مينهن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مينهن (انگريزي ٻولي: Water buffalo) هڪ مئمل جانور جو نالو آهي هن جو مذڪر سانُ هوندو آهي. مينهون گھریلو بہ هونديون آهن ۽ جهنگلي بہ، هي جانور ڪاري ۽ خاڪي رنگن ۾ ملندو آهيِ، هي جانور نهرن، نالن ۽ تلائن ۾ وهنجڻ پسند ڪندو آهي.

ڏکڻ ایشیا ۾ ڳوٺن جا ماڻهو گھرن ۾ وڏي تعداد ۾ مينهون پاليندا آهن ۽ انهن جو کير پنهنجي استعمال سان گڏ شهرن ۾ وڃي وڪرو ڪندا آهن، اهڙي طرح گوشت بہ کاڌو ۽ وڪرو ڪيو ويندو آهي.