سري لنڪا

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

سريلنڪا هڪ ايشيائي ملڪ آهي، جيڪو پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آھي. ان ملڪ جا پاڪستان سان دوستاڻا رويا آھن. سريلنڪا يا شري لنڪا کي سلون به سڏيندا آهن. پر ان جو اصل نالو ’لنڪا‘ هو. جيڪو وري سرڪاري طرح رکيو ويو آهي. هندن جي مذهبي ڪتابن راماين وغيره ۾ پڻ هن کي لنڪا سڏيو ويو آهي. شاهه لطيف پڻ سُر سامونڊيءَ ۾ هن لنڪا جو ذڪر ڪيو آهي.

کاري کيڙائو، مٿي مِٺي موٽيا
سودو ڪن سون جو وڏا وهائو
موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آيا.
شاهه عبدالطيف ڀٽائي

دنيا جي نقشي ۾ سريلنڪا ڏسبو ته محسوس ٿيندو ته Pearl ’مڻئي‘ جي شڪل جهڙو هي ٻيٽُ پاڪستان جي ويجھو هئڻ جي باوجود به ايترو ويجھو ناهي. مثال طور پاڪستان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ملڪن سان ڳنڍيو پيو آهي. هڪ پاسي ايران افغانستان ته ٻئي پاسي چين ۽ روس جي سرحد به سڏ پنڌ تي. ان کان سواءِ دبئي، دوحا (قطر)، ڪويت، عمان، سعودي عرب پڻ سڏ پنڌ تي. ڪيترن ئي ملڪن سان ريل ۽ روڊ ۽ ٽيليفون سان ڳنڍيل. اوسي پاسي جي ملڪن جون ڪمزور ريڊيو اسٽيشنون به ٻُڌڻ ۾ اچن. پر نقشي ۾ سريلنڪا کي ڏسبو ته سريلنڪا جو ٻيٽ فقط اتر ۾ هندستان سان ٿورو لاڳو آهي (يعني هڪ سنهو ’پلڪه‘ نالي ڳچي سمنڊ اٿس) ۽ هندستان جو ڪورو منڊل سامونڊي ڪنارو اتر سلون کان پنجويهه ميل کن پري ٿيندو. باقي سلون جي ڏکڻ پاسي پري پري تائين ڪنارو ناهي. ويندي ائنٽارڪٽڪ سمنڊ جي برفائين ڪناري تائين. جتي ڪا آبادي ناهي فقط سي گل ۽ پينگُئن جهڙا پکي رهن ٿا.

ڪولمبو جي اولهه ۾ به هزار ٽي سؤ پنجاهه ميل پري مگديشو (سومالي لئنڊ) آهي. وچ ۾ ننڍن مالديو ٻيٽن کان سواءِ سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ۽ اوڀر ۾ هڪ هزار اٺ سؤ پنجويهه ميلن کان پوءِ سنگاپور ٿو اچي.دنيا کان ايترو ڇڄيل هجڻ جي باوجود سريلنڪا ٻن هزار سالن کان دنيا ۾ مسالي، قيمتي پٿرن، هيرن جواهرن، لعلن ياقوتن کان مشهور آهي ۽ جهازن لاءِ سڻائو، وڻندڙ ۽ دلچسپ تڙ (Port) پئي رهيو آهي. هينئر ته سڀڪُجهه: نديون، نارا، ڍنڍون ڍورا، سمنڊ جبل، هر شيءِ نقشن تي ماپيل ۽ ميل آهي ۽ ٻين ڳالهين سان گڏُ جهازراني به گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ ڪابه جڳهه پري يا ڏکي ناهي. پر تعجب آهي ته پراڻي زماني ۾ جڏهن سجُ، چنڊُ تارن ۽ هوائن کان سواءِ ٻيو ڪوبه Navigational Aid يا جهازرانيءَ ۾ مدد ڪندڙ اوزار نه هو، تڏهن به يوناني، رومن، عرب، چيني، پورچوگيز، ڊچ وغيره سڀُ سلون کان ڀلي ڀت واقف هُئا. سنڌباد جا سفر ته سنڌ ۾ به مشهور آهن. هو پنهنجي روايتي سفرن دوران سريلنڪا ۾ پڻ ٻه دفعا آيو.

پليني (جيڪو رومن هو) تنهن سلون جو پهريون نقشو، پهرين صديءَ عيسويءَ ۾ تيار ڪيو. تيرهينءَ صدي عيسويءَ ۾ مارڪوپولو دنيا (يورپ آفريڪا ۽ ايشيا) جو چڱو سفر ڪيو. هنپنهنجي ڪتاب ۾ سريلنڪا جو گھيرو ٻه هزار چار سؤ ميل لکيو آهي. انگريزيءَ جي مشهور شاعر ملٽن پڻ جنهن جو (Paradise lost) نالي ڪتاب تمام گھڻو مشهور آهي، ان ڪتاب ۾ سريلنڪا جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سلون جو يوناني نالو تئپروبين (Taparobane) استعمال ڪيو آهي.

برٽش عالم ايمرسن ٽينٽ سريلنڪا بابت ٻن جلدن تي ڪتاب لکيو آهي جيڪو 1859ع ۾ ڇپيو. ان ۾ ڄاڻايل آهي ته ٽئپروبين سنسڪرت جو بگڙيل لفظ آهي، جنهن جي معنا ’وڏو حوض‘ يا ’ڳاڙهن ڪنول جي گُلن سان ڍڪيل تلاءُ‘ آهي. سريلنڪا بابت ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. هڪ ٻيو ڪتاب (Ceylon- Pearl of the East) نالي هئري وليمس جو لکيل آهي. ان ۾ هن ڄاڻايو آهي ته اهو ٽپروبين نالي پالي زبان (جيڪا آرين ويدن جي ٻولي هُئي ۽ اڳتي هلي ٻڌُ ڌرم جي پوتر زبان ٿي) مطابق تامباوانا (معنا ٽامي جي رنگ جهڙو) آهي. اهو نالو شايد سريلنڪا جي ڳاڙهسري ڌرتيءَ ڏي اشارو آهي، جتي راجا وجيه سان گڏ ٻيا به آريا عيسوي سن کان پنج سؤ سال اڳ پهتا هُئا. سندن پهريون گاديءَ جو هنڌُ تمبا پاني نالي شهر هو ــ جنهن پُٺيان ٻيٽ جو نالو مشهور ٿيو.

پٽولمي ٻي صديءَ جو مشهور جاگرافر ٿي گُذريو آهي. تنهن سريلنڪا کي سموندو (پاڪ قانون جو مک) سڏيو آهي. ان کان سواءِ سلون لاءِ ٻيو نالو ’سلائيق‘ سڏيو آهي. جو ”سنهالا“ لفظ جي بگڙيل صورت ٿو ڏسجي، هونءَ سنهالا لفظ کي (جنهن جي معنا ’شينهن جي رهڻ جي جڳهه‘ آهي) اتر هندستان کان لڏي آيل وڌيڪ اوليت ڏني آهي.

سريلنڪا بابت هڪ ڪتاب Ceylon- the Resplendent Land جنهن جو ليکڪ آرگس نالي هڪ آمريڪن آهي (سندس ٻيا به ڪيترائي مشهور ڪتاب آهن. جيئن (Reading to others) ۽ (Myths of Turkey). ان ۾ آهي سنهالا جو شينهن وجيه گھراڻي (سلون جو پهريون حاڪم) جو نشان آهي ۽ اها ڪٿا مشهور آهي ته وجيه جي ڏاڏيءَ بنگال جي هڪ شينهن سان شادي ڪئي، جنهن مان وجيه جو پيءُ ڄائو. اڄُ به سلون جي جھنڊي تي سلون جو شينهن اسٽائيل ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. سندس مٿي ڪيل اڳئين پير ۾ خنجر جھليل آهي.

رچرڊ برٽن جنهن سنڌ بابت پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن کي ڪيتريون ئي ٻوليون اينديون هيون. تنهن جي خيال موجب سلون جو لفظ سيهالا سنسڪرت مان نه پر پالي زبان مان ورتل آهي، جنهن جي معنى ’جواهرن جي جڳهه‘ آهي. ’سنهالا‘ يا ’سيهالا‘ اڳتي هلي ’سينديوا‘ ۽ ’سلانديوا‘ ٿيندو عربن جي زبان مطابق ’سرنديپ‘ سڏجڻ لڳو ۽ ان کي ڪرونڍڙو ڪري پورچوگيزن ’سيلائو‘ سڏيو. زيئلان (Zeilan) يا (Ceilan) ڊچن سڏيو ۽ ان کانپوءِ انگريزن سيلان (Ceylon) نالو رکيو، جيڪو اڃا تائين هلندو اچي ۽ اسان وٽ سنڌ ۽ هند ۾ سلون ٿو سڏجي. سندس پراڻو سنسڪرتي نالو ’لنڪا‘ (معنى چمڪندڙ) وري ويجھڙائيءَ ۾ رکيو ويو آهي. ڇو ته سيلان انگريزن جو نالو رکيل آهي. ان مان شايد غلاميءَ جو تاثر ملي ٿو، ان ڪري ان جو جھونو نالو سريلنڪا رکيو ويو آهي.

سنڌ ۾ هن سريلنڪا لاءِ سلون، لنڪا ۽ سرنديپ نالا مشهور آهن. جهڙي طرح ڪيترائي عربي لفظ انگريزي زبان ۾ اچي ويا آهن جيئن آلجبرا، ڪيمسٽري وغيره. تهڙي طرح سرنديپ (جيڪو عربن نالو مشهور ڪيو) مان مشهور انگريزي لفظ (Serendipidity) ٿيو آهي. جيڪو پهرين ارڙهين صديءَ جي انگريز ليکڪ هورئس والپو پرين جي آکاڻي ٽي سرنديپ جا شهزادا (Three Princes of Serendeb) ۾ استعمال ڪيو آهي. ان ۾ سڀني هيرن (شهزادن) ۾ اها لياقت آهي ته هر اتفاق ۽ حادثي ۾ اچتو هنن کي ڪانه ڪا سُٺي ايجاد يا خوشي حاصل ٿيو وڃي. ان تان ئي انگريزي لفظ جُڙيو Serendipidity.

پُراڻي زماني کان سريلنڪا (سلون) سونهن، ساوڪ ۽ پيار جي علامت پئي رهيو آهي. نه رڳو ننڍي کنڊ جي شاعرن ۽ اديبن ان جو ذڪر ڪيو آهي پر يورپي شاعرن ملٽن کان اووڊ تائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سريلنڪا (سلون) هڪ ڏورانهين سحر انگيز ۽ موهيندڙ ملڪ جي حيثيت ۾ لکيو آهي. انجيل مقدس (Holy Bible) ۾ طارشش نالي هڪ شهر جو ذڪر ٿيل آهي, جتان حضرت سُليمان جا جهاز ٽن سالن ۾ هڪ دفعو ”چاندي عاج، ڀولڙا ۽ مور کڻي ايندا هُئا“ ـــ سلون جي ڏکڻ اولهه ڪناري تي هڪ شهر گال (Galle) آهي. ٽيننٽ جو ته اهو يقين آهي ته بائيبل مقدس ۾ ذڪر ڪيل مٿيون شهر طارشش اهو سلون جو شهر گال آهي. جتيوڻيڪ اڄُڪلهه جا ماڊرن جاگرافر اهو ٿا چون ته اهو بائيبل ۾ ذڪر ڪيل طارشش جو شهر اسپين ۾ آهي. پر ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته سلون ۾ چاندي، ڀولڙا، مور ۽ هاٿين ڪري عاج تمام گھڻو آهي ۽ نه ڪي اسپين ۾. ڪيترن ئي بائيبل جي عالمن ۽ عيسائين جو اهو عقيدو آهي ته حضرت نوح جي ٻيڙي طوفان کان پوءِ سرنديپ وٽ اچي بيٺي. [1]

گهڻن ئي مسلمانن جو اهو عقيدو آهي ته حضرت آدم ۽ بيبي هوا جنت مان نڪرڻ کان پوءِ پنهنجي زندگي ڌرتيءَ تي سريلنڪا (سلون) جي عدن باغ جي ڀر ۾ گُذاري، جيڪا بيشڪ هڪ خوبصورت جڳهه آهي.

شروعاتي سياحن مان (جيڪي سلون ۾ آيا) هڪ تمام مشهور سياح ابن بطوطا آهي. هي ٽئنجير جو مُور (مسلمان حبشي) هو ۽ سلون ۾ 1347ع ۾ آيو هو. انهيءَ زماني ۾ عربن دال چينيءَ کان دنيا کي واقف ڪرائي ڇڏيو هو. ابن بطوطا کان اڳ ڪنهن به دال چينيءَ جو ذڪر نه ڪيو آهي ۽ نه تيسين دال چيني مشهور ٿي هُئي. ابن بطوطه هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ آدم جي چوٽيءَ (Adam’s Peak) تي پڻ زيارت لاءِ ويو, جيڪا سنهالي زبان ۾ سري پادا سڏجي ٿي (يعني پاڪ پير جو نشان) جتي چيو وڃي ٿو ته حضرت آدم عليه السلام جي پير جو نشان آهي. هي جبل صدين کان ٻُڌن، هندن، مسلمانن ۽ عيسائين لاءِ زيارت گاهه رهندو اچي. هن جبل جي چوٽيءَ تي هڪ وڏو پٿر آهي, جنهن تي پير جو نشان آهي, جيڪو ٻُڌ ڌرم جي اٺين سال (ٽيو دفعو) جڏهن گوتم سلون ۾ آيو هو ته اتي اچي بيٺو هو يعني شهزادي وجيه جي سلون اچڻ کان ڪجھه سال اڳ جي ڳالهه آهي.

هندو چون ٿا ته اهو شيوا جو نشان آهي ۽ مسلمان ۽ عيسائين جي عقيدي مطابق اهو حضرت آدم جي پير جو نشان آهي ۽ زمين تي لهڻ وقت ان جڳهه تي حضرت آدم عليه السلام هڪ پير تي هڪ هزار سال بيٺو هو. ڪجھه عيسائين جو اهو به چوڻ آهي ته اهو پير سينٽ ٿامس جو آهي. جبل جي چوٽيءَ تي هر سال سلون جا ۽ ٻاهران آيل ٻُڌ تيرٿي (زيارتي) هزارين اچن ٿا ۽ ٻُڌن لاءِ پاڪ ڏند کان پوءِ سلون ۾ ٻيو نمبر عزت ۽ احترام جي جڳهه سري پادا (پاڪ پير) آهي.

ٽيننٽ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هن آدم جبل جي چوٽيءَ کان شروعاتي چيني مسافر ۽ جهازي پڻ متاثر هُئا ۽ سلون ۾ ايندي وقت سمنڊ تي رستو ڳولهڻ لاءِ ان جبل جي چوٽيءَ جي Bearing وٺندا هُئا. تڏهن جا چيني پڻ ان چوٽيءَ تي زيارت لاءِ ويندا هُئا. هنن جو عقيدو اهو هو ته اها دنيا جي پهرين پيدا ٿيندڙ ماڻهوءَ جنهن کي هو پان ڪو سڏين ٺاهي هُئي ۽ سلون جا هيرا جواهر ان پهرين پيدا ٿيل انسان پان ڪو جي اکين جا ڳوڙها آهن، جيڪي سُڪي ٺوٺ ٿي هيرا ٿي پيا آهن. چين ۾ ٻُڌ ڌرم پکڙڻ سان سلون کي وڌيڪ اهميت ملي ۽ گوتم ٻُڌ جي مورتين جي ضرورت وڌڻ لڳي، جيڪي سلون جا سنهالي آرٽسٽ ٺاهيندا هُئا. ان ڪري چينين جي سلون ۾ اچ وڃُ شروع ٿي وئي ۽ سلون وڻج واپار، خوبصورتي، وڻڪار ۽ ڪلچر کان تڏهن کان مشهور ٿي ويو هو.

مارڪوپولو چين کان جڏهن واپس وري رهيو هو ته رستي تي سريلنڪا (سلون) ۾ 1291ع ۾ ترسيو هو. هن انهن ڏينهن ۾ سلون ۾ آفريڪي مسلمان حبشين کي واپار ڪندي ڏٺو. همراهه سلون جي هيرن جواهرن کان ڏاڍو متاثر ٿيو. خاص ڪري هڪ رُبي (لعل) کان. ”ماڻهن جي ٻانهن جيڏو ياقوت“، پاڻ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو اٿس، ”جنهن تي ڪو به داغ ناهي ۽ جنهن کي خريد ڪرڻ لاءِ قبلائي خان سڄو شهر ٿي ڏنو پر بادشاهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو.“ پراڻن سياحن ۽ ليکڪن جون ڳالهيون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته سلون جو ٻيٽ ماضيءَ ۾ به خوبصورت ۽ مشهور رهي چُڪو آهي. وڻج واپار کان. گھمڻ ڦرڻ کان. قصن ڪهاڻين کان. مذهبن ۽ ماڻهن کان.

سريلنڪا يعني لنڪا شريف ۾ مهاوامسا تواريخ مطابق وجي نالي هڪ هندو شهزادو عيسوي سن کان به ڇهه سؤ سال اڳ هندستان کان آيو ۽ پهريون سنهالي بادشاهه ٿيو ۽ حڪومت قائم ڪيائين. اهو شهنشاهي راڄُ هلندو ئي رهيو تان جو اوڻهينءَ صديءَ ۾ انگريزن ڪئنڊيءَ جي راڄ تي قبضو ڪيو.

1905ع ۾ پورچوگيزن اوڀر ۽ ڏکڻ وارن ڪنارن تي پنهنجون بيٺڪون ٺاهيون. پورچوگيز پهريان يورپي هُئا جن پنهنجي سامونڊي طاقت تي آفريڪا کنڊ لتاڙي ڪيپ آف گُڊ هوپ (Cape of Good Hope) اڪري اچي ننڍي کنڊ جي ڪناري وارن علائقن تي قبضو ڪيو. 1612ع ۾ انگريز جڏهن سنڌ ۾ آيا ته هنن پورچوگالي استادن کي اڳهين اتي ڏٺو! ۽ انگريزن کان گھٽ ۾ گھٽ سٺ ستر سال اڳ هي پورچوگيز سنڌ ۾ آيل هئا، ڇو ته 1555ع ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي وچ ۾ لڳل گھرو جنگ ۾ پڻ پورچوگيزن حصو ورتو هو ۽ تاريخ طاهري مطابق شاهه حسن ارغون جي غير حاضريءَ ۾ پورچوگيزن ٺٽي کي لُٽيو ۽ ساڙيو هو. انگريزن جي لاري بندر (ٺٽي) جي سرزمين تي قدم رکڻ کان اڳ هنن پورچوگيزن جو ايراني نار، گُجرات ۽ گوا سان واپار ڄميل هو ۽ لاري بندر ۾ ٺٽي وٽ ڪليسا پڻ ٺهرايل هو.

سلون ۾ پڻ پورچوگيز پهرين آيا ۽ سترهين صديءَ جي وچ ڌاري ڊَچ آيا. پوءِ 1796ع ۾ برطانوي راڄُ سلون ٻيٽ تي فتحيابي حاصل ڪئي ۽ کيس مدراس پريزيڊنسيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. 1802ع ۾ سلون کي هندستان کان ڌار ڪيو ويو ۽ سلون (Crown Colony) ٿي رهيو، هانگ ڪانگ سندن هٿ ۾ هو، جيڪو 1 جولاءِ 1997ع تي چين کي واپس ڪيو ويو.

سريلنڪا اڄڪلهه آزاد ملڪ ۽ ڪامن ويلٿ جو ميمبر آهي. سريلنڪا کي آزادي هندستان ۽ پاڪستان کي آزادي ملڻ کان پوءِ سگھو ئي ملي ۽ ان وقت کان سلون کي پنهنجي حڪومت آهي. پهريان چار سال مسٽر ڊي. ڊبليو سينانائڪي پهريون پرائيم منسٽر ٿي رهيو. ان کان پوءِ مسٽر بندرانائڪي (جيڪو پوءِ 1959ع ۾ قتل ڪيو ويو) ۽ 1960ع ۾ سندس زال مسز بندرانائڪي پرائيم منسٽر ٿي.

سريلنڪا جي نوي سيڪڙو آبادي ٻُڌ آهي. دنيا جا ڪيترائي وڏا پگوڊا سريلنڪا ۾ آهن ۽ ٻُڌ ڌرم سريلنڪا جو هڪ قسم جو سرڪاري مذهب آهي، ان مذهب جي پاڪ ڏينهن تي موڪلون ٿين. هر مهيني جي چوڏهين تاريخ (سڄي چنڊ جي رات) ٻُڌ گُل کڻي پگوڊائن ۾ عبادت لاءِ ويندا آهن ۽ گوتم جي مورتي اڳيان ڀينٽ رکن. هر مهيني جي چوڏهين تاريخ سڄي سلون ۾ موڪل ٿئي. ان ڏينهن کي پويا ڊي (Poya Day) سڏين.

ريڊيو سريلنڪا جيڏي طاقتور ۽ مشهور اسٽيشن آهي ان جي مقابلي ۾ عمارت ننڍي اٿس. ريڊيو سلون جي ڪهاڻي به عجيب آهي. هڪ سلوني صحافي وٽاچي تارازي جي لکيل ڪتاب (The Brown Sahib) موجب، ٻي جنگ عظيم کان اڳ ريڊيو سلون تمام ننڍي ريڊيو اسٽيشن هُئي جا سلون ۾ به مس ٻُڌڻ ۾ ايندي هُئي، پوءِ لارڊ مائونٽ بيٽن ڏکڻ اوڀر جي ملڪن سان ريڊيو ذريعي بين الاقوامي رابطو قائم رکڻ لاءِ هڪ طاقتور ريڊيو اسٽيشن تيار ڪرائي ۽ 1947ع ۾ ننڍو کنڊ ڇڏڻ وقت انگريزن سلونين کي سستي اگھه تي وڪڻڻ چاهي ٿي. تن ڏينهن ۾ سلون جي گورنر جنرل سر اوليور کي خبر پئجي وئي ته انگريزن کي اها اتي ئي ڇڏڻي پوندي جو ان کي پٽرائي واپس انگلنڊ کڻي وڃڻ تي کين ان جي قيمت کان ٻيڻو خرچ ڪرڻو پوندو. سو انگريزن جي اها سستي آڇ به قبول نه ڪيائين.“ ائين اها اسٽيشن مفت ۾ سريلنڪا کي ملي وئي. سريلنڪا جي حڪومت ان طاقتور ٽرانسميٽر کي واپاري لائين تي هلائڻ شروع ڪيو ۽ اڄُ ڏينهن تائين هلندي اچي پئي.

سلون آدمشماريءَ جي حساب کان هندستان کان به وڌيڪ ڳُتيل آهي. سلون ۾ ستر سيڪڙو ماڻهو سنهالي آهن، جيڪي پراڻي زماني مان اتر هندستان کان آيا هُئا. انهن جي سنهالي زبان سنسڪرت مان نڪتل آهي. تامل زبان ڳالهائيندڙ دير سان هندستان کان لڏي هتي آيا. سنهالين مان ڪي تامل ڳالهائيندڙن سان سڱا بندي ڪري ملي ويا آهن. پر ڪئنڊين (Kandyen) سنهالي پنهنجي انفراديت قائم رکندا اچن ۽ تامل ۽ يورپين جي هن ٻيٽ تي اچڻ وقت مقابلو هو. سنهالي گھڻو ڪري سڀُ ٻُڌ (هنيانا ٻُڌ) آهن ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪرسچن پڻ آهن. سنهالي ماڻهن جو مٿو وڏو ۽ ويڪرو، چپ مڙيئي ٿلها ٿين، طبيعت جا سادا، سٻاجھا، دوست مزاج، ماٺيڻا ۽ صلح پسند آهن. جيتوڻيڪ ڪاوڙ جا به تکا آهن. سندن وار ڪارا ۽ ٿورا گھنڊيدار، اکيون ڪاريون ۽ نڪُ سوڙهو ۽ ڊگھو آهي. سندن رنگُ مشڪي آهي. ڪي ڪڻڪ رنگا به آهن. سندن نالن جي آخر ۾ ’اي‘ ۽ ’آ‘ جا اُچار اچن. جيئن ته بندرانائڪي، سينانائڪي، هولو گالي، جاياماني، واراڌانا وغيره. ڪن ڪن سنهالين جا پورچوگالي ذاتين وارا نالا پاڻ آهن. مثلاً ڊي سلوا، پريرا ۽ فرنانڊو.

ڏکڻ هندستان جا تامل ماڻهو انگريزن مزدوريءَ لاءِ سلون، ملايا، سنگاپور ۾ آندا هُئا ۽ اڄڪلهه سلون جي سڄي آدمشُماري ۾ پنجويهه سيڪڙو کن ٿيندا. اهي گهڻو ڪري مزدوريءَ وارا ڪم ڪن. ڪنهن زماني سلون ۾ سنهالي ۽ تامل پاڻ ۾ پيار محبت سان رهندا هئا پر پوءِ آهستي آهستي ٻنهي ڌرين ۾ ڌڪار وڌڻ لڳي، جنهن جو نتيجو 1958ع واري ايمرجنسي آهي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ خون خرابو ٿيو. ڪيترا اهڙا به تامل آهن، جيڪي ويجھڙائيءَ ۾ ڏکڻ هندستان کان لڏي هتي سريلنڪا ۾ آيا. هتي اڳيئي آدمشُماري، ڏُڪار ۽ بيروزگاري وڌيل آهي. نتيجي طور سلون جي حڪومت انهن کي رکڻ لاءِ تيار نه آهي نه انهن جي اولاد کي هتي جي (Citizenship) ملي ٿي ۽ ساڳئي وقت هاڻ هندستان به انهن کي پاڻ وٽ موٽائي نٿو رکڻ چاهي. تامل درويدن جي زبان آهي ۽ سنهالي زبان کان بلڪل نرالي آهي. ٻئي مختلف زبانون (جن جي لکڻي به مختلف آهي) آزاديءَ تائين بنا ڪنهن ڇيڙڇاڙ جي هلنديون رهيون ۽ قومي زبان انگريزي هُئي. پر انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ قومي جذبي هيٺ ڪن سياستدانن 1956ع ۾ سنهالي کي سرڪاري زبان جو درجو کڻي ڏنو ۽ ان ڳالهه تان ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ خونريزيءَ جي حد تائين جھڳڙا ٿيا.

تامل ماڻهو سنهالين کان وڌيڪ ڪارا آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ جھٽ پٽ سڃاڻپ ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو چينين ۽ تائيوان جي ماڻهن جي وچ ۾ يا ڪورين ۽ جپانين جي وچ ۾. سندن نالن جي آخر ۾ گھڻو ڪري ’م‘ ’مي‘ ’نون‘ يا ’راجا‘ جهڙا اُچار اچن. مثال طور: پارا راجا، سنگھام، ڪومارا سوامي، وائٿياناٿن، وگني راجا وغيره. تامل ڳالهائيندڙ گھڻو ڪري هندو مذهب جا آهن. ڪي عيسائي ۽ مسلمان پڻ آهن. سنهالين ۽ تاملن کان علاوه ٻيون به ڪجھ قومون، ذاتيون ۽ فرقا سريلنڪا ۾ مشهور آهن. مثال طور مور، برگر، ويدا، بورا، کوجا وغيره، مور عرب واپارين ۽ آفريقا جي حبشي مسلمانن جو اولاد آهن. جن جا وڏا واپار سانگي سلون ۾ آيا ۽ ڪن پاڻ سان زالون آنديون، ڪن هتي اچي شادي ڪئي. اهي سڀُ مسلمان آهن ۽ سريلنڪا جي اوڀر واري ڪناري ۽ ڪولمبو شهر ۾ گھڻا رهن ٿا. زبان گھڻو ڪري تامل ڳالهائين. مدراس ۽ بمبئي کان سواءَ پاڪستان کان آيل بلوچ، پٺاڻ ۽ پنجابي پڻ ڪولمبو ۾ آهن. ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جا آيل سنڌي هندو واپاري سنڌي سڏجن ۽ ڪولمبو ۽ ڪئنڊي شهرن ۾ گھڻا آهن. ڊچن ۽ ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ يورپين جو اولاد برگر سڏجي ٿو. انهن جي اولاد مان گھڻن سنهالين سان شادي ڪري، ملي جُلي ويا آهن پر ڪيترن پنهنجو پاڻ کي الڳ رکيو آهي. هنن جي ڪنهن زماني تائين، خاص ڪري غلاميءَ وارن ڏينهن ۾ وڏي لئه هُئي ۽ پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ برتر ۽ اتاهون سمجھندا هُئا پر آزاديءَ کان پوءِ قومي جذبي جاڳڻ تي سندن اها عزت ڪانه رهي آهي. نتيجي طور ڪيترا ته نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا لڏي ويا آهن ٻيا وڃڻ جي تيارين ۾ آهن ۽ ڪُجهه هتي جي لوڪل ماڻهن سان رلي ملي ويا آهن. برگر گھڻو ڪري پروٽيسٽنٽ (ڪرسچن) آهن ۽ ڪُجهه ڪئٿولڪ پڻُ. سلون ۾ ڪُجهه بمبئيءَ جا واپاري، گواني، چيني ۽ آفريقا کان گھرايل مزدور شيدي جيڪي ’ڪافر‘ سڏائين ۽ ڏکڻ هندستان جا ڪجھه تيلگو ۽ مليالم زبان ڳالهائيندڙ پڻ آهن. [2] [3]

Incomplete-document-purple.svg ھي ھڪ ڪچو مضمون آھي۔ توھان ھن ۾ اضافو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا۔
  1. Bible -I kings-10,32
  2. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=151
  3. ڪتاب: سي ئي جوڀن ڏينهن، ليکڪ: الطاف شيخ