پرٿويراج چوهاڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(پرٿوي راج چوهاڻ کان چوريل)

دلي ۽ اجمير جو آخري هندو راجا هيو ، جيڪو راءِ پٿورا گجر جي نالو سان پڻ مشهور آهي. ان جي بهادري جا ڪارناما اُتر هندستان ۾ مشهور آهن. هن پنهنجي پاڙيسيري راجپوت حڪمرانن سان گڏجي ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون. جي چند واليء قنوج جي ڇوڪري سنجوگيتا ۽ پرٿوي راج چوهاڻ پاڻ ۾ ڏاڍي محبت ڪندا هيا، انهي ڪري پرٿوي سنجوگيتا کي سوئمبر کان کڻي ان سان شادي ڪري ورتي. ان ڳالههه تان هن جي سنجوڪتا جي پيءَ جي چند سان دشمني ٿي وئي. 1191ع ۾ هن محمد غوري کي ترائن (تراوڙي) جي ميدان ۾ شڪست ڏني هُئي.پر 1192ع ۾ سلطان محمد غوري جي ٻئي حملي ۾ کيس وڏي خراب شڪست ٿي هُئي ۽ هو پڪڙجي جنگي قيدي ٿي ويو ۽ کيس قتل ڪيو يو۔[1] دشمنن هن جي اکين کي گرم ساڙيندڙ لوهه سان ضائع ڪرڻ کانپوءِ هن کي قتل ڪري ڇڏيو هيو۔[2]

حوالا[سنواريو]

  1. [https://books.google.com/books?id=FIIQhuAOGaIC&pg=PA29 The State at War in South Asia - Pradeep Barua - Google Books
  2. History of India and Indian National Movement BY D.S RAJ