مواد ڏانھن هلو

دراوڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Dravidians
علائقائي
ورهاست
ڏکڻ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي حصن تي ۽, بنيادي طور تي ڏکڻ هندستان ۽ سري لنڪا
ٻولي واري درجابندي دنيا جي بنيادي ٻولي خاندان مان هڪ
پورٽو-ٻولي پروٽو-دراوڙي
شاخون *اتريون
  • وچوارو
  • ڏاکڻيون
ISO 639-2 / 5 dra
لنگئا سفيئر 49= (phylozone)
گلوٽو لاگ drav1251[1]
{{{mapalt}}}
دراوڙي ٻولين جي ذيلي گروپن جي ورهاست:
  Northern
  Central
  South-Central
  Southern
دراوڙ ماڻھو
Dravidian map.svg
ڏکڻ ايشيا ۾ دراوڙي ڳالهائيندڙ
ڪل آبادي
approx. 245 ملين
ٻوليون

دراوڙي ٻوليون

مذھبَ

بنيادي طور تي هندومت, دراوڙ لوڪ مذهب ۽ ٻيا: جين ڌرم, ٻڌمت, اسلام, عيسائيت, يهوديت

دراوڙ (انگريزي ٻولي: Dravidian peoples) مؤرخن ۽ نسل شناسن (Ethnologists) ۾ عام طور تي اهو خيال موجود آهي ته دراوڙ عظيم بحري روم واري نسل جو حصو هئا. سندن اصل وطن غالباً لبيا هو، جتان جا ماڻهو يورپ جي ڏاکڻين علائقن ۽ مصر ۾، ان جي قبل از تاريخ دور ۾ پکڙجي ويا، ۽ جيڪو قديم زماني ۾ ثقافت جو هڪ اهم مرڪز ھيو. هي ثقافت لبيا جي ماڻهن وسيلي هندستان آندي وئي، جن کي پوءِ دراوڙي سڏيو ويو. هندستان پهچڻ کان پوءِ اها ثقافت انهن نيگريٽو ۽ ڪولاري قبيلن سان ميل جول سبب وڌيڪ ترقي ڪئي، جيڪي ان وقت هندستان ۾ آباد هئا. هن ميل جول جا نتيجا ان جو پڪو ثبوت آهن. جيتوڻيڪ دراوڙي اڇي نسل سان تعلق رکندا هئا، پر آريائي حمله آورن انهن کي ‘ڪاري چهرن وارا ۽ بي نڪا’ سڏيو. دراوڙين نيگريٽو ماڻهن سان آزاديءَ سان ميل جول ڪئي جو انهن جون ڪجهه جسماني خاصيتون پڻ اختيار ڪيون. يقيناً انهن آسٽريڪ ماڻهن سان ته ان کان به وڌيڪ آزاديءَ سان ميل جول ڪئي هوندي، ڇاڪاڻ ⁠تہ اهي نسلي لحاظ کان دراوڙين کان گهٽ مختلف هئا. ٻن نسلن جو ميل جول نئين نسل کي وڌيڪ بهتر بڻائي ٿو ۽ نتيجي طور ان جي ثقافت ۾ به واڌارو اچي ٿو. دراوڙي قوم جي ثقافت کي اڳين آبادگارن سان ميل جول کان پوءِ نئون لاڙو ۽ نئون تحرڪ مليو، ان جو واضع ثبوت موهن جي دڙي جي لکت آهي، ڇاڪاڻ⁠ تہ اها لکت ٻاهران هندستان ۾ آندي وئي هئي، پر هتي اها ايتري ترقي ڪري وئي جو دنيا جي تاريخ ۾ ڪجهه تمام مشهور لکتن جي ماءُ (اصل) لکت بڻجي وئي[2] [3].

دراوڙ سنڌ جا قديم رهواسي هئا، نئين پٿر واري دور جي تهذيب جو بنياد وجهندڙ اهي ئي هئا. دراوڙن بابت تحقيق ٻڌائي ٿي ته ڪولن ۽ سنٿالن جي مٿان دراوڙ ڪاهي آيا. موهن جي دڙي مان ڪن سنٿالن ۽ ڪولن جي کوپڙين سان گڏ دراوڙن جون کوپڙيون پڻ لڌيون ويون آهن. سنڌ ۾ هن وقت جيڪي ”اوڏ“ آهن سي اصل ۾ دراوڙن منجهان آهن. اوڏ لفظ جو مطلب آهي اڏيندڙ، اهي اڄ تائين سنڌ ۾ ڀتين جون اوساريون کڻندا آهن.

سنڌ ۾ موجود ماڱر يا ماڃر جيڪي ذات جا مهاڻا آهن اهي پڻ سنڌ جي آڳاٽن دراوڙن جو اولاد آهن. شاه لطيف پڻ پنهنجي هڪ بيت ۾ مهاڻن کي ماڱر سڏيو آهي: تون سمون، آءُ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ، پسي راڻين روءِ، متان ماڱر مٽين. (شاه)

سجاول وارو پاسو هاڻ تائين ”ماڃر“ سڏجڻ ۾ اچي ٿو. سجاول طرف ”ماڱر“ بدران ”ماڃر“ چون ٿا. اهو اصل ۾ دراوڙي لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي، ”ڄار رکندڙ يا مهاڻو.“ سجاول واري پاسي ”ماڃر“ نالي هڪ ڍنڍ پڻ مشهور آهي.

دراوڙن جي سنڌ اچڻ بابت تاريخ ۾ مختلف رايا آهن. انهن مان ٻن راين کي اهم سڏي سگهجي ٿو. هڪڙن مطابق دراوڙ اصل ۾ ڏکڻ هندستان جا رهاڪو هئا، اهي تڏهن آيا جڏهن اهو پاسو خشڪيءَ رستي اڃا آسٽريليا سان ڳنڍيل هو. ويجهڙائي وارين کوجنائن مطابق ٻيو رايو آهي ته اهي ڀونوچ سمنڊ طرف رهندڙ قومن منجهان هئا پوءِ عربن ۽ ٻين سميٽڪ قومن کين اتان تڙِي ڪڍيو. جنهنڪري اهي بلوچستان واري واٽ کان ٿيندا هندستان آيا. جن مان ڪي سنڌو نديءَ واري ماٿري ۾ رهي پيا.

بلوچستان جي بروهين جي نحوي بناوٽ دراوڙي ٻولين جهڙي آهي. اهڙي مشابهت سبب عالمن ائين پئي سمجهيو آهي ته بروهي ۽ دراوڙ ٻئي وچ ايشيا مان آيا هئا. هڪڙي راءِ اها به آهي ته دراوڙ ڀونوچ سمنڊ طرف رهندڙ قومن منجهان نه هئا بلڪه اصل هندستان جا رهواسي هئا جتان پوءِ اهي لڏي ڀونوچ سمنڊ طرف ويا ۽ پنهنجي تهذيب جو ڦهلاءَ يورپ تائين ڪيائون.

پڻ ڏسو

[سنواريو]


حوالا

[سنواريو]
  1. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "Dravidian". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/drav1251.
  2. Rev. Heras in his paper on "Light on the Mohenjo Daro Riddle", in the July 1936 number of the New Review
  3. Sapta-Sindhu in the Rig.Veda By N. M. Billimoria (Read before the So dh Historical Society, Karachi, on 11th Dec. 1938) SINDH OBSERVER Selection from the Jouunal of Sindh Historical Society; page 17 & 18; Edited by: Dr.Mubarak Ali
  • ڪتاب، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ ليکڪ: سائين جي ايم سيد
  • ڪتاب، ”قديم سنڌ“ ليکڪ: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي