دراوڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

دراوڙ سنڌ جاقديم رهواسي هئا، نئين پٿر واري دور جي تهذيب جو بنياد وجهندڙ اهي ئي هئا. دراوڙن بابت تحقيق ٻڌائي ٿي ته ڪولن ۽ سنٿالن جي مٿان دراوڙ ڪاهي آيا. موهن جي دڙي مان ڪن سنٿالن ۽ ڪولن جي کوپڙين سان گڏ دراوڙن جون کوپڙيون پڻ لڌيون ويون آهن. سنڌ ۾ هن وقت جيڪي ”اوڏ“ آهن سي اصل ۾ دراوڙن منجهان آهن. اوڏ لفظ جو مطلب آهي اڏيندڙ، اهي اڄ تائين سنڌ ۾ ڀتين جون اوساريون کڻندا آهن.

سنڌ ۾ موجود ماڱر يا ماڃر جيڪي ذات جا مهاڻا آهن اهي پڻ سنڌ جي آڳاٽن دراوڙن جو اولاد آهن. شاه لطيف پڻ پنهنجي هڪ بيت ۾ مهاڻن کي ماڱر سڏيو آهي: تون سمون، آءُ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ، پسي راڻين روءِ، متان ماڱر مٽين. (شاه)

سجاول وارو پاسو هاڻ تائين ”ماڃر“ سڏجڻ ۾ اچي ٿو. سجاول طرف ”ماڱر“ بدران ”ماڃر“ چون ٿا. اهو اصل ۾ دراوڙي لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي، ”ڄار رکندڙ يا مهاڻو.“ سجاول واري پاسي ”ماڃر“ نالي هڪ ڍنڍ پڻ مشهور آهي.

دراوڙن جي سنڌ اچڻ بابت تاريخ ۾ مختلف رايا آهن. انهن مان ٻن راين کي اهم سڏي سگهجي ٿو. هڪڙن مطابق دراوڙ اصل ۾ ڏکڻ هندستان جا رهاڪو هئا، اهي تڏهن آيا جڏهن اهو پاسو خشڪيءَ رستي اڃا آسٽريليا سان ڳنڍيل هو. ويجهڙائي وارين کوجنائن مطابق ٻيو رايو آهي ته اهي ڀونوچ سمنڊ طرف رهندڙ قومن منجهان هئا پوءِ عربن ۽ ٻين سميٽڪ قومن کين اتان تڙِي ڪڍيو. جنهنڪري اهي بلوچستان واري واٽ کان ٿيندا هندستان آيا. جن مان ڪي سنڌو نديءَ واري ماٿري ۾ رهي پيا.

بلوچستان جي بروهين جي نحوي بناوٽ دراوڙي ٻولين جهڙي آهي. اهڙي مشابهت سبب عالمن ائين پئي سمجهيو آهي ته بروهي ۽ دراوڙ ٻئي وچ ايشيا مان آيا هئا. هڪڙي راءِ اها به آهي ته دراوڙ ڀونوچ سمنڊ طرف رهندڙ قومن منجهان نه هئا بلڪه اصل هندستان جا رهواسي هئا جتان پوءِ اهي لڏي ڀونوچ سمنڊ طرف ويا ۽ پنهنجي تهذيب جو ڦهلاءَ يورپ تائين ڪيائون.

حوالا[سنواريو]

  • ڪتاب، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ ليکڪ: سائين جي ايم سيد
  • ڪتاب، ”قديم سنڌ“ ليکڪ: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي