سمي سولنڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سمي سولنڪي، انگريزي (Sami khan Solanki)(ڄائو1958ع ڪراچي، سنڌ، پاڪستان) جيڪو ميڪس پلئنڪ انسٽيٽيوٽ فار سولر سسٽم ريسرچ(MPS) جو ڊائريڪٽر، سج هيليواسفيئر ڊپارٽمينٽ آف(MPS)جو ڊارئريڪٽر، ميڪس پلئنڪ سوسائٽي جو سائنسي ميمبر،۽ ميڪس پلئنڪ اسڪول جي برئينچوگ ۽ گوٽنگن يونيورسٽين ۾ شمشي سرشتي جي طبعي پراسيس جو ميمبر. سولنڪي سوئيز فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي زيورڪ ۽ انسٽيٽيوٽ آف جيو فزڪس ۽ غير زميني فزڪس جو برئنچوگ يونيورسٽيءَ آف ٽيڪنالاجيءَ جو جرمنيءَ ۾ اعزازي پروفيسر آهي.وڌيڪ هي ”ڪي يونگ هي“ يونيورسٽيءَ آف ڪوريا جو ممتاز پروفيسر پڻ آھي. هي هڪ ويب بنياد واري رسالي جيڪو هيليواسفيئرڪ ۽ شمشي فزڪس بابت ريسرچ پيپر شايع ڪندو آھي نالي ”لِونگ رويوز ان سولر فزڪس“ جو ايڊيٽر ان چيف پڻ آھي. لونگ رويوز آڪاس وديا، سولر ريسرچ ۽ فلڪياتي فزڪس بابت مواد ۾ ٽئين پوزييشن حاصل ڪئي آھي.[1]

سمي سولنڪي
پيدائش 2 آڪٽوبر 1958ع


ڪراچي، سنڌ، پاڪستان

سڃاڻپ شمشي ۽ هيليواسفرڪ فزڪس، شمسي مقناطيسيت، سج ڌرتي ميلاپ ۽ سج جي مٿاڇري بابت فزڪس
سائنسي سفر
فيلڊ آڪاس وديا، شمسي فزڪس
ادارو ميڪس پلئنڪ انسٽيٽيوٽ فار سولر

سسٽم رسرچ

Notes

مکيه کوجنا لاڙا[سنواريو]

  • شمسي ۽ هيلي ڪاوشن واري فزڪس ۽ خاص مقناطيسيتي ۽ سج۔ڌرتي ميلاپ.
  • علم نجوم ۽ فلڪياتي فزڪس خاص طور تارن جي چرپر ۽ ڪشش ثقل.
  • ڪشش ثقل جي فلڪياتي چڪاس ٿيوري
  • جوهري ۽ ماليڪيولر فلڪياتي دلچسپي واري فزڪس
  • لڌل ۽ اڻ لڌل گرهن بابت کوجنا
  • پالرائيز روشنيء جي تابڪاري منتقلي

عھدا[سنواريو]

جرمن ايرو اسپيس سينيٽ ڪاميٽيء جو ميمبر ۽ چيئرمين. مقرري ڪاميٽي ۽ ڪاميٽي آف ٿري آف ڊي ايل آر. ڊي ايل آر جي گهڻ علاقائي پروگرام ڪاميٽي جو ميمبر. هاءِ الٽيٽيوڊ آبزرويٽري بولڊر/USA جو سائنسي صلاحڪار. سويزرلئنڊ جي شمشي کوجنڪ بورڊ(Irsol) جو سائنسي صلاحڪار. ۽ هيٺين منصوبن ۾ پڻ ڀاڱيواري ڪري چڪو آھي.

اڪيڊمڪ ڪيريئر[سنواريو]

  • 1987ع ۾ايڊجينوسڪي ٽيڪنڪي هوسڪيول زيورچ مان ڊاڪٽوريٽ.
  • پوسٽ ڊاڪٽوريٽ سينٽ اينڊريوز 1989 کان 1987ع اسڪاٽ لئنڊ.
  • 1992ع آبياري.
  • يونيورسٽي آف اولو فن لئنڊ مان آڪاس وديا جو پروفيسر.
  • اقليتي مهمان پروفيسر 1999ع يونيورسٽي آف اترچت مان.[2]

اعزاز ۽ مڃتا[سنواريو]

  • ”ميڪس پلانڪ انسٽيٽيوٽ فار سولر سسٽم رسرچ “ جو ڊائريڪٽر 1999ع.
  • ايڊجينوسڪي ٽيڪنڪي هوسڪيول جو اعزازي پروفيسر.
  • 2003ع اعزازي پروفيسر ٽيڪنڪي يونيورسٽي برئنچوگ.
  • 2006ع ۾ رايل ايسٽراناميڪل سوسائٽي جو ايسوسئيٽ.
  • 2008ع ۾ سائوٿ آفريڪي بورنرڊ پرائيس ميموريئل ليڪچر جي صدارت.[3]

تڪرار[سنواريو]

  • 2011ع ۾ سولنڪيءَ پهرئين ڪينري آئيلئنڊ ”تارن بابت تهوار“ ۾ ” ڇا واقعي سج ڪائناتي گرمي پَدُ لاءِ ذميوار ٺھرائڻ گهرجي؟“ جي نالي سان ليڪچر ڏنو جو ترت ئي تارن بابت ڪتاب” خلا ۾ انسان جا پنجاھ ورھ“ ۾ ڇپيو. سولنڪي جي کوجنا گلوبل وارمنگ تڪرار جو باعث بِ بڻي آھي. جيئن 2004ع ۾ ٽيليگراف يو۔ڪي۔ ڪو ۾ ھن آرٽيڪل ۾ چيو تَ،

”he impact of more intense sunshine on the ozone layer and on cloud cover could be affecting the climate more than the sunlight itself.“[سنواريو]

"Just how large this role is, must still be investigated, since, according to our latest knowledge on the variations of the solar magnetic field, the significant increase in the Earth's temperature since 1980 is indeed to be ascribed to the greenhouse effect caused by carbon dioxide,"

ڇپيل مواد[سنواريو]

سندس وگيانڪ کوجنا بابت ڪيترائي آرٽيڪل ڇپجندا رهن ٿا.http://www2.mps.mpg.de/dokumente/publikationen/solanki/liste/liste.pdf

حوالا[سنواريو]

  1. "IMPRS for Solar System Science - a PhD Programme in Astrophysics in Göttingen". www.mps.mpg.de. حاصل ڪيل 2021-01-08. 
  2. "IMPRS Solar System School / Lecturers". www2.mps.mpg.de. حاصل ڪيل 2021-01-08. 
  3. "Renowned Solar Physicist Gives Talk on Science Policy". The KAIST Herald (ٻولي ۾ Korean). حاصل ڪيل 2021-01-08.