مسلمان
| مسلمان | |
|---|---|
| فائل:File:Prayer in Cairo 1865.jpg Muslims praying in 1865 Cairo by Jean-Leon Gerome |
مسلمان (عربي: مسلم)، فارسي: مسلمان، انگريزي:Muslim) مان مراد اهو شخص آهي جيڪو دينِ اسلام تي يقين رکندو هجي۔ اگرچه مسلمانن جي عقيدي مطابق اسلام خدا جو دين آهي ۽ هي دين حضرت محمد صلي اللہ عليه وآله وسلم کان پهريان به موجود هيو ۽ جيڪي ماڻهو اللہ جي دين تي عمل ڪندا رهيا اهي مسلمان آهن۔ مثلاً قرآن جي مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام به مسلمان هيو۔ پر اڄڪلهه مسلمان مان مراد انکي ورتو ويندو آهي جيڪو حضرت محمد صلي اللہ عليه وآله وسلم جي آندل دین تي عمل ڪندو هجي ۽ يقين رکندو هجي۔

تفھيم القرآن مطابق مسلم اھو آھي جيڪو خدا آڏو پنهنجو سر جھڪائي، ان کي پنھنجو مالڪ، آقا، حاڪم معبود مڃي ۽ پاڻ کي خدا جي سپرد ڪري، ۽ خدا جي ڏنل ھدايت مطابق پنھنجي زندگي گذاري.ان عقيدي طرز عمل جو نالو اسلام آھي.[1]
خاڪو
[سنواريو]| مُسلمان | |
|---|---|
| فائل:File:World Muslim Population Pew Forum.png |
مُحَمَّد (عربي: أَبُو الْقَاسِمِ مُحَمَّدُ بْنُ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عَبْدِ الْمُطَّلِبِ الْهَاشِمِيُّ الْقُرَشِيُّ) (ربيع الأول 53ق.هجري - ربيع الأول 11 هجري: اپریل570ع - جون 632ع) مسلمانن جي عقيدي مطابق الله جو آخري نبي ۽ رسول آهن جنھن تي قرآن مجيد آدم، نوح، ابراهيم، موسيٰ، عيسيٰ ۽ ٻين نبين جي توحيدي تعليمات جي تبليغ ۽ تصديق ڪرڻ لاءِ الهام ڪيو ويو. اسلام ۾ کيس نبين جو خاتم (عربي: خاتم النبيين) مڃيو ويندو آهي ۽ قرآن سان گڏ، سندس تعليمات ۽ زندگي جي معياري مثالون (عربي: سنة) اسلامي عقيدي جي بنياد بڻجن ٿا.
محمد ﷺ 570 عيسوي ۾ مڪي ۾ پيدا ٿيا. هو عبدالله بن عبدالمطلب ۽ آمنه بنت وهب جو پٽ هو. سندس پيءُ، عبدالله، جيڪو قريش قبائلي اڳواڻ عبدالمطلب بن هاشم جو پٽ هو، محمد ﷺ جي پيدائش وقت فوت ٿي ويو. سندس ماءُ آمنه جڏهن هو ڇهن سالن جو هو ته فوت ٿي وئي، ۽ محمد ﷺ کي يتيم ڇڏي وئي. سندس پرورش سندس ڏاڏي، عبدالمطلب، ۽ چاچي، ابو طالب جي سنڀال هيٺ ٿي.
بعد جي سالن ۾، هو وقت بوقت پاڻ کي حرا نالي هڪ جبل جي غار ۾ ڪيترن ئي راتين جي نماز لاءِ الڳ ڪندو هو. 40 سالن جي عمر ۾، کيس الله طرفان فرشتي جرائيل جي ذريعي نبي مقرر ڪيو ويو ۽ کيس قرآن جي شروعاتي وحي ملي. محمد انهن وحي جي تبليغ شروع ڪئي، اعلان ڪيو ته 'خدا هڪ آهي'، خدا (الله) جي آڏو مڪمل 'تسليم' (اسلام) زندگي جو صحيح طريقو (دين) آهي، ۽ اهو ته هو، اسلام ۾ ٻين نبين وانگر، خدا جو نبي ۽ رسول آهي.
محمد ﷺ جا پوئلڳ شروعات ۾ تعداد ۾ ٿورا هئا، ۽ 13 سالن تائين مڪي جي مشرڪن پاران ظلم جو تجربو ڪيو. جاري ظلم کان بچڻ لاءِ، هن پنهنجن ڪجهه پوئلڳن کي 615ع ۾ حبشه ڏانهن موڪليو، اڳ ان جي ته هو ۽ سندس پوئلڳ 622 ۾ مڪي کان مديني هجرت ڪري ويا. هي واقعو، هجرت، اسلامي يا هجري ڪئلينڊر جي شروعات جي نشاندهي ڪري ٿو.
مديني (جن جو پراڻو نالو يثرب هو) ۾، هن قبيلن کي، ميثاق مدينه (مديني جي آئين) تحت متحد ڪيو. ڊسمبر 629ع ۾، مڪي جي قبيلن سان اٺ سالن جي وقفي وقفي سان جنگ کان پوءِ، هن 10,000 مسلمانن جي فوج گڏ ڪئي ۽ مڪي شهر تي مارچ ڪيو. فتح وڏي حد تائين بنا مقابلي ٿي ۽ محمد شهر کي گهٽ ۾ گهٽ جاني نقصان سان قبضو ڪري ورتو. 632ع ۾، حج کان موٽڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ.
محمد صلي الله عليه وسلم (عربي: محمد بن عبدالله؛ اپریل 570 - جون 632 عيسوي) الله جو آخري ۽ سچو نبي آهي. هو هڪ اهڙو نبي هو جنهن کي آدم، نوح، ابراهيم، موسيٰ، عيسيٰ ۽ ٻين نبين جي توحيدي تعليمات جي تبليغ ۽ تصديق ڪرڻ لاءِ قرآن الهام ڪيو ويو.
أَبُو الْقَاسِمِ مُحَمَّدُ بْنُ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عَبْدِ الْمُطَّلِبِ الْهَاشِمِيُّ الْقُرَشِيُّ (ربيع الأول 53ق.هجري - ربيع الأول 11 هجري) (أبريل 571م - يونيو 632م)؛ هو رسول الله إلى الإنس والجن في الإسلام؛ أُرسِل ليُعيد العالمين إلى توحيد الله وعبادته شأنه شأن كل الأنبياء والمرسلين، وهو خاتمهم، وأُرسِل للناس كافة، ويُؤمن المسلمون بأنه أشرف المخلوقات وسيد البشر، ويعتقدون فيه العصمة. عند ذكر اسمه، يُلحِق المسلمون عبارة «صلى الله عليه وسلم» مع إضافة «وآله» و«وصحبه» في بعض الأحيان، لِمَا جاء في القرآن والسنة النبوية مما يحثهم على الصلاة عليه. ترك النبي محمد أثرًا كبيرًا في نفوس المسلمين، وكثرت مظاهر محبّتهم وتعظيمهم له باتباعهم لأمره وأسلوب حياته وتعبده لله، وقيامهم بحفظ أقواله وأفعاله وصفاته وجمع ذلك في كتب عُرفت بكتب السيرة والحديث النبوي، واحتفالهم بمولده في شهر ربيعٍ الأولِ في كل عام. وحَّد محمد الجزيرة العربية في نظام إسلامي واحد، حيث شكّل القرآن وتعاليمه وممارساته أساس نظامها.
40 سالن جي عمر ۾ عربستان جي شھر مڪي ۾ نبوت جو اظھار ڪندي اسلام جي توحيد واري عقيدي جي تبليغ جو آغاز ڪيو. سندس ڏنل تعليم عربن جي ان خطي ۾ ھڪ زبردست انقلاب برپا ڪيو. قرآن مجيد ۾ سندس زندگي کي اسوه سڏيو ويو آهي.[2] سورة الاحزاب جي آيت 21 ۾ فرمان آھي ته:لقد کان لکم فی رسول اللہ اسوۃ حسنہ: ترجمو: "بيشڪ اوھان جي لاء خدا جي رسول جي ذات ۾ ھڪ بھترين نمونو آھي." لفظ اسوة جي عام معنیٰ طريقو يا نمونو آھي.[2] اسوہ انسان جي ان حالت کي چيو ويندو آهي جيڪا ھو ڪنھن ٻئي انسان جي پيروي ڪندي اختيار ڪري.[3] اسلامي عقيدي مطابق محمد رسول الله جن جي اطاعت مسلمانن جي ايمان جو لازمي جز ۽ فرض آهي ۽ ان جي اطاعت کي قرآن مجيد ۾ الله جي اطاعت جي مثل سڏيو ويو آهي. سورة النساء جي آيت 64 ۾ قرآن فرمائي ٿو ته: وما ارسلنا من رسول الا لیطاع باذن اللّٰہ: ترجمو: "۽ اسان موڪليا جيڪي رسول تہ انھن جي پيروي ڪئي وڃي، الله جي حڪم سان". دين جي عالمن ۽ قرآن جي شارحن جو اھو عقيدو آهي ته قرآن ھڪ تحريري دستور آھي جنھن جي عملي صورت سرور ڪونين جي ذات آھي، جن جو ڪوبه قول ۽ فعل حڪم خداوندئ کان وار برابر بہ ھيڏي ھوڏي ھٽيل نه آهي.[2] ايليا (بيت المقدس) ۾ ھجرت جي پنجين سال ھرقل اعظم (Hercules) جي درٻار ۾ سندس بدترين دشمن ابوسفيان پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ھو تہ "نبوت کان اڳ بہ اوھان ڪڏهن ڪوڙ نہ ڳالھايو آھي."[2] پاڻ ڪريمن پنھنجي بيمثال ڪردار وسيلي ڪٺور قلبن کي نرم ڪري انھن جو تزڪيو ڪيو.[2] سندن ھر عمل جي تقليد کي اسلامي دين ۾ سنت جو مقام حاصل آهي.[2] مولانا ابوالڪلام آزاد مطابق: "قرآن ۽ نبي جي زندگي ساڳي شئي آھي، قرآن متن آھي تہ سيرة ان جي تشريح ۽ قرآن علم آھي تہ سيرة ان جو عمل. ان ڪري انسانيت جي سمورن اھنجن ۽ آزارن جو علاج ان سيرت جي مطالعي ۾ ئي ملي سگھندو."[4]
بنيادي اسلامي عقيدا
[سنواريو]سٿ کان اڳ جيڪي ماڻهو مسلمان ٿيا اهي هن ڳالهه جو اقرار ڪندا هيا ته اللہ وحدہ لا شريڪ آهي ۽ حضرت محمد ﷺ اللہ جو رسول آهي۔ ان طريقي سان ڪو به شخص اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيندو آهي۔ جڏهن ڪو حضرت محمد ﷺ کي اللہ جو رسول مڃي ڇڏي ته ان تي واجب ٿي ويندو آهي ته هو انهن جي هر ڳالهه تي ايمان رکي ۽ عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري۔ مثلاً انهن فرمايو ته مونکان بعد ڪو به نبي نه ايندو ۽ هي ته هو خدا جو آخري رسول آهي ته هن ڳالهه تي ايمان رکڻ اسلام جي واجبات ۾ شامل آهن۔ اسلام جا بنيادي عقيدا جن تي مسلمانن جا ڪنهن فرقي ۾ ڪو اختلاف نه آهي، هيٺ ڏنل آهن
- اللہ واحد ۽ لاشريڪ آهي۔ ان کان علاوہ ڪوئي عبادت جي لائق نه آهي۔
- حضرت محمد ﷺ جن اللہ جا آخري رسول آهن۔
- قرآن اللہ جو ڪتاب آهي ۽ ان جو آخري لفظ ۽ حرف اللہ جي طرف کان آهي۔
- قيامت ۽ حساب ۽ ڪتاب يعني حيات بعد الموت تي ايمان۔
- نماز، روزو، زڪوٰۃ ۽ حج (جيڪو حج جي استطاعت رکندو آهي) جي فرضيت تي ايمان
- فرشتن، گذريل نبين ۽ ڪتابن تي ايمان۔
مٿين ڳالهين تي ايمان رکڻ واري کي مسلمان چيو ويندو آهي۔
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب: {تفھيم القرآن؛ مولانا ابوالاعلي مودودي؛ صہ 113}}
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 بذل القوۃ فی حوادث سنی النبوۃ (سيرت هاشمي)، از: امام العصر مخدوم محمد ھاشم محدث ٺٽوي، ترجمو: پروفيسر اسرار احمد علوي، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو ٻيو جولائي 2004ع ۾ لکيل مترجم جو نوٽ: تقديم
- ↑ مفردات الفاظ القرآن, از: ابو القاسم راغب اصفھانی صہ 140
- ↑ سیرۃ کے عملی پہلو (اردو) ، از: مولانا ابوالڪلام آزاد، صہ 9