عراق
| |||||
|
| |||||
|
| |||||
| گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر |
بغداد 33°20′N 44°26′E / 33.333°N 44.433°E | ||||
|---|---|---|---|---|---|
| دفتري ٻوليون | |||||
| مذهب | اسلام | ||||
| مقامي آبادي | عراقي | ||||
| Government | |||||
• صدر | فواد معصوم | ||||
• وزيراعظم | حيدر العبادي | ||||
| قانون ساز ادارو | ڪائونسل آف ريپرزنٽيٽوز | ||||
| خودمختياري يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين | |||||
| 3 آڪٽوبر 1932 | |||||
| 14 July 1958 | |||||
| 15 October 2005 | |||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 437٬072 km2 (168٬754 sq mi) (58th) | ||||
• آبي (%) | 1.1 | ||||
| آبادي | |||||
• 2016 اندازو | 37,202,572[1] (36th) | ||||
• گھاٽائي | 82.7 /km2 (214.2 /sq mi) ( 125th) | ||||
| جي ڊي پي (مساوي قوت خريد) | 2017 اندازو | ||||
• ڪل | $612 billion[2] ( ملڪن جي جي.ڊي.پي. جي فھرست(مساوي قوت خريد) | ||||
• في سيڪڙو | $16,551[2] (71st) | ||||
| جي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2015 اندازو | ||||
• ڪل | $240.006 billion[2] ملڪن ۾ جي ڊي پي جو شمار{سانچو:GDP nominal rank) | ||||
• في سيڪڙو | $6,491[2] ([ ملڪن جي جي.ڊي.پي. فھرست | ||||
| جيني (2012) |
29.5 ڪمتر | ||||
| ايڇ ڊي آء |
وچولو · 121st | ||||
| ڪرنسي | عراقي دينار (IQD) | ||||
| معياري وقت | AST (متناسق عالمی وقت+3) | ||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | right | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +964 | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .iq | ||||
| |||||
عراق وچ اوڀر ۾ واقع هڪ عرب ملڪ آھي.
تعارف[سنواريو]
عراق جون سرحدون اوڀر ۾ ايران، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪويت، ڏکڻ ۾ سعودي عرب، ڏکڻ اولھ ۾ اردن، اولھ ۾ شام ۽ اتر ۾ ترڪي سان لڳن ٿيون. ڏکڻ اوڀر ۾ ايران ۽ ڪويت جي سرحدن جي وچان ٿوري حصي سان ايراني نار به لڳيس ٿو. بغداد عراق جو گادي جو هنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شهر آهي. قومن جي لحاظ کان هتي گھڻائي عربن ۽ ڪردن جي آهي، جڏهن ته ڪجھ تعداد ۾ اسيري، آرمينيائي، ترڪمان ۽ ٻيون قومون به رهن ٿيون. عراق جي ڪل آبادي تقريبن ساڍا ٽي ڪروڙ آهي، جنهن جو 95 سيڪڙو ماڻهو مسلمان آهن. مسلمانن کان علاوه هتي عيسائي ۽ يزدي وغيره به رهن ٿا.
جاگرافي[سنواريو]
عراق جي وچان ٻه درياھ فرات ۽ دجله وهن ٿا، جيڪي ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پهرين ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. انهن ٻنهي جي وچ وارو علائقو ڏاڍو سر سبز ۽ زرخيز آهي. باقي علائقو ريگستاني اٿس. ٻنهي ندين جي وچ واري علائقي کي ميسوپوٽيميا به چيو ويندو آهي. ميسوپوٽيميا تمام پراڻو تاريخي خطو ۽ تهذيبن جو گھر رهيو آهي. سميري، اسيري ۽ بابلي تهذيبون هتان سان ئي تعلق رکنديون هيون. بعد ۾ هي علائقو ساساني، رومي، اسلامي، منگول، صفوي ۽ عثماني سلطنتن جو به حصو رهيو.
تاريخ[سنواريو]
هاڻاڪو عراق پهرين عالمي جنگ کان پوءِ سلطنت عثمانيه جي ورهائجڻ جي نتيجي ۾ 1920ع ۾ برطانوي سلطنت جي حصي ۾ آيو. 1932ع ۾ عراق برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي. هتي 1968ع کان وٺي 2003ع تائين بعث پارٽي جي حڪومت رهي. 2003ع ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين عراق تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ صدام حسين، جيڪو ان وقت بعث پارٽي جو سربراھ ۽ عراق جو صدر هيو، کي هٽايو ويو. آمريڪا ۽ ان جي اتحادين 2011ع ۾ عراق خالي ڪيو. آمريڪا جي وڃڻ کان پوءِ عراق ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي. هن وقت عراق جو ڪجھ حصو آمريڪا جي دؤر ۾ ڪرايل اليڪشن جي نتيجي ۾ منتخب ٿيل حڪومت جي اثر هيٺ آهي، جڏهن ته ڪجھ حصي تي ڪردن جو ۽ ڪجھ حصي تي داعش نالي دهشتگرد تنظيم جو قبضو آهي.
حوالا[سنواريو]
- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. Retrieved 10 September 2017.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 "Iraq". International Monetary Fund.
- ↑ "2015 Human Development Report Statistical Annex" (PDF). United Nations Development Programme. 2015. p. 9. Retrieved December 14, 2015.
| ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |