ڪرشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Sri Mariamman Temple Singapore 2 amk

ارجن ۽ ڪرشن مهاڀارت ۾ بيان ٿيل پانڊون ۽ ڪورون جي جنگ جا ٻه مکيه ڪردار آهن. هن جنگ ۾ ارجن پانڊون جو سپهه سالار هو. شري ڪرشن جيڪو اصل ۾ (وشنو جو اوتار آهي) ارجن جي مدد لاءِ اچي ٿو ۽ هو ارجن جو رٿوان آهي. جنگ جو ميدان تيار ٿئي ٿو ۽ فوجون هڪٻئي جي سامهون اچن ٿيون. ارجن ان مرحلي تي پنهنجن مخالفن سان جيڪي سندس سوٽاڻ مان آهن، وڙهڻ نٿو چاهي ۽ خونريزيءَ کي پسند نٿو ڪري. ان وقت ڪرشن مهاراج ارجن کي سمجهائي ٿو ته اها خير ۽ شر، حق ۽ ناحق جي -جنگ- آهي.“ ڀڳوت گيتا ۾ اها گفتگو نظم جي صورت ۾ ملي ٿي. سڄو نظم نهايت اعليٰ قسم جو آهي. ان ۾ تقريباً ست سؤ شعر آهن. هونئن ڀڳوت گيتا مهاڀارت جو ڇهون حصو آهي. جيستائين مهاڀارت جي تصنيف جو سوال آهي ته اهواندازاً 500 قبل مسيح جو واقعو چيو وڃي ٿو، ليڪن ان کي موجوده صورت ۾ تقريباً 400 عيسوي سن ڌاري مرتب ڪيو ويو ۽ اهو ڪم ويدوياس سرانجام ڏنو هو.[1]

شري ڪرشن هندو ڌرم ۾ وشنو جي اٺين اوتار تسليم ڪيو وڃي ٿو. انسائيڪلوپيڊيا آف هندوازم (انگريزي) مطابق سندس جنم 3228 ق. م ۾ ۽ وفات 3102 ق. م ۾ ٿي هئي.

سندس جنم بابت مشهور روايت آهي ته، دئاپر يگ جي پڇاڙيءَ ۾ ڀڳ ڀاڻ جي يادوَ ڪل ۾ ’شورسين‘ عظيم راجا هو، جنهن کي واسُديو سميت ڏهه پٽ هئا. واسديو مجموعي طور 18 شاديون ڪيون هيون، جن مان ست ديوَڪ (مٿرا جي راجا اگرسين جي ڀاءُ) جون ڌيئر هيون، انهن مان ’ديوڪي‘ سڀني کان ننڍي هئي. راجا اگرسين يادوَ جي استري ’پون ريکا‘ انتهائي سُندر ۽ پتورتا نارِي هئي، جنهن کي درملڪ راڪشس، ڇل ڪُپٽ سان سنگم ڪيو ۽ هوءَ اُن مان گرڀ سان ٿي هئي. نائين مهيني مانگهه جي تيرس ۽ وسپت جي ڏينهن کيس ’ڪنس‘ ڄائو هو. جيڪو راڪشس سڀاءُ وارو ۽ وڏو طاقتور هيو، جنهن پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ ئي رعيت، ساڌن سنتن ۽ رکيشورن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. انهن ڏينهن ۾ مگڌ ديس جو راجا جراسنڌ، جيڪو دنيا جو وڏو ٻلوان ليکيو ويندو هو، ان سان ڪنس ننڍڙيءَ ڄمار ۾ ئي مهاڏو اٽڪائي، کيس هار مڃائي، سندس ٻه ڇوڪريون ڏنڊ ۾ وٺي ساڻن شادي ڪري پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو ۽ هرڻياڪشپ وانگر عوام کي جپ تپ، دان، ڌرم، يگيه ۽ هوَن وغيره بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هئائين. ٻئي طرف مٿرا جي راجا اگرسين کي قيد ڪري سندس راج پنهنجي قبضي هيٺ ڪيو هئائين.

شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ لکيل آهي ته، گوڪل جي راجا نند ۽ سندس گهر واريءَ يشودا، اڳئين جنم ۾ تمام سخت تپسيا ڪئي هئي، جنهن جي ڦَل لاءِ وشنو سندن مَن جي مراد پُوري ڪرڻ لاءِ، مٿرا ۾ واسُديوا ۽ ديوڪيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ جنم وقت کيس گوڪل ۾ نند ۽ يشودا جي گهر ۾ ڇڏيو ويو، جتي پاڻ ٻالڪپڻ جو عرصو گذاريو. اهڙيءَ ريت سندن مَن جي مُراد پوري ٿي.

جڏهن ته ٻيءَ روايت موجب، ديوڪي ۽ واسديو اڳي پنهنجا ڪيترا جنم، وشنوءَ کي پنهنجي گرڀ مان اوتاري رُوپ ۾ پيدا ٿيڻ لاءِ وردان حاصل ڪيو هو. ديوڪيءَ جِي واسديو سان شادي به ڪنس جي اجازت سان ئي ٿي هئي. جڏهن ڪنس، ديوڪي ۽ واسديو کي رٿ تي چاڙهي رخستيءَ لاءِ گوڪل پهچائڻ وڃي رهيو هو ته آڪاش واڻي ٿي ته، ”اي ڪنس! تو کي مارڻ وارو ديوڪيءَ جي ئي پيٽ جو اٺون نمبر اولاد هوندو.“ اها آڪاش واڻي ٻڌي ڪنس ديوڪيءَ کي مارڻ ٿي چاهيو، پر واسديو ڪنس کي اهو وچن ڏيئي ديوڪيءَ کي بچائي ورتو ته، ”ديوڪيءَ جي پيٽ مان جيڪو به اولاد ٿيندو، سو تنهنجي حوالي ڪيو ويندو، جنهن ۾ توکي شڪ لڳي، ان کي ماري ڇڏجانءِ، پر ڀيڻ کي مارڻ مهاپاپ آهي.“ واسديو پهريون وچن موجب ٻار ڪنس جي حوالي ڪيو. پر ڪنس ان کي نه ماريو ۽ اٺين نمبر ٻار کي پيش ڪرڻ جو چئي، ان ٻار کي باسلامت واپس ڪندو ويو. تڏهن ناردمنيءَ ڪنس کي ’ٻال هتيا‘ ۽ پاپ ڪرڻ لاءِ اُڪسايو ۽ زمين تي گولائيءَ ۾ اٺ لڪيرون ٺاهي پڇيائين ته، ”خبر ناهي ڪهڙو اٺون نمبر توکي مارڻ وارو هوندو؟“ پوءِ ڪنس، واسديو ۽ ديوڪيءَ کي گهرائي قيد ڪيو ۽ مٿس پهريدار مقرر ڪيا. پوءِ جيڪو ٻار ڄمندو ٿي ويو، ڪنس ان کي مارائيندو ٿي ويو. اهڙيءَ ريت ڪنس، ديوڪيءَ جا جنميل ڇهه ٻار مارائي ڇڏيا. اهڙيءَ ريت پاپ وڌي ويا ۽ عوام تنگ ٿي پيو. هوڏانهن هري ڀڳت، برهمڻ، ساڌُو، رکيشور وغيره راڪشسن جي هٿان دُکي ٿيا ۽ جپ تپ، هوَن ۽ ڀڳتي بند ٿي ته ڌرتي ماتا دکي ٿي گئو روپ ڌاري راجا اِندر کي چيو ته، هاڻي مون کان پاپن جو بوجهه سَٺو نٿو وڃي، ڌرتيءَ تي چڱا ڪم ٿيڻ بند ٿي ويا آهن، سڀئي راجا، ڪنس وانگر اڌرمي ٿي پيا آهن. تڏهن اِندر، برهما، گندرڀ، ڪنير ۽ ٻيا ديوتا گڏجي نارائڻ جي شرڻ ويا ۽ اڌرمين کي ناس ڪرڻ لاءِ کين عرض ڪيائون. نارائڻ، انهن کي ڌيرج ڏيندي چيو ته، جڏهن راجا پنهنجي رعيت کي تنگ ڪندا، منهنجا ڀڳت دُکي ٿيندا، گيان ۽ ڌيان وارا هيڻا ٿي ويندا، اُسُري سڀاءَ وارا ڌرتيءَ تي بوجهه بڻبا، تڏهن آءٌ سرگڻ اوتار وٺي اَسُري سڀاءَ وارن ۽ اڌرمين کي ناس ڪندس ۽ ڌرمين جي جئه ڪار ڪندس. واسديو ۽ ديوڪي مون جهڙو اولاد گهريو ۽ نند يشودا منهنجي ٻال ليلا جا سک ڏسڻ لاءِ اڳين جنم ۾ وچن گهريو هو، تنهنڪري آءٌ پاڻ انهن کي وچن ڏئي چڪو آهيان. هاڻي توهان سڀئي گوڪل، بِرج ۽ مٿرا ۾ وڃي جنم وٺو. هوڏانهن ويد جون رچنائون، ايوڌيا جون برهمڻيون ۽ ديو لوڪ جون ڪِنيائون، گوڪل ۾ جنم وٺي ’گوپيون‘ سڏجڻ لڳيون، انهن راس ليلا جو وچن وٺي، اتي اچي جنم ورتو هو.

هوڏانهن ڪنس جڏهن ديوڪيءَ جا ڇهه پٽ مارايا، تڏهن واسديو ۽ ديوڪي انتهائي ڏک وچان پرڀوءَ کي وينتي ڪري پڪارڻ لڳا: ”هي پرڀو! هاڻي ته هي ظالم اسان کي بي اولاد ڪري رهيو آهي. هاڻي اسان جي سهائتا ڪريو.“ تڏهن ڀڳوان ديناناٿ پنهنجي اک مان جوگ مايا کي پيدا ڪري حڪم ڏنائينس ته تون ديوڪيءَ جي گرڀ ۾ ستون نمبر ڇوڪرو آهين، ان کي ڪڍي روهڻيءَ جي پيٽ ۾ رک ۽ تون يشوڌا جي گرڀ ۾ وڃِي واسو ڪر. ائين ڪرڻ سان تون ڪل يگ ۾ درگا ديويءَ جي نالي سان مشهور ٿيندين. پرڀو پاڻ ديوڪيءَ جي گرڀ ۾ آيو. هوڏانهن روهڻيءَ جي پيٽ مان ٻلرام، سانوڻ مهيني جي چئوڏس تٿ تي، ٻڌر وار ۾ روهڻي نکٽ ۾ پيدا ٿيو.

ٻئي طرف جڏهن نارائڻ، ديوڪيءَ جي گرڀ ۾ واسو ڪيو ته هن جي چهري جي رونق سان قيدخاني ۾ روشني ٿي وئي. ڪنس به سمجهي ويو ته اُن کان اڳ ڪنهن به گرڀ ۾ ديوڪيءَ جو اهڙو تجليدار چهرو نه هيو. اٺين ٻار واري آڪاش واڻي ڪُوڙي ۽ ڀُلائڻ واري هئي، ۽ ستين گرڀ ۾ ئي منهنجو موت آهي. تنهنڪري پهريدار به وڌائي ڇڏيائين، خود ڪنس پاڻ به صبح شام، قيدخاني ۾ واسديو ۽ ديوڪيءَ تي نظر رکندو هيو.

آخر پرڀو پاڻ، اٺئن تٿ، ٻُڌر وار ۽ روهڻي نکشتر ۾، ديوڪيءَ جي پيٽان، مٿرا ۾ ڪنس جي قيدخاني ۾ جنم ورتو. سندس جنم وقت موسم جهڙالي ٿي وئي. قيد جا ڪڙا کُلي ويا، چوڪيدار سمهي پيا. ديوڪي ۽ واسديو کي آڪاش واڻي ٿي ته انهيءَ ٻار کي گوڪل ۾ يشودا جي گهر ڇڏي اچو ۽ يشودا کي تازي ڄاول ڇوڪريءَ کي اُتان کڻي اچي ڪنس جي حوالي ڪريو. پوءِ واسديو، ان ٻالڪ کي گوڪل ۾ يشودا جي گهر ڇڏي يشودا جي ڄاول ڇوڪريءَ کي کڻي واپس قيدخاني ۾ آيو. ڪڙا ڪوٺيون واپس بند ٿي ويا. قيدخاني ۾ ٻار جي روئڻ جو آواز آيو. ڪنس کي خبر پئي، اچي ٻار کي ڏٺائين... ٻار کي پيرن کان پڪڙي پٿر سان هڻي مارڻ ٿي چاهيائين، ته اهو ٻار هٿان ڇڏائجي غائب ٿي ويو ۽ ويندي آواز ڏنائين: ”توکي مارڻ وارو، گوڪل ۾ ويٺو آهي... ۽ تون هتي ظلم ڪري رهيو آهين...“ پوءِ ڪنس، ديوڪيءَ ۽ واسديو کان اڳ ۾ ماريل سمورن ٻارن لاءِ معافي ورتي. انهن به کيس معاف ڪيو.

هوڏانهن گوڪل ۾ نئين ڄاول ٻار، جيڪو وشنوءَ جو هڪ اوتار هيو، تنهن معجزا ڏيکارڻ شروع ڪيا. اهو ٻار شري ڪرشن هيو، جنهن اڳتي هلي ڪنس کي به ماريو هو.

شري ڪرشن جي جنم بابت مارواڙيءَ ۾ هڪ مشهور دوهو آهي:

ٻُڌا اٺم هرِي آوسئه، ڀادروي تڻِي پک سار،

روهڻي نکتر رنج روڪسئه، ڪانجي ڌرسئه اوتار.

[اربع جي ڏينهن، بڊي مهيني جي اٺئن تٿ جي ڏينهن تي، روهڻي نکٽ هوندو، ان مهل ڪانجي/ شري ڪرشن اوتار وٺي ايندو.]

ان کان سواءِ شري ڪرشن جي زندگي هڪ مثالي گذري آهي. جنهن جو ذڪر مهاڀارت، ڀڳوت گيتا سميت هندن جي ڪيترن ڌرمي پستڪن ۾ آيل آهي. ڪُروکيتر واري لڙائيءَ ۾ اهم ڪردار هيو. ان دوران ارجڻ پانڊوَ کي ڏنل سمجهاڻيون، شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ اشلوڪن جي صورت ۾ موجود آهن. هُو جتي هڪ جنگجوءَ جي حيثيت ۾ ننڍا وڏا ڪم سرانجام ڏئي ٿو، اتي هو دياوان، پنهنجي نسل کي بچائيندڙ ۽ هڪ سکيا ڏيندڙ جي روپ ۾ سامهون اچي ٿو. علامه آءِ آءِ جي راءِ موجب، ڀارت ۾ فنون لطيفه، شري ڪرشن جي ڪري ئي وجود ۾ آئي. ميران ٻائي سندس خاص ڀڳتياڻي هئي. سندس شاعري شري ڪرشن سان منسوب آهي.

اورُون ڪي پِيا پرديس بسَي، لک لک ڀيجين پاتِي،

ميرا پيا ميرَي هَئيا ۾ بسَي، گُونج ڪرون دِن راتِي!

جنم اشٽميءَ تي سڀ کان وڏو ميلو دُوارڪا ۾ لڳندو آهي، جڏهن ته دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪرشنا مندرن ۾ ميلا لڳندا آهن. شري ڪرشن جي پوڄا ڪئي ويندي آهي.

جيئن ته شري ڪرشن کي گهنشيام به سڏيو ويندو آهي. ان نسبت سان ڪيتريون ناريون پنهنجي وَرن کي گهنشيام سان تشبيهه ڏينديون آهن.

دُوارڪا ديش شري ڪرشن ڀڳوان جي راڄڌاني[سنواريو]

دُوارڪا ٻيٽ هندوستان جي رياست گجرات جي ضلعي دوارڪا جو هڪ ننڍو جزيرو آهي جنهن جي ڀرسان سمنڊ جي اندر غرق ٿيل هڪ شهر به لڌو ويو آهي، ان شهر کي دُوارڪا چون ٿا. دُوارڪا ديش شري ڪرشن ڀڳوان جي راڄڌاني هئي، دُوارڪا 4000 سال اڳ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو جنهن جا آثار سمنڊ جي اندر دُوارڪا ٻيٽ جي ڀرسان موجود آهن. دوارڪا ٻيٽ کان 3 ڪلوميٽر فاصلي تي اوکا پورٽ آهي، اوکا جو شهر شري ڪرشن ڀڳوان جي پوٽي انيرُڌ اڏرايو هيو، اوکا ۽ دُوارڪا ٻيٽ ۾ هن وقت تائين سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ايسٽ انڊيا ڪمپني جڏهن ڪراچي پورٽ تعمير ڪرايو ته لکين سنڌي اوکا ۽ دُوارڪا ڇڏي ڪراچي لڏي آيا. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ميمڻ اڪثريت ۾ اوکا جا آهن، جيڪي هاڻي پنهنجو پاڻ کي اوکائي ميمڻ سڏرائين ٿا. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. ارجن ڪرشن : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. محقق؛ ڊاڪٽر برقت نوناري

حوالو: هندن جا ڏڻ، تولارام سوٽهڙ، روشني پبليڪيشن، 2017ع، ص 60 - 65