سنڌي ماڻھو
ھي مضمون ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
سنڌي لوڪَ | |
سنڌين جي ڳڻپ | |
؟ | |
53,410,910: | پاڪستان · |
5890،000: | هندستان · |
ٻولي: | سنڌي ٻولي |
سنڌي ماڻھو ڏکڻ ايشيا ۾ آباد ماڻھن جو هڪ نسلي گروھ آهي جيڪو دراوڙ، آريائي ۽ سامي نسلن سان تعلق رکي ٿو۔ سنڌي ماڻھو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا۔ پاڪستان جو سنڌ صوبو انھن جي نالي سان تعلق رکي ٿو۔ سنڌي ماڻهو سنڌي ٻولي کي مادري ٻولي طور ڳالهائيندا آهن ۽ اردو يا هندي کي ٻي درجي جي ٻولي طور ڳالهائيندا آهن۔
هندستان جي ورهاڱي کانپوء مسلمان سنڌي نئين ملڪ پاڪستان ۽ هندو سنڌي هندستان هليا ويا۔ سنڌي ماڻهن جي اڪثريت مسلمان آهي،۽ سريلنڪا ۾ بہ مھاڻا ملاح ھزارن سالن کان سريلنڪا ۾ واپار لائي ويندا رھيا آھن جڏھن تہ ڀارت کان پوء سريلنڪا مين سنڌي واڏي تعداد ۾ رھندا آھن. هندو مذهب جي مڃيندڙن جو به وڏو انگ آهي ۽ ڪجهه ٻين مذهبن جا پيروڪار آهن۔
سنڌي رهڻي ڪهڻي | ||||
---|---|---|---|---|
نالو
[سنواريو]لفظ ”سنڌ“ يا ”سنڌو” سنسڪرت ٻولي مان نڪتل آهي جنهن جو مطلب ”وڏو درياھ“ آهي ۽ سنڌو درياھ جي ڪپن کي پهريون دفعو آباد ڪندڙن کي سنڌين جو نالو ڏنو ويو۔
ٻولي
[سنواريو]سنڌين جي مادري ٻولي سنڌي آھي، جيڪا ھڪ قديم ھند-آريائي ٻولي آھي جيڪا سنڌ جي تاريخي خطي ۾ سنڌي ماڻھن پاران ڳالھائي وڃي ٿي۔ سنڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آھي۔ انڊيا ۾، سنڌي وفاقي سرڪار پاران مڃتا حاصل ڪيل ٻولين يعني شيڊيولڊ ٻولين مان ھڪ آھي۔
قومون
[سنواريو]سنڌي ماڻھن جي اڪثريت سماٽ ۽ ٻروچ قومن سان تعلق رکي ٿي۔ ان کان علاوہ عرب ۽ درواڙ نسل سان تعلق رکندڙ سنڌي به چڱي تعداد ۾ موجود آھن۔ پٺاڻ، پنجابي ۽ ڪجهه ٻين قومن سان تعلق رکندڙ سنڌين جي ھڪ قليل تعداد موجود آھي۔ انھن سڀني جي مادري ٻولي سنڌي آھي۔