مواد ڏانھن هلو

هندوڌرم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(هندومت کان چوريل)

هندو (Hindu) لفظ سنسڪرت (Sanskrit) جي قديم ڪتابن ۾ بيان ٿيل ناهي. هي لفظ ’انڊس“ (Indus) يا سنڌو (سنڌ)، مان نڪتو آهي. اهو لفظ سنڌو درياھ جي اوڀر وارن ماڻهن لاءِ استعمال ۾ آيو ۽ پوءِ آهستي آهسي اهو لفظ هند جي رهاڪن لاءِ ڪتب اچڻ لڳو. معنيٰ ته هندو هندوستان جو. [1] ان ڳالهه جي حمايت ڀائي پرمانند، آل انڊيا مهاسڀا جي صدر، پڻ ڪئي آهي ته هندو لفظ سنڌو مان نڪتل آهي. ٿلهي ليکي جيڪڏهن هندو مٿ کي بيان ڪجي ته پوءِ هندو مت اهو ڌرم آهي، جنهن کي هندو مڃين ٿا. اھڙي نموني اھي جيڪي سناتن ڌرم کي مڃيندا ھئا سي ھندو سڏجڻ ۾ آيا، سناتن معنا داعمي ڌرما معنا قانون سڌ ٿيو، يا داعمي قانون انسان ذات جي رھنمائي ۽ ڀلا ئي لاءِ آهي.

تاريخ

ديوناگري اسڪرپٽ ۾ لکيل اوم ھندوازم جي ڌرمي نشان سمجھيو ويندو آھي

هندو ڌرم ڪنهن جاري ڪيو، ۽ ان جي شروعات ڪڏهن ٿي، تنهن جي ڪنهن کي به ڪل ڪانهي. جيئن عيساين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ حضرت عيسيٰ عليه سلام جو بنياد وجهندڙ محمّد صلعم، پارسين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ زردشت يا زرتشت (زورئسٽر) ليکيا وڃن ٿا، تيئن هندو ڌرم ڪنهن به بني بشر جي نالي پٺيان ڪونه سڏجي ٿو. ”هندو ڌرم جو مول ”ست“ آهي، ۽ ستيه سروپ ايشور پاڻ ليکي ٿو. هندو ائين وسهن ٿا ته ”جڏهن جڏهن ڌرم جي هاڃي ٿئي ٿي، ۽ اڌرم زور وٺي ٿو، تڏهن تڏهن ڌرم جي رکيا ڪرڻ لاءِ ايشور پاڻ اوتار ڌاري اچي ٿو“. هندن ۾ سري رامچندر، سري ڪرشن ۽ ٻيا ڪيترا اوتار ٿيا آهن، جن کي هندو اڄ تائين پوڄين ٿا، ته به اهي هندو ڌرم جا باني نٿا ليکجن، ۽ نڪا انهن پاڻ ڪڏهن ڪا اهڙي دعويٰ ڪئي. هندو ڌرم کانئن گهڻو گهڻو اڳي هو، ۽ عام طرح ”سناتن“ (آڳاٽو) ڌرم سڏيو وڃي ٿو، جيئن مٿي اڳي چيو ويو آهي. هندو ڌرم جو بنياد جن اصولن تي ٻڌل آهي، سي به ڪنهن هڪ ڄڻي جا جاري ڪيل ۽ ڦهلايل ڪينهن. اهو ويدڪ ڌرم آهي ۽ ويدن جون رچائون گهڻن رشين جون چيل آهن. جيئن جيئن کين الهام ٿي ٿيو، يا سرسوتيءَ ٿي ٻولايو، تيئن تيئن ٿي ٻوليائون. آڳاٽن رشين مان ڪي اول سنڌونديءَ جي ڪنٺي تي، ته ڪي سرسوتيءَ ۽ پنجاب جي ندين جي ڪنٺن تي رهندا هئا، تنهنڪري هندو ڌرم ۽ هندو سڀيتا جا اوائلي ماڳ سنڌ ۽ پنجاب آهن، جن مان به سنڌو نالو اهڙو برک هو، جو هندو ڌرم، هندو جاتي ۽ سڄو هندستان اڄ تائين ”سنڌو“ (هندو) نالي پٺيان سڏجن ٿا.

سنڌو ندي جهڙي پاڻ ڪشادي آهي، تهڙي ئي ڪشاده خيالي آڳاٽن رشين ۾ پيدا ڪيائين. ڪهڙو به هندو ڪهڙي به عقيدي تي هلي، ۽ ڪهڙي به نموني جي پوچا ڪري، ته ان لاءِ کيس کلي آزادي آهي. علحده عقيدن ۽ متن تي هلڻ ڪري ڀلي ته ڪو هندو ڪهڙي به پنٿ جو پاڻ کي سڏائي، ته به هو هندو آهي. ”پنٿ“ لفظ اهو ساڳيو آهي، جنهن جو اُچار ”سنڌيءَ ۾ ”پنڌ“ به آهي. جيڪي به پنٿ آهي“ آهن، سي سڀ سچي سائينءَ سان ملڻ لاءِ ”پنڌ“ يا واٽون آهن. جنهن کي جيڪا به واٽ وڻي سا ڀلي وٺي، جو سڀ واٽون آخر انهيءَ تائين پهچائين ٿيون، جو سڀني جو سرجڻهار آهي، ۽ جنهن سان آخر سڀني جو ڪم آهي. شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ سري ڪرشڻ به ارجن کي ائين ئي چيو آهي. هندو اها دعويٰ به ڪانه ٿا ڪن، ته رڳو سندن ڌرم منجهان ئي موک ملندو يا نجات حاصل ٿيندي. هن باري ۾ اُپنشدن ۾ چيل آهي ته ”جيئن گاين جا رنگ نرالا آهن، پر سڀ گايون ساڳيو ئي اڇو کير ڏين ٿيون، تيئن ڌرم (مذهب) جيتوڻيڪ نرالا آهن، ته به مقصد هڪڙو ئي اٿن.“ هن مان ظاهر آهي ته هندو ماڻهو سڀني ڌرمن يا مذهبن کي عزت جي نگاهن سان ڏسن ٿا، ۽ سندن مقصد هڪڙو ئي ۽ نهايت امول ڪري ليکجن ٿا. هندن جا ديوتائون، آڳاٽا آريه لوڪ قدرت سان رهاڻ ڪرڻ جا ڪوڏيا هئا، ۽ قدرت جي هر هڪ ڳالهه تي ويچار ڪندي، قدرت مان قادر ساڻ ملڻ جي واٽ لوچي لڌائون. سندن اندرين اک کليل هئي. قدرت جي هرهڪ ڳالهه ڏي جيئن شاعراڻي نظر سان نهاريائين ٿي، تيئن سندن اندر ۾ اُمنگ ٿي اُٿيا، ۽ واحد جي وڏائيءَ ۽ واکاڻ ۾ ٿي ڇٽڪيا. سندن خيال جي سموري رفتار رگ ويد مان بنهه چٽيءَ ريت پرجهي پروڙي سگهجي ٿي، ۽ پوءِ سمجهڻ سولو ٿئي ٿو ته هندن جي ديوتائن جو تعداد ڪيئن وڌيو، ۽ ڪيئن آڳاٽن آرين ڪثرت مان وحدت لوچي لڌي[2]

هندو مت ڇا آهي، ان حوالي سان مختلف عالمن هي لکيو آهي.

جان ڪلارڪ آرچر

هن جي تحقيق مطابق هندو مت جو ڪو به باني ناهي، جنهن جو ڪو بنيادي پيغام هجي. هن ڌرم جي باني انبوه (جنتا) آهي، جنهن جون سڀ شخصيتون ميٿالاجي ۾ آهن. [3]

پنڊت جواهر لال

پنڊت جواهر لال نهرو فرمائي ٿو: هندومت، ڪنهن هڪ مقرر عقيدي، مقرر مذهب ۽ مقرر اصول جي حيثيت سان بي ترتيب آهي. ان جي تعريف ۽ تشريح بيان ڪرڻ، يا مذهبن جي عام مفهوم جي اعتبار سان اهو چوڻ ته اهو مذهب آهي يا نه، ڏاڍي مشڪل ڳالهه آهي. هاڻوڪن توڙي گذريل دور ۾، تمام گهڻن عقيدن ۽ عملن تي جڙيل آهي. [4]

مهاتما گانڌي

هندو مٿ جي حوالي سان مهاتما گانڌيءَ لکيو آهي ته: هي هندومت جي خوش قسمتي آهي، يا بدقسمتي آهي، جو ان جو ڪو به سرڪاري عقيدو ڪو نه آهي. سادن لفظن ۾ جيڪڏهن مان ڪا تعريف ڪريان ته رڳو ائين ئي چوان ته ڪو شخص ڪنهن مافوق الفطرت هستيءَ تي اعتقاد نه رکندي به پاڻ کي هندو سڏائي سگهي ٿو.[5]

واڌا ڪرشنن

ان سلسلي ۾، ڊاڪٽر واڌا ڪرشنن، اڳوڻو صدر جمهوريا هند، جيڪو هندو مت جو وڏو محقق مڇيو وڃي ٿو، لکي ٿو ته: هندو مت جو بنياد، ڪنهن به نسلي سببن ۽ عامل تي رکيل ناهي. هيءَ رڳو فڪر ۽ جذبات جي وراثت آهي، جنهن ۾ هر نسل ۽ هر قوم، پنهنجو پنهنجو حصو ادا ڪيو آهي. [6]

شري آروبندر گهوش

شري آروبندو گهوش، پنهنجي ڪتاب، ’هندستاني تهذيب جا بنياد‘ ۾ لکي ٿو ته: آخر هندو مت آهي ڇا؟ اولهه جو ذهن سوال ٿو ڪري، ته هن مذهب جو آخر روح ڇا آهي؟ ان جو ذهن ۽ ان جو فڪر آخر ڇا آهي؟ ان جي جسم جو ڊول ڪهڙو آهي؟ ڀلا ڪو به مذهب ائين ٿيندو آهي، جو ان جو نه ڪو عقيدو هجي، جنهن تان ڦري وڃڻ لاءِ عذاب جو ڊپ هجي ۽ ايمان آڻڻ لازم ٿي پوي. يا اهڙو ڪو مذهب آهي، جنهن ۾ دينيات جا مقرر ٿيل اصول ئي نه هجن، نه ڪا منجهس ’دينيات‘ هجي، نه ڪو بنيادي عقيدو هجي. ڇا ڪو اهڙو ٻيو مذهب آهي، جنهن جو ڪو پوپ ۽ مذهبي پيشوا نه هجي، انتظام ڪندڙ ڪو ڪليسائي نظام ئي نه هجي، نه ڪو ان لاءِ مسجد ۽ ديول (چرچ) جهڙو نظام هجي، نه ڪو ان لاءِ ڪعبي شريف ۽ يروشلم وانگر مشهور عبادت گهر هجي. ڪا جماعتي تنظيم نه هجي، ڪا لازمي مذهبي شڪل نه هجي، جنهن ڪري سندس پوئلڳ ڪن واجبي اصولن تي هلي سگهن. هڪ شئي، جا هندو مت ۾ گڏيل طور مڃيل آهي ۽ واضح آهي، سا آهي ان جو ’سماجي قانون‘. [7]

سوامي وويڪانند

هندو مت جو محقق ۽ عالم سوامي وويڪانند پنهنجي مقالي ”Hinduism a universal religion“ (هندومت هڪ عالمگير مذهب) جي منڍ ۾ فرمائي ٿو ته: هندو مت ۾ هر شئي موجود آهي: ويدانت به ته لا ويدانيت به، ديومالائي قصا به، ته روايتون به. [8] [9]

حوالا

  1. The great religious of the modern world ص 7
  2. ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1.  Missing or empty |title= (مدد)سانچو:Macdonell and keith: Vedic Index, I, 390.
  3. The Great Religious of the modern world. P-44
  4. تلاش هند ص 37
  5. هندو ڌرم ص 4
  6. ايسٽرن رليجن ائنڊ ويسٽرن.... ٿاٽ ص 307
  7. هندستاني تهذيب جا بنياد، ص 139 – 141
  8. Hinduism a universal religion
  9. Sindhi Adabi Board Online Library (Specialized)