو جڏهن ماڻهو اوندهه تي غالب نه ٿيو هو. اڃا تائين اسان جي روايتن ۽ شايد ته اسان جي رت ۾ ان دور جو روپ موجود آهي. ڪو وقت هو جو اوندهه ماڻهوءَ لاءِ عذاب هئي ۽ اونده کان ڊڄي هو پنهنجي غار ۾ هليو ويندو هو. هاڻي اسين صبح کان اڳ غارن ۾ نٿا وڃون. صبح جو سج اڀرڻ جي نظاري کان محروم ٿيڻ وڏي بيوقوفي آهي پر اوندهه جي ڊپ کان آزاد ٿيڻ به وڏي نعمت آهي. ماڻهوءَ جڏهن پنهنجن هٿن سان روشن ڪيل ستارن سان رات کي روشن ڪيو ته هن جو روح روشن ٿي ويو ۽ زندگيءَ جي چرپر ۽ خوشي ماڻڻ جا امڪان وڌي ويا. اسان شايد ڪڏهن به هٿرادو روشنيءَ جي ايجاد جا ٿورا لاهي نه سگهنداسين[6]

حوالا[سنواريو]

  1. Glossary of Wildland Fire Terminology. National Wildfire Coordinating Group. November 2009. http://www.nwcg.gov/pms/pubs/glossary/pms205.pdf. Retrieved 2008-12-18. 
  2. Schmidt-Rohr, K (2015). "Why Combustions Are Always Exothermic, Yielding About 418 kJ per Mole of O2". J. Chem. Educ. 92 (12): 2094–99. doi:10.1021/acs.jchemed.5b00333. Bibcode2015JChEd..92.2094S. 
  3. Helmenstine, Anne Marie. "What is the State of Matter of Fire or Flame? Is it a Liquid, Solid, or Gas?". About.com. Retrieved 2009-01-21. 
  4. Lentile, et al., 319
  5. باهه : (Sindhianaسنڌيانا)
  6. ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون، ليکڪ: وِل ڊيوران، سنڌيڪار: آغا سليم؛ ايڊيشن 2016ع؛ ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.