عراق
ريپبلڪ آف عراق
| |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: 'الله أكبر ([[عربي language|عربي]]) "الله اڪبر" (ھڪ ٻوليءَ کي ٻي ٻوليءَ جي لپيءَ ۾ لکڻ transliteration) "خدا سڀ کان وڏو آهي" | |||||
![]() | |||||
![]() | |||||
گادي جو هنڌ | بغداد 33°20′N 44°26′E / 33.333°N 44.433°E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | بغداد | ||||
دفتري ٻوليون | |||||
مذهب | اسلام | ||||
مقامي آبادي | عراقي | ||||
حڪومت | فيڊرل پارلياماني آئيني جمهوري رياست | ||||
• صدر |
بارهم صالح | ||||
• وزيراعظم |
عادل عبد المهدي | ||||
• اسپيڪر |
محمد الهلبوسي | ||||
• چيف جسٽس |
مدحت المحمود | ||||
مقننه | Majlis AlNuwwab | ||||
خودمختياري يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين | |||||
3 آڪٽوبر 1932 | |||||
14 جولاءِ 1958 | |||||
15 آڪٽوبر 2005 | |||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
437٬072 km2 (168٬754 sq mi) (58th) | ||||
• پاڻي (%) |
1.1 | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
37,202,572[1] (36th) | ||||
• گھاٽائي |
82.7 /km2 (214.2 /sq mi) (125th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$612 billion[2] (34 هين) | ||||
• في سيڪڙو |
$17,952[2] (76هين) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$250.070 سؤ ملين[2] (48 هين) |
عراق (انگريزي ٻولي: Iraq) وچ اوڀر ۾ واقع هڪ عرب ملڪ آھي.
تعارف[سنواريو]
عراق جون سرحدون اوڀر ۾ ايران (ڪوردستان صوبو)، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪويت، ڏکڻ ۾ سعودي عرب، ڏکڻ اولھ ۾ اردن، اولھ ۾ شام ۽ اتر ۾ ترڪي سان لڳن ٿيون. ڏکڻ اوڀر ۾ ايران ۽ ڪويت جي سرحدن جي وچان ٿوري حصي سان ايراني نار به لڳيس ٿو. بغداد عراق جو گادي جو هنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شهر آهي. قومن جي لحاظ کان هتي گھڻائي عربن ۽ ڪردن جي آهي، جڏهن ته ڪجھ تعداد ۾ اسيري، آرمينيائي، ترڪمان ۽ ٻيون قومون به رهن ٿيون. عراق جي ڪل آبادي تقريبن ساڍا ٽي ڪروڙ آهي، جنهن جو 95 سيڪڙو ماڻهو مسلمان آهن. مسلمانن کان علاوه هتي عيسائي ۽ يزدي وغيره به رهن ٿا.

جاگرافي[سنواريو]
عراق جي وچان ٻه درياھ فرات ۽ دجله وهن ٿا، جيڪي ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پهرين ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. انهن ٻنهي جي وچ وارو علائقو ڏاڍو سر سبز ۽ زرخيز آهي. باقي علائقو ريگستاني اٿس. ٻنهي ندين جي وچ واري علائقي کي ميسوپوٽيميا به چيو ويندو آهي. ميسوپوٽيميا تمام پراڻو تاريخي خطو ۽ تهذيبن جو گھر رهيو آهي. سميري، اسيري ۽ بابلي تهذيبون هتان سان ئي تعلق رکنديون هيون. بعد ۾ هي علائقو ساساني، رومي، اسلامي، منگول، صفوي ۽ عثماني سلطنتن جو به حصو رهيو.
تاريخ[سنواريو]
هاڻاڪو عراق پهرين عالمي جنگ کان پوءِ سلطنت عثمانيه جي ورهائجڻ جي نتيجي ۾ 1920ع ۾ برطانوي سلطنت جي حصي ۾ آيو. 1932ع ۾ عراق برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي. هتي 1968ع کان وٺي 2003ع تائين بعث پارٽي جي حڪومت رهي. 2003ع ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين عراق تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ صدام حسين، جيڪو ان وقت بعث پارٽي جو سربراھ ۽ عراق جو صدر هيو، کي هٽايو ويو. آمريڪا ۽ ان جي اتحادين 2011ع ۾ عراق خالي ڪيو. آمريڪا جي وڃڻ کان پوءِ عراق ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي. هن وقت عراق جو ڪجھ حصو آمريڪا جي دؤر ۾ ڪرايل اليڪشن جي نتيجي ۾ منتخب ٿيل حڪومت جي اثر هيٺ آهي، جڏهن ته ڪجھ حصي تي ڪردن جو ۽ ڪجھ حصي تي داعش نالي دهشتگرد تنظيم جو قبضو آهي.
حوالا[سنواريو]
- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 "Iraq". بين الاقوامي مالياتي فنڊ. Text "انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ" ignored (مدد)
- ↑ "2015 Human Development Report Statistical Annex" (PDF). United Nations Development Programme. صفحو. 9. حاصل ڪيل December 14, 2015.
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |