قوم

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

قوم (Nation) جو لفظ عربي ٻولي مان آهي ۽ فارسي، اردو، سنڌي ۽ ٻين ويجهن ٻولين ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. سنڌي ۾ قوم (Qoum) مان مراد ماڻهن جي گروهه کي چيو ويندو آهي سياسي، اقتصادي مفادن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو هجي انهن جي ثقافت، ريتو، رسمون ۽ رواج پاڻ ۾ هڪ جهڙا هجن.

قوم يا ’نيشن‘ لاطيني ٻوليءَ جي لفظ natio مان ورتل آهي ، جيڪو فرانسيسي ٻوليءَ ۾ nation بڻيو ، اتان کان انگريزيءَ ۾ مشهور ٿيو . ان جو اصل ۽ قديم مطلب ڪنهن خاص علائقي ۾ ڄمڻ يا ڪنهن مخصوص انساني گروهه جو حصو هجڻ آهي . جديد تشريح جي حوالي سان ، قوم جو روايتي بنياد هڪ جهڙي ٻوليءَ، مذهب، روايتن، تاريخ، ثقافت، معاشي مفادن، علائقي ۽ نسل سان واسطيدار انساني آباديءَ تي ٻڌل هوندو آهي ، پر دنيا ۾ مختلف نسلي گروهه يا ملڪ مختلف قسمن جي ’قومي سڃاڻپ‘ رکندا آهن. جهڙي طرح مذهبي نظرين مطابق مسلمان، يهودي ۽ عيسائي مختلف نسلن سان واڳيل هوندي به قوم آهن . ٻولين جي حوالي سان انگريزي، لاطيني ۽ اسپيني وغيره ۾ ٻولين جي بنياد تي ’قومي هڪجهڙايون‘ ملن ٿيون . ٻئي طرف ڪافي قومون (مثال طور سئٽزرلئنڊ) گهڻ-ٻولياتي پسمنظر جي حوالي سان سڀني قومن کان مختلف هوندي به قوم آهن. دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون قومون (مثال طور اسرائيل) جن جي اڃا تائين سياسي سڃاڻپ نه ٿي آهي ، پر قوم سڏائين ٿيون . ساڳي طرح فلسطيني بااختيار نه هوندي به قوم طور ڳڻجن ٿا . جڏهن ته ڪجهه قومون (مثال طور هندوستان) مذهبي لحاظ کان بلڪل مختلف عقيدا رکندي به قوم آهن. تاريخي لحاظ کان انهن ’قومي هڪجهڙاين‘ کي لساني علائقائي، ٻولي، يا عقيدي وغيره تي ٻڌل پسمنظرن مان پرکيو ويندو هو، پر جڏهن کان بين الاقوامي تعلقات جي علم (I.R) وسعت اختيار ڪئي آهي ۽ هر ملڪ بين الاقوامي سطح تي دنيا ۾ سياسي، معاشي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان قومن کي سياسي ۽ معاشي هڪجهڙائين جي تصورن تحت به سڃاڻپ ملي آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد