مواد ڏانھن هلو

جت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جت:(انگريزي: Jat ) ھيءُ نج سنڌي قوم آھي ۽ قديم سنڌ ۾ به ھوندي ھئي. پھرين ڪڇي ۾ ھئا، اُتان ڏکڻ ڏي آيا. جاتيءَ جو تعلقو خاص سندن ھو ۽ نالو به انھي قوم کان پيس. ھو اصل کان اُٺ رکندا ۽ پاليندا چاريندا آيا آھن. جھنگلي ماڻھو ھئڻ ڪري ھو سنڌيءَ ۾ سڏبا به ڄٽ آھن. ھيءُ جت بلوچن وانگي ھارون مڪرانيءَ جو اولاد سڏبا آھن، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو.[1]جت جنهن کي عربي زبان ۾ ”زَط“ چيو ويو آهي. ڪتاب ”لسان العرب“ ۾ لکيل آهي ته:جت هڪ ڪاري رنگ جي نج سنڌي قوم آهي، جيڪا قديم زماني کان وٺي عرب علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ آباد هئي. ڪن تاريخدانن ته بلوچستان جي ماڻهن کي جت ڪري لکيو آهي[2].”هي ڪاري رنگ جا سنڌي ۽ هندي جنس جا آهن.[3]“ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي مقالي: ”جت قوم، ان جي تاريخ، سنڌ ثقافت ۾ انهن جي ڪردار جو اڀياس“ ۾ مختلف ناميارن محققن جهڙوڪ: ڀارت جي عالم ڪالڪا رنجن ڪانونگو، ڪرنل ٽاڊ، بيليو ، هنٽر ، ائٽڪن ، ڊاڪٽر ذيگرڊ ويسٽ فال ، ڊاڪٽر هينز ويسٽ فال ۽ ايليٽ جي حوالن سان لکي ٿو، ته جت اصلوڪا ڏکڻ سنڌ جا رهاڪو لوڪ آهن، جيڪي پوءِ ڪن سببن جي ڪري، لڏپلاڻ ڪندا، ڌرتيءَ جي گهڻن ملڪن ۾پکڙجي ويا[4].”جت لفظ، عالمن جي ڪنن تي پهريون دفعو ’جيتي‘ ، ”يـُـتي“ ۽ ’ييٿا‘ جي ڌار ڌار نالن جي صورتن م پهتو. اهي قبيلا ”آمو دريا“ (Oxus river) واري خطي جا رهاڪو هئا، پر ٻوليءَ جي ماهرن پهريون دفعو هن راءِ تي اعتراض ڪيو. ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ جان بيس دعوا ڪئي ته ”جت قبيلا خالص هند آريائي نسل سان واسطو رکن ٿا ڇاڪاڻ ته انهن جي ٻولي، جسماني بناوت ۽ ڊول، هند - آريائي نسل وارن ماڻهن جهڙو آهي ۽ انهن جي ٻولي هنديءَ جو لهجو لڳي ٿي، پر انهن ٻنهي ماهرن اُن راءِ طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ته جتن جي نسل جا سٿين قوم سان به ڪي اهڃاڻ ۽ نشان پار ملن ٿا. هنن ماهرن کي، سائنس جي انهن ترقي يافته نتيجن شايد خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو، جنهن موجب هيءُ قول قبول ڪيو ويو هو ته: ”ڪنهن قوم جي حسب نسب لاءِ ٻولي ڪو دليل مهيا نٿي ڪري“ [5].مشهور اينٿا لاجسٽ، محترم بيليو (Bellew) جتن کي بلوچ نٿو ڪوٺي، پر هن جي خيال موجب جت، سنڌو ماٿر جي هيٺئين خطي (لاڙ) جا اصلوڪا رهاڪو آهن ۽ هت ڪٿان به ٻاهران ڪونه آيا، بلڪ هتان ئي ٻين پاسن طرف پکڙيا. بيليو پنهنجي مشهور ڪتاب ’افغانستان ۾ وسيل قبيلا‘ (The Races of Afghanistan) ۾ لکي ٿو: ”جت، ڪٺي ۽ سٿيا، اصل سنڌو ماٿر جا رهاڪو آهن، جيڪي هندو ڪش جبلن ڏانهن لڏي ويا هئا. يورپي ماهرن جي خيال موجب جت (gaetes) ۽ ڪٺي (Catti) هن علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ نظر اچن ٿا. جتن کي هاڻ هت (افعانستان ۾) ’گوجر‘ سڏيندا آهن.“[6] . هو وڌيڪ ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو: ”جت، ڪٺي ۽ سٿيا، افغانستان ۾ پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ڌاري لڏي آيا، پر هت (افغانستان ۾) هاڻ جتن جي نالي سان ڪوبه قبيلو نه ٿو رهي، اهي هاڻ ”گوجر“ سڏبا آهن“[7]. جڏهن ته هنٽر جو چوڻ آهي ته: ”افغانستان ۾ رهندڙ جت، بلاشڪ جتن جي قبيلن سان واسطو رکن ٿا ۽ انهن منجهان آهن. جت جيڪي هاڻ لاهور کان وٺي ڪراچيءَ تائين آباد آهن، ۽ جن جو بڻ بنياد پڻ پنهنجا پار پتا وساري چڪو آهي، انهن جو تعداد وڏي آباديءَ تي مشتمل آهي“[8]. ”جت“ قبيلا اصل ۾ سنڌو ماٿر جي هيٺئين خطي جا (يعني لاڙ ۽ ڪڇ جا) رهاڪو آهن، جيڪي هتان ٻين طرفن لڏي ويا. بيليو هن ڏس ۾ وڌيڪ لکي ٿو: ”سنڌو ماٿر جي هيٺين خطن مان ڌڪجڻ کان پو“، جتن پنجاب جو رخ ڪيو ۽ اتي هاري بنجي سهارو ورتائون ۽ ”جاٽ“ سڏجڻ لڳا. [9] محترم بيليو پنهنجي تحقيق ۾ ڄاڻائي ٿو ته سوات جي واديءَ ۽ افغانستان ۾ رهندڙ ”گوجر“، اصل ۾ ”جت“ آهن، جيڪي سنڌو ماٿر جي هيٺئين خطي (لاڙ) مان لڏي، اتر ۽ اتر اوڀر ۽ اتر اولهه طرف وڌيا“[10] . بيليو ساڳي ڳالهه ڪجهه واڌارن سان هن ريت ڪري ٿو ته: ”پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ۾ جتن ۽ ڪٺين، مقامي رهاڪن گنڌارين کي، اولهه طرف ”هيلمند“ (Helmand) جي واديءَ ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. هن دعويٰ جي تصديق هن حقيقت مان به ملي ٿي ته جتن جي باقيات هن وقت به هنن علائقن ۾ پشاور جي واديءَ ۾ پکڙيل نظر ايندي، پر هاڻ هو پاڻ کي جت نه، پر ”گوجر“ سڏيندا آهن. هنن جي ڪرت ۽ ڌنڌو مال جا ڌڻ پالڻ ۽ کيتي ٻاڙي ڪرڻ آهي“[11]. جتن جي پهچ ۽ پکڙجڻ جي باري ۾ محترم ڪالڪا رنجن جو اڀياس آهي ته: ”هاڻ سنڌو ماٿر کان اڳتي بلوچستان، پشاور جي واديءَ ويندي سليمان جبلن جي قطار تائين، جتن جي پکڙيل آبادي نظر ايندي آهي.[12]“ اٽڪ ڊسٽرڪٽ گزيٽيئر ۾ لکيل آهي ته: ”اها خبر نٿي پوي ته جت، هت ڪٿان آيا ۽ ڪڏهن آيا؟ ممڪن آهي ته اهي اوڀر کان آيا هجن، جيتوڻيڪ هو (جت) هتي جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته عام راجپوتن ۽ جتن جي وچ ۾ ظاهري ڏيک ويک، شڪل ۽ صورت ۽ قدڪاٺ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. هتي جت آبادگار (Cultivators) ۽ هاري آهن“[13] . وي. اي. سمٿ(V.A Smith) جو چوڻ آهي ته: ”جڏهن بيسمار، بالا، انڊو - سٿين گجر ۽ هـُـن قبيلا ڇهين صديءَ ۾ ڀارت لڏي آيا، تڏهن اُنهن مان جيڪي شان مانَ سان رهڻ لڳا تن کي راجپوت سڏيو ويو ۽ اُهي قبيلا، جن زراعت جو پيشو اختيار ڪيو، تن کي جـَـت سڏيائون.[14]“ هن جي تحقيق مطابق، ”جت، گـُـجرن کان ٿورو پوءِ، پر ساڳئي وقت ۾ ننڍي کنڊ ۾ لڏي آيا هئا. هـُـو سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا هئا ۽ اثر رکندا ويا، نيٺ پرمار راجپوتن، دهليءَ تي سندن قبضي کي ختم ڪيو ۽ کين مالوا طرف ڌڪي ڪڍيو، ۽ راٺوڙ، بيڪانير تي قابض ٿيا، ڀاٽين جيسلمير تي قبضوڪيو ۽ جتن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيائون[15]. " ايٽڪن جتن جي اصل نسل جي باري ۾ پنهنجي ڄاڻ هن طرح پيش ڪري ٿو ته: ”جت سنڌي قبيلو آهي، پر سٿين قوم جي باقيات هن ۾ شامل آهي، جيڪي آڳاٽي زماني ۾ هن طرف لڏي آيا. هنن جو رڪارڊ ڪڇي ٻوليءَ جي ”نوڌا“ (Nudha) ۾ موجود آهي، جتان اهي قبيلا ڏکڻ سنڌ ڏانهن لڏي ويا، جتي هنن جي اڪثر آبادي آهي. مشهور سياح، ابن حوقل، ڏهين صديءَ عيسويءَ ۾ هنن کي هن علائقي ۾ ڏٺو. هي اُٺن جا وڳ ڌاريندا هئا ۽ اُٺن جي ڪري هيءُ علائقو مشهور هو. اڄ ڏينهن تائين هي قبيلا ساڳيو ڌنڌو اختيار ڪريو اچن.[16]“ جتن جي باري ۾ جرمن ماهرن ۽ محققن، ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال(Dr. Sigrid Westphal) ۽ سندس وڏ وڙي زال ڊاڪٽر هائينز ويسٽ فال (Dr. Heinz Westphal) جي راءِ پڻ وڏي اهميت واري آهي. هنن ٻنهي ماهرن، جتن جي اصل نسل ۽ حسب نسب توڙي لڏپلاڻ جي باري ۾ وڏي جاکوڙ ڪري تحقيقي رپورٽ لکي. هنن هن سلسلي ۾ جرمنيءَ کان جتن جا اُبتا پيرا کنيا ۽ مصر، اُردن، عراق، ايران، افغانستان، بلوچستان، صوبه سرحد، لسٻيلي، پنجاب، ڪوهستان، اُتر سنڌ، لاڙ، ڪڇ ۽ راجسٿان ۾ جتن جي لڏپلاڻ وارا ماڳ ۽ مڪان ڏٺا، اُنهن جا پار پتا پڇيا. انهيءَ تحقيق جي آڌار تي هو لکن ٿا ته: ”جت قوم قديم سنڌ ۾، اسلام جي ظهور کان اڳ، لاڙ واري حصي، ڪڇ ۽ راجسٿان ۾ آباد هئي. هن قوم جا مختلف قبيلا ۽ پاڙا، اسلام جي سنڌ ۾ آمد کان اڳ، سنڌ مان لڏي بلوچستان، لس ٻيلي جي رياست، قلات جي رياست، ايران، عراق، اردن، عربستان ۽ اڃا به اڳتي وڌي وڃي آباد ٿيا[17] . جڏهن ته ڪالڪا جي ڪيل تحقيق موجب: ”جت ۽ راجپوت ساڳئي نسل سان واسطو رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته جسماني بناوت، ٻولي، اخلاق، اُٿڻ ويهڻ جي آدابن ۽ اصولن، طبعي رجحان ۽ جذبن، سوچ ۽ راڄوڻي سمجهه توڙي سماجي نگاهه کان اڄ جا جت، هندن جي ٻين تن ذاتين جي ڀيٽ ۾ قديم آرين جا نمائنده ۽ وارث لڳن ٿا [18] .“ هن ڏس ۾ ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال ۽ ڊاڪٽر هائينز ويسٽ فال تاريخ جي حوالي سان لکن ٿا: ”هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته وڪرماجيت کي ساڪ (سٿين) حمله آورن سان 57 ق. م ۾ مقابلو ڪرڻو پيو هو ۽ اها به حقيقت آهي ته ننڍي کنڊ جي سڀني اتر - اولهه وارن حصن ۾ انهن(ساڪن/ سٿين) جو سڪو ڄميل هو، پر ساڪ / سٿيا انهن خانه بدوش ٽولن جو مجموعي نالو هو، جن ڪجهه صديون اڳ برصغير کي پنهنجن حملن جو نشانو بنايو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ انهن (ساڪ ۽ سٿين لوڪن)،اُٺ ۽ مينهن پاليندڙ جت قبيلن سان پاڻ کي ضم ڪرڻ آسان سمجهيو، ڇو ته هنن جي پنهنجي روزمره واري زندگي، جتن جي زندگيءَ وانگر خانه بدوش هوندي هئي. اهو به هڪ انومان (Hypothesis) آهي ته جت قوم اڳ ۾ آيل ساڪن / سٿين جي باقيات مان هجن، جيڪي حملي کان پوءِ هت رهجي ويا هجن ۽ هتي ئي آباد ٿي ويا هجن.[19] ڪالڪا ”سرجيمس ڪئميل (James Camphell) جي حوالي سان جتن کي ٻاهران آيل ٿو سڏي، جيڪي ننڍي کنڊ ۾ 150 ق - م کان 100 ق - م تائين حمله آورن سان گڏ آيا[20] .“ ڪالڪا، ايليٽ جي حوالي سان وڌيڪ ڄاڻ ڏئي ٿو ته: ”اسان وٽ ڪوبه مستند تاريخي احوال ڪونهي ته جت، اُتر - اولهه واي علائقي طرف ڪيئن لڏي ويا ۽ ننڍي کنڊ جي سرحدن کان ٻئي طرف اڳتي ڪيئن ويا، جڏهن ته ننڍي کنڊ جي تاريخ جي اوائلي ۽ ابتدائي زماني ۾ انهن کي منصوره کان ڪرمان تائين ۽ ان کان سواءِ ايران جي سرحدي علائقن ۾ عرب سياحن، جاگرافيدانن ۽ مؤرخن، کيتي ٻاڙي ۽ مال پالڻ وارن ڌنڌن ۾ مشغول ڏٺو.“[21] ”هڪ راءِ هيءَ به آهي ته: جت اصل ۾ هند - آريائي لوڪ آهن، جيڪي اوڀر وارن علائقن کان لڏي آيا ۽ نه ڪ انڊو - سٿين، جيڪي ”آمو دريا“ (Oxus river) کان آيا هئا. بلاشڪ جتن جا ڪي قبيلا ۽ پاڙا، ننڍي کنڊ مان، پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ، اُتر طرف لڏي ويا ۽ ڪن صدين جي گذرڻ کان پوءِ، ايران جي سرحدي علائقن کان سنڌوءَ جي اڀرندي ڪناري طرف واپس لڏي آيا، يعني هو(جت) دراصل برصغير جا اصلوڪا رهاڪو آهن ۽ کين (جتن کي) لغوي لحاظ کان ساڳين آوازن جي بنياد تي ’جيتي‘ gaete) ، يـُـتي، (Yuti) ”ييٿا“ (Yetha) يا ”انڊو- سٿيا، سڏڻ صحيح نه آهي [22] .“ساڳي راءِ ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال ۽ سندس گهر واري ڊاڪٽر هائينز فال ويسٽ جي آهي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته جت قبيلا، بلوچستان کان سنڌ ۾ لڏي ڪونه ويا هئا، پر ان جي برعڪس هي قبيلا، سنڌ مان بلوچستان، پنجاب، ايران ۽ عراق طرف لڏي ويا هئا. هنن ٻنهي جرمن ماهرن جي راءِ موجب: ”عراق ڏانهن لڏي ويل جـَـت، اڃا تائين عراق جي ڏاکڻين حـصي ۾ آباد آهن ۽ پنهنجي مختلف رهڻي ڪهڻيءَ جي ڪري، عراق جي ٻين قومن کان مختلف آهن ۽ عراقي هنن کي ’مـَـدانَ‘ سڏيندا.[23] [24] .“ ”عراق جا مـَدانَ (جت) سـَـرَن ۽ ڊَڀن وارين ڊٻن تي، ڪکن مان ٺهيل وانڍن ۽ ويڙهن ۾ رهندا آهن. هو ڊڀن ۽ سـَـرن جهڙن گاهن ۽ ڪانن مان تڏا، تؤنريون ۽ ٻيون شيون ٺاهي وڪڻندا آهن. هنن جو مکيه ڌنڌو مينهون پالڻ آهي. پاڻيءَ جي گهٽجي وڃڻ ۽ سڪي وڃڻ سبب، هي ماڻهو پنهنجا ڌڻ ڪاهي، گاهه ۽ پاڻيءَ جي سانگي گهمندا وتندا آهن. هو مينهن جي کير ۽ مکڻ تي گذر ڪندا آهن. مکڻ ڀروارن شهرن ۾ وڪڻندا آهن. ’عرب‘ ۽ ’مدان‘ هڪ ٻئي مان شاديون ڪونه ڪن، بلڪ سڀ عرب قبيلا مدانن کي پاڻ کان گهٽ درجي وارو سمجهندا آهن .[23] [25] .“ بلوچستان ۾ لڏي ويل جتن کي، سندن زبان جي ڪري ’جدگال‘ (جو يعني جت+ گال يعني ٻولي) سڏيو ويو.[23] [26]. زيگ ويسٽ فال جي پنهنجي تحقيق ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”جدگال، راءِ گهراڻي جي حڪومت واري زماني (492ع کان 642ع) ۾ سنڌ مان لڏي، بلوچستان جي ڪڇي ۽ لس ٻيلي وارن علائقن ۾ پکڙجي ويا ۽ اتي ئي ويهي رهيا. هت هن قوم (جدگال) جا گهٽ ۾ گهٽ چاليهه پاڙا رهن ٿا.[23] [27].“ سنڌ جو مشهور مؤرخ، جناب رحيمداد خان مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ لکي ٿو: ”راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ ديوائج (ديوراج) جي حڪومت واري زماني ۾، جدگال سنڌ جي فوج ۾ هوندا هئا. پنجين صدي عيسويءَ ڌاري ’سفيد هـُـن‘ (White Huns) بلوچستان ۾ آيا، انهيءَ زماني ۾ جت قبيلا پڻ گهڻي تعداد ۾ بلوچستان ۾ اچي آباد ٿيا ۽ عربن جي ڪاهن وقت يعني ستين صدي عيسوي ۾ بلوچستان ۾ ميد ۽ جت قومون گهڻي تعداد ۾ آباد هيون. ميد ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آباد هئا ۽ جـَـت (جد گال)، ڪڇي، لس ٻيلي ۽ مڪران ۾ آباد هوندا هئا.[23].[28]“ جناب مير احمد يار جي راءِ موجب: جدگال، بلوچستان واري علائقي ۾، بلوچ قبيلن کان اڳ آباد ٿيا هئا. هو لکي ٿو: ”اها مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا، بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر مڪران ۽ بلوچستان ۾ بلوچ قبيلن چوٿين صدي عيسويءَ کان اچڻ شروع ڪيو. بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ هن علائقي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جدگال گهڻي تعداد ۾ رهندا آهن.[29] “. [23] بلوچستان جي ڊسٽرڪٽ گزيٽيئر ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”جنهن زماني ۾ ابن حوقل مڪران پهتو هو، تنهن زماني ۾ يعني ڏهين صدي عيسوي ۾، مڪران تي جدگالن جو قبضو هو، جيڪي قديم زماني کان هت رهندا هئا ۽ اُن زماني ۾ ڪرمان کان هيٺ سارو ملڪ، سنڌ جي سرحد ۾ داخل هو ۽ اُتي جا رهاڪو سنڌي سڏبا هئا ۽ لشڪر ۾ به سنڌي جوانن جي اڪثريت هوندي هئي، اُنهن مان ڪي اڃا تائين بلوچستان، دشت ۽ ڪرمان واري ايراضيءَ ۾ رهن ٿا ۽ پاڻ کي جدگال سڏائين ٿا. انهن جي ٻولي به سنڌي آهي جنهن کي هو جدگالي سڏيندا آهن“ [30]. [23] ”مجمل التواريخ ۾ هڪ دلچسپ وارتا بيان ڪيل آهي. اُن ۾ ڄاڻايل آهي ته: سنڌ جي جتن ۽ ميدن گڏجي راجا ’ڌريو ڌن‘ جي دربار ۾ پنهنجا نمائنده موڪليا ۽ عرض ڪيائون ته ’راجا ڌريو ڌن‘ انهن (جتن ۽ ميدن) جي مٿان ڪنهن کي حاڪم مقرر ڪري، ’جت‘ ۽ ’ميد‘ سنڌونديءَ جي ’بهار‘ ڇاڙ وٽ رهندا هئا، ’ميدن‘ جي جتن تي چڙهت هئي. ’ميدن‘، ’جتن‘ تي ڏاڍا ظلم ڪيا، جنهن ڪري ’جتن‘ جا ڪافي قبيلا سنڌ مان لڏي، پنجاب ۾ ’پنج ند‘ جي ٻيءَ ڀر وڃي ويٺا، پر ڪڏهن ڪڏهن ٻيڙين جي وسيلي، ’ميدن‘ تي حملو ڪندا هئا، جن وٽ رڍن جا وڏا ڌڻ هوندا هئا. ’جتن‘ جي انهن لڳاتار حملن، ’ميدن‘ کي ڪمزور بنائي ڇڏيو. ’جتن‘ جي حملن جي ڪري بيشمار ميد مارجي ويا ۽ آخرڪار ’جتن‘، ’ميدن‘ جي ملڪ ۾ ڦرلٽ مچائي، ۽ ’ميدن‘ کي مطيع بنائي ڇڏيو. ڪشميري برهمڻ انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ آيا[31] .[23]

حوالا

[سنواريو]
  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. لسان العرب، جلد 7، ص 308.
  3. مجمع البحار الانوار جلد 2، ص 62.
  4. لاڙ جو مطالعو: مرتب: عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1991ع
  5. Kalika- Ranjan Qanungo: ”History of the jats” Foreword by jadunath Sarkar, Delhi, India, Sunita Publications, 1989, p.5.
  6. Bellew, H. W. , ”The Races of Afghanistan” Reprint Lahore, Sang-e-Meel Publication, 1979. P. 2.
  7. Bellew, H. W. , op. Cit. p. 2.
  8. Hunter, ”W.M. Imperial Ghazetteer of India", Vol: IX , Second Edition, 1881, p. 44
  9. Bellew, H. W. Op. Cit: p. 65
  10. Bellew, H. W. Op. Cit. p. 65
  11. Bellew, H. W. Op. Cit. p. 65
  12. Kalika- Ranjan Qanungo', Op. Cit, p.l
  13. Pujab District Gazettreer', Vol: XXIX - A, Attock District, Lahore, Punjab Govt, 1907, p. 92.
  14. 'Imperial Gazetteer', Op, Cit. p. 173
  15. Aitken, E. H., 'Gazetteer of the Province of Sindh', Karachi, Reprint, Indus Printers, 1986, p. 174.
  16. Kalika- Ranjan, Op Cit, p. 173
  17. Sigrid Westphal Dr. & Heinz westphal Dr. Jats of Pakistan, Berlin, Duneker and Humbort, 1964, p. 97.
  18. Kalika, P. 188.
  19. Sigrid Westphal, Dr & Heinz Westphal, Dr. Op Cit, p. 97.
  20. Ref: I, p. 12.
  21. Elliot H. History of India, Vol: I, pp. 14, 449 & Vol: II, p. 247.
  22. Kalika- Ranjan, Op Cit, p. 174
  23. 23.0 23.1 23.2 23.3 23.4 23.5 23.6 23.7 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  24. Sigrid Westphal & Heinz Westphal, Dr. op. Cit. pp. 52- 55 and 88- 89
  25. Sigrid Westphal & Heinz Westphal, Dr. op. Cit. pp. 52- 55 and 88- 89
  26. غلام علي الانا، ڊاڪٽر ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ ڇاپو ٻيو، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1982ع، ص 144.
  27. Sigrid Westphal, 2, p. 104
  28. رحيمداد خان مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ 1958ع، ص 27.
  29. Mir Ahmed Yar Khan, ”Inside Balochistan”, a biography, Karachi, Royal Book Company, 1977.
  30. ”Balochistan District gazetteer Series", Vol: VII, Makran, Karachi, the Times Press, 1907, pp. 41- 72.
  31. Elliot. H. ”History of India”.