غزني صوبو
غزني صوبو | |
|---|---|
افغانستان جو صوبو | |
غزني جا برف سان ڍڪيل جبل | |
افغانستان جي نقشي ۾ غزني صوبو نمايان ڏيکاريل | |
| جاگرافي بيهڪ (گاديءَ جو هنڌ): 33°30′N 68°00′E / 33.5°N 68°E | |
| ملڪ | |
| گاديءَ جو هنڌ | غزني شھر |
| Government | |
| • گورنر | وحيد الله ڪليمزئي (2018)[1] |
| Area | |
• Total |
22,915 ڪ.م2 (8,848 ميل2) |
غزني صوبو : (انگريزي: Ghazni Province ) افغانستان جي 34 صوبن مان ھڪ صوبو جيڪو وچ افغانستان جي اوڀر پاسي واقع آهي. ھي صوبو 19 ضلعن ۾ ورھايل آھي. 13 لک آبادي واري ھن صوبي ۾ ھڪ ھزار کان مٿي ڳوٺ واقع آھن. صوبي جو گادي جو هنڌ غزني شھر آھي جيڪو ڪابل- قنڌار ھاء وي تي واقع آھي. ستين صدي عيسويءَ کان اڳ ھي علائقو ٻڌ تھذيب جو مرڪز ھيو جنھن جا کوڙ آثار کوٽائي ۾ مليا آهن. محمود غزنوي جي دؤر م ھتان جي ٻڌ ۽ ھندو آبادي وڏي پيماني تي مسلمان ٿي وئي. بابر لکيو آهي تہ ان جي دور ۾ ھي علائقو زابلستان جو حصو ھيو. 2013 م ھن صوبي جي آدمشماري 13,68,800 ھئي.[2] جيڪا گھڻ نسلي ماڻھن تي مشتمل ھئي جن مان 90 سيڪڙو ھزارا، پختون ، تاجڪ ۽ ھندو نسل جا ماڻھو ھيا باقي ڏھ سيڪڙو ٻيا نسل ھيا.[3] ھزارا نسل جي آبادي 602'965, جيڪا ڪل آبادي جو %60 آھي. پختون نسل جا ماڻھو 304,000 جيڪي %32 آھن، تاجڪ ٽوٽل 52,000 يعني %4.7 سيڪڙو ۽ ھندو مذھب جا ماڻهو ھڪ سيڪڙو کان ٿور گھٽ آھن [4] پختون گھڻي ڀاڱي غلجي قبيلي سان تعلق رکندڙ آھن . ھتان جي معيشت زرعي آھي ان سان گڏ مال جي پرورش پڻ شامل آهي ۽ ھتي جي مشهور پيداوار ڪڻڪ، گدرا ۽ بادام وغيره آھي.
انتظامي ورھاست
[سنواريو]
| ضلعو | صدر مقام | آبادي (2013) | نسلي گروھ[5] |
|---|---|---|---|
| آب بند ضلعو | حاجي خيل | 26,700 | پختون |
| اجرستان ضلعو | سنگر شھر | 28,000 | پختون |
| اندر ضلعو | ميراي شھر | 121,300 | پختون |
| ديھ يڪ ضلعو | رمڪ شھر | 47,500 | پختون |
| گيلان ضلعو | جنڊا | 56,200 | پختون ، ازبڪ ، ھزارا |
| غزني ضلعو | غزني شھر | 157,600 | ھزارا، تاجڪ، پختون |
| گيرو ضلعو | پانا شھر | 35,500 | پختون |
| جاغوري ضلعو | سنگ ماشا | 300,000 | ھزارا نسل |
| جغتو ضلعو | گلبوري | 32,265 | ھزارا ۽ پختون |
| خوگياني ضلعو | خوگياني | 19,600 | پختون |
| خواجا عمري ضلعو | خواجا عمري | 18,400 | ھزارا، تاجڪ ۽ پختون |
| مالستان ضلعو | مير آدينه | 79,800 | ھزارا |
| مقر ضلعو | مقر | 48,900 | پختون |
| ناوا ضلعو | ناوا شھر | 28,900 | پختون |
| ناور ضلعو | دو آبي | 91,900 | ھزارا نسل |
| قراباغ ضلعو | قراباغ | 150,000 | اڌ پختون ۽ اڌ ھزارا نسل |
| رشيدان ضلعو | رشيدان | 17,500 | پختون |
| واغظ ضلعو | واغظ | 37,500 | پختون |
| زنه خان ضلعو | دادو | 12,200 | پختون |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Wahidullah Kalimzai", www.afghan-bios.info (ٻولي ۾ en-gb), حاصل ڪيل 24 آڪٽوبر 2018۔
- ↑ "Settled Population of Ghazni province by Civil Division, Urban, Rural and Sex-2012-13", Islamic Republic of Afghanistan, Central Statistics Organization, حاصل ڪيل 16 جون 2013۔
- ↑ "Understanding War", Understanding War, حاصل ڪيل 17 آگسٽ 2013۔
- ↑ "Ghazni Province", Program for Culture & Conflict Studies, Naval Postgraduate School, حاصل ڪيل 16 جون 2013۔
- ↑ Atlas of the Islamic World and Vicinity, (Afghanistan Ethno Maps and Statistics Collection| Dr. Michael Izady[مئل ڳنڍڻو]
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]افغانستان جي 34 صوبن يا ولايتن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

| صوبو/ولايت | صوبو/ولايت | صوبو/ولايت | صوبو/ولايت |
|---|---|---|---|
| 1. بدخشان صوبو | 2. بادغيس صوبو | 3. بغلان صوبو | 4. بلخ صوبو |
| 5. باميان صوبو | 6.دايڪندي صوبو | 7. فرا صوبو | 8. فارياب صوبو |
| 9. غزني صوبو | 10. غور صوبو | 11. ھيلمند صوبو | 12. ھرات صوبو |
| 13. جوزجان صوبو | 14. ڪابل صوبو | 15. قنڌار صوبو | 16. ڪاپيسا صوبو |
| 17. خوست صوبو | 18. ڪونر صوبو | 19. قندوز صوبو | 20. لغمان صوبو |
| 21. لوگر صوبو | 22. ننگرھار صوبو | 23. نيمروز صوبو | 24نورستان صوبو |
| 25.اروزگان صوبو | 26. پڪتيا صوبو | 27.پڪتيڪا صوبو | 28.پنجشير صوبو |
| 29. پروان صوبو | 30.سمنگان صوبو | 31. سرپل صوبو | 32. تخار صوبو |
| 33. ميدان وردڪ صوبو | 34. زابل صوبو |
حوالا
[سنواريو]- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از October 2023
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- افغانستان جا صوبا
- اسلامي جهموريا افغانستان جا صوبا