برهمڻ گهراڻو ۽ عربن جي ڪاهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

راءَ گهراڻي وارن اٽڪل 495 کان وٺي 632ع تائين حڪومت ڪئي. سندن صاحبيءَ جي شروعات ۾ ايرانين سنڌ ۾ اچي ڦرلٽ ڪئي. هن گهراڻي جي پوئين حاڪم جي وقت ۾ چچ نالي، هڪ برهمڻ حرفت ڪري سنڌ جي صاحبي جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ڪيون، ۽ برهمڻ گهراڻي جو بنياد وڌائين. کانئس پوءِ ڀاڻس چندرا ٻڌ ڌرم کي مڃڻ لڳو، پر ست سال تڳيو. هن کان پوءِ راجا چچ جو پٽ راجا ڏاهر گاديءَ تي ويٺو، جنهن جي صاحبيءَ ۾ عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي.

سن711ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي ۽ 13-712ع ڌاري ملتان به ورتائون. انهيءَ وقت ڪيترا هندو، مسلمان ٿيا ۽ ڪي مسلمان ٻين هنڌان اچي سنڌ ۾ رهيا. انهيءَ ريت سنڌ ۽ ملتان ڏي عربي ٻوليءَ جو واهپو ٿيو. عربي تاريخ نويس اصطخري، پنهنجي ڪتاب ’مسالڪ الممالڪ‘ ۾ ڄاڻايو آهي، ته منصوره، ملتان ۽ انهن جي ڀرپاسي وارن شهرن ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون چالون هيون. اهو ڪتاب هجري سنه 240 يعني 950ع جو لکيل آهي. منصورا جو شهر هاڻوڪي شهدادپور تعلقي ۾ برهمڻ آباد (Birhmannaabaad) جي ويجهو هو، ۽ ان وقت ملتان به سنڌ جي صاحبي هيٺ هو. انهيءَ سموري اراضيءَ ۾ عيسوي ڏهين صديءَ ۾ وراچڊ اپڀرنش چالو هئي. اها ئي سنڌ جي ٻولي هئي: تنهنڪري اصطخري ۽ ٻين عربي تاريخ توڙي جاگرافي نويسن انهيءَ کي ”سنڌي“ يعني سنڌ جي ٻولي سڏيو آهي- عربن کان پوءِ غزنوي گهراڻي جي حڪومت 1025ع کان وٺي هلي؛ پوءِ سگهو ئي سومرن جي صاحبي ٿي.

هون لوڪ، جن سنڌ ۾ راءَ گهراڻي جو بنياد وڌو. تن جي اچڻ جي وقت کان وٺي عربن جي ڪاهه تائين جيڪي ٿيو، تنهن جو مختصر ذڪر بيمس صاحب پنهنجي ٺاهيل ڏيهي آريا ٻولين جي گرامر ۾ پڻ ڪيو آهي: [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڏسو سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ
  2. صطخري، پنهنجي ڪتاب ’مسالڪ الممالڪ‘