دروازو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دروازو---Door يا Gate . اردوءَ ۾ دروازہ: جديد دور جي عمارتن ۾ گھڻو ڪري ڪاٺ جا دروازا استعمال ڪيا وڃن ٿا. تاڪن جي حساب سان اھي ھڪ تاڪ وارا (Single-leaf doors) ۽ ٻن تاڪن وارا (Double-leaf doors) ٿين ٿا..[1]

جارجيا ملڪ جو دروازو

جاءِ اندر مختلف قسم جي ڪمرن ۾ استعمال جي نوعيت مطابق انھن جي ماپ جو تعين ڪيو وڃي ٿو. اھي اھڙي ماپ جا ھئڻ گھرجن جيئن انھن ڪمرن ۾ گھربل سامان آسانيءَ سان لنگھي سگھي. عام طرح سان غسلخانن ۽ بيت الخلاءِ اندر داخل ٿيڻ لاءِ دروازن جي ماپ 6′-4″x2′-6″ رکجي تھ بھتر آھي. ٻين ڪمرن لاءِ دروازن جي سراسري ماپ 7′-0″x3′-8″ رکي ويندي آھي ۽ ڪوشش ڪري 6′-4″x3′-0″ کان گھٽ نھ رکي ويندي آھي. بھرحال دروازن جي ماپ واسطي ڪنھن بھ قسم جو پڪو پختو قائدو مڙھيل نھ آھي. ڪچيءَ طرح ۽ اندازي جي حساب سان ھيٺئين فارمولا سان دروازن جي ماپ جو تعين ڪري سگھجي ٿو. ويڪر =(Width) اوچائي 4-(Height) فوٽ ڪمرن اندر دروازا ڪنڊ کان اٽڪل 6 انچن کان 9 انچن تائين پري رکجن تھ بھتر آھي، ليڪن انھن جي لڳائڻ لاءِ جديد طرز جي عمارت جي علم کي ذھن ۾ رکڻ وڌيڪ سٺو آھي. اڄڪلھ دروازن جي چؤڪاٺن ۾ چائنٺ (Sill) نھ لڳائي ويندي آھي، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ جي لڳائڻ سان ھڪ تھ ٿاٻي کائڻ جو تمام گھڻو انديشو رھي ٿو ۽ ٻيو تھ صفائي ڪرڻ ۾ دقت ٿئي ٿي، ليڪن ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن لاءِ چائنٺ لڳائڻ تمام ضروري آھي تھ جيئن تاڪن ھيٺان وٿي نہ رھي. وڏن شھرن ۾ آر-سي-سيءَ جي بوتي وارين عمارتن ۾ 4 ½ انچن جي اوساريءَ وارين ڀتين ۾ ڀت جي پوري ٿولھھ تائين ويڪرا چؤڪاٺا استعمال ڪيا وڃن ٿا. عام رواجي ۽ سرڪاري عمارتن ۾ چؤڪاٺن لاءِ 0′-4″x0′-3″ جي سائيز جون ڪاٺ جون پٽيون گھڙايون وينديون آھن..[1]

واشنگٽن ۾ نيشنل آرڪائيوز بلڊنگ جو دروازو

دروازو ھڪ حرڪت وارو ڍانچو آهي جنھن ذريعي ڪنھن چوديواريءَ يا گاڏي وغيره ۾ ڪنھن جي داخلا يا روڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ استعمال ڪبو آهي. عام طور تي ان جو ھڪ يا ٻه تاڪ ھوندا آھن جيڪي درين يا بغير درين جي ھوندا آھن. تاڪ چاھي ھڪڙو ھجي يا ٻہ ، چوڪاٺي يا چونڪي سان انجيسن جي مدد سان ڳنڍيل ھوندو/ھوندا آھن ۽ انھن کي بند ڪرڻ لاءِ ڪڙو يا ڪنڍو لڳائي استعمال ڪيو آھي جنھن ۾ تالو لڳائبو آهي. اھي ھوا ۽ روشنيءَ جي ضابطي لاءِ بہ استعمال ٿيندا آھن. جاءِ اندر داخل ٿيڻ ۽ انھيءَ جي مختلف اندرين حصن جو پاڻ ۾ رابطو رکڻ لاءِ دروازا لڳايا ويندا آھن. موسم آھر انھن کي کولي رکڻ سان جاءِ اندر روشني وڌندي آھي ۽ انھيءَ کان سواءِ ھوا جو گذر پڻ سٺيءَ طرح سان ٿيندو آھي. انھيءَ سان گڏ دروازن لڳائڻ سبب چوريءَ ٿيڻ جو انديشو گھٽ رھندو آھي ۽ گھر ۾ رھندڙ ڀاتين جي پوشيدگي (Privacy) رھندي آھي.[1]

دروازن جا قسم[سنواريو]

'پٽين وارا دروازا'

(Ledged Doors).

ھن قسم جا دروازا بلڪل سادا ۽ عام ھوندا آھن. ھنن جو استعمال ٻھراڙين ۾ گھڻو ٿيندو آھي. ھي ڪاٺ جي اڀين تاڪين سان ٺاھيا ويندا آھن ۽ اھي تاڪيون وري سڌين ٽيڪ وارين پٽين (Ledges) سان مضبوطيءَ سان جڪڙيل ھونديون آھي. اڀريون تاڪيون (Battens) گھڻو ڪري ھڪ انچ ٿلھيون ۽ ڇھھ انچ ويڪريون ھونديون آھن ۽ اھي V جوڙ سان کانچي ۾ جڪڙيل ھونديون آھن، جنھن کي ٽيڪنيڪي يعني فني لغت ۾ Tongued and Grooved چوندا آھن. سڌيون پٽيون (Ledges) گھڻو ڪري ڏيڍ انچ ٿلھيون ٿينديون آھن ۽ انھن کي اڀين تاڪين (Battens) مٿان اشڪنجي سان جڪڙي قابو ڪيو ويندو آھي. ٽي سڌيون پٽيون استعمال ڪيون وينديون آھن؛ ھڪ مٿان، ٻي وچ ۾ ۽ ٽين ھيٺان. تاڪ کي T نموني جي انجيسن ذريعي ٽنگيو ويندو آھي، جيڪي سڌين پٽين مٿان لڳائبيون آھن. ھن قسم جا دروازا اھڙن ھنڌن تي لڳايا ويندا آھن، جتي خوبصورتي درڪار نھ ھوندي آھي.

سڌين ۽ وتر وارين پٽين وارا دروازا

(Ledged and braced doors )

بنيادي طرح ھي دروازا سڌين پٽين وارن دروازن جھڙا ھوندا. (پٽين وارا دروازا) آھن ۽ فرق صرف اھو آھي تھ ھنن کي وڌيڪ پختو بڻائڻ لاءِ سڌين پٽين جھڙي ماپ جون وڌيڪ پٽيون وتر ۾ (DiagonallY) لڳايون وينديون آھن. انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال رکيو ويندو آھي تھ وتر وارين پٽين کي ٽنگيل پاسي کان مٿي سلامي ڏني وڃي، جيئن اھي دٻاءُ (Compression) ۾ رھي، مضبوطي مھيا ڪن. عام طريقي سان سڌيون پٽيون ھڻي، دروازي کي چاڙھي، پوءِ انھن مٿان ڪوڪن رستي وتر واريون پٽيون (Battens) لڳائبيون آھن. ھي دروازا پڻ سادن ۽ عارضي ڪمن تي استعمال ڪيا ويندا آھن. .[1]

چؤڪاٺن (فريمن) ۽ پٽين وارا دروازا

(Ledged and Framed Doors)

ھن قسم جي دروازن ۾ ڊولائتي نموني چؤڪاٺا ٺاھي ۽ تاڪ ھنيا ويندا آھن، جنھن سبب انھن جي مضبوطي وڌندي آھي. ازانسواءِ انھن ۾ اٽڪل چار انچ ويڪريون ۽ ڏيڍ انچ ٿلھيون پاسن واريون اڀيون پٽيون (Styles) لڳائڻ سبب مضبوطيءَ سان گڏ اھي پرڪشش ۽ وڻندڙ لڳندا آھن. جڏھن تھ سڌيون ٽيڪ واريون پٽيون (Ledges) ۽ اڀيون تاڪيون (Battens) پڻ معمول مطابق لڳايون وينديون آھن..[1]

چؤڪاٺن اندر ٽيڏين پٽين وارا دروازا

(Ledged, framed and braced doors)

ھي دروازا ذري گھٽ چؤڪاٺن ۽ پٽين وارن دروازن جھڙا ٿيندا اھن. ھنن ۾ صرف وتر وارين وٽين جو اضافو ڪيو ويندو آھي، جنھن سبب ھي وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار ٿيندا آھن ۽ گھڻو ڪري ٻاھر لڳايا ويندا آھن..[1]

چؤڪاٺن ۽ ھموار تختن وارا دروازا

(Framed and Panelled doors)

ھن قسم جا دروازا نھايت ئي عام ۽ تمام گھڻو استعمال ۾ ايندا آھن. تاڪن جي فريم کي عمودي ۽ افقي پٽين ذريعي متعدد حصن ۾ ورھايو ويندو آھي، انھن پٽين ۾ پانيلن (Panells) کي جوڙڻ واسطي جھري ٺھيل ھوندي آھي جن ۾ ھموار يعني سڌا يا مٿي اڀريل پانيل ڦاسائي تاڪ تيار ڪيا ويندا آھن. انھن جون ڊزائينون مختلف ٿينديون آھن، ليڪن ٺاھڻ جو طريقو ساڳيو ئي ھوندو آھي. پانيلن جو تعداد دروازي جي نوعيت ۽ ماڻھن جي پسند تي مدار رکي ٿو. ھن قسم جي دروازن ۾ سسڻ جو رجحان گھٽ ھوندو آھي. ھنن دروازن جي عام رواجي سائيز 7'-0″x4′-0″، 7'-0″x3′-0″، 6'-6″x4′-0″ وغيره رکي ويندي آھي. تاڪن جي ٿولھ مختلف ڳالھين تي مدار رکي ٿي جھڙوڪ، ڪم جي نوعيت، دروازن لڳائڻ وارو ھنڌ، پانيلن جو تعداد وغيره. تاڪن جي ٿولھھ اٽڪل 1 انچ کان 1 ½ انچ رکي ويندي آھي.

شيشن ۽ تختن وارا دروازا

(Glazed and paneled doors or sash doors

گھرن ۽ ڪمرن اندر انھن جي نوعيت مطابق ۽ گھربل روشنيءَ پٽاندڙ سمورا تاڪ شيشي جي پانيلن يا تختن يا ڪجھھ حصي تئين شيشي جي پانيلن ۽ بچيل حصي تائين ڪاٺ جي پانيلن سان ٺاھي استعمال ڪيا ويندا اھن. عام طرح سان شيشي ۽ ڪاٺ جي حصن جو تناسب 2:1 رکيو ويندو آھي. شيشي کي روڪڻ لاءِ ڪاٺ جون سنھيون پٽيون (Beads) يا پٽي (Putty) لڳائي ويندي آھي. شيشي واري ايراضي وڌائڻ جي صورت ۾ تاڪ جي وچين سڌي پٽيءَ (Lock rail) جي مٿان وارين تاڪ جي پاسي وارين اڀين پٽين (Styles) جي ويڪر گھٽائي ويندي آھي .ھن قسم جا دروازا آفيسن، اسپتالن، لائبرين، شاپنگ سينٽرن ۽ شورومس وغيره ۾ لڳايا ويندا آھن..[1]

فلش ڊورس : (Flush Doors)

ھن قسم جي دروازن جي بناوت ۾ پختا ۽ گھربل طرح سان تاڪن جا فريم ٺاھي انھن مٿان ڪمرشل پلاءِ يا ٽِيڪ پلاءِ (Commercial ply or Teak ply) وغيره لڳائي ويندي آھي. ھي دروازا ٽن قسمن جا ٿيندا آھن جھڙوڪ فريم وارا فلش ڊورس، پؤرا فلش دروازا (Hollow flush doors) ۽ ورقن يا تھن وارا فلش دروازا (Laminated flush doors) فريم وارن فلشن دروازن جا تاڪ مضبوط ٿيندا آھن ۽ اھي ٻاھرين اڀين پٽين (Styles)، سڌين پٽين (Rails)، ننڍڙين پٽين (Ribs) ۽ پلاءِ ووڊ (Plywood) مان ٺاھيا ويندا آھن. پھرين تاڪ جي فريم لاءِ انھن ۾ ڪم ايندڙ جوڙجڪ کي ٺاھي، انھن مٿان ٻنھي پاسي پلاءِ ووڊ جا تختا لڳايا ويندا آھن. پترن ورقن يا تھن مان ٺھيل دروازن کي نھرا دروازا (Solid doors) سڏيو ويندو آھي. انھن دروازن ٺاھڻ واسطي ڪاٺ جي سنھن ورقن کي تمام گھڻي داٻ سان گلوءَ رستي ڳنڍي ھڪ نھري (Solid) مضبوط قسم جو ٻنھي پاسن کان سڌو تختو ٺاھي (جنھن کي تاڪ جو نھرو اندر Solid core کڻي چئجي) انھيءَ مٿان ٻنھي پاسي پلاءِ جي سنھي چادر چاڙھي، تاڪ ٺاھيا ويندا آھن..[1].انھن جا ٻئي ٻاھريان پاسا ٻين دروازن جي ڀيٽ ۾ جلدي ميرا نھ ٿيندا آھن ۽ انھن کي سولائيءَ سان صاف ڪري سگھبو آھي.

ڄاريءَ وارا دروازا

(Wire gauze doors)

ھن قسم جي دروازن جي تاڪن لاءِ، انھن جي اڀين ۽ سڌين پٽين ۾ چؤڪور خانن ۾ ننڍي کانچي اندر ڄاري ڦاسائي، انھيءَ کي مضبوطيءَ لاءِ ڪوڪن سان اھڙي نموني ۾ جڪڙي تھ جيئن ڄاريءَ ۾ ڪنھن بھ قسم جو گھنج نھ رھي. پوءِ انھيءَ مٿان چؤڌاري ڪاٺ جي سنھي پٽي (Beading) چاڙھي ويندي آھي. تاڪن جي تالي واريءَ سڌي پٽيءَ (Lock rail) مٿان آٽوميٽڪ اسپرنگ لڳايا ويندا آھن، تھ جيئن ڌڪي سان ٻاھر کولڻ کان پوءِ اھي خودبخود جلدي بند ٿي وڃن. ھن قسم جا دروازا قدرتي ھوا جي ڦھلاءُ (Circulation) سان گڏ ھر ڪنھن قسم جي اڏامندڙ جيوڙي جھڙوڪ مڇر ۽ مک وغيره کي اندر داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ نھايت ئي ڪارآمد رھن ٿا. انھيءَ ڪري گھرن، اسپتالن، رڌڻن، ڄاريءَ جي ڪٻٽن، مٺائيءَ وغيره جي دڪانن، ھوٽلن ۽ ٻين اھڙين جڳھين تي ڪثرت سان استعمال ٿين ٿا.

جھڪيل يا لڙيل پٽين وارا دروازا

(Louvered doors)

ھن قسم جي دروازن جي تاڪن ۾ سنھيون پٽيون اھڙي نموني ٽيڏيون لڳايون وينديون آھن تھ جيئن انھن جي وچ ۾ ھڪ جھڙي وٿي رھي. اھي پٽيون سڄي تاڪ يا انھيءَ جي ڪنھن بھ حصي ۾ لڳايون وينديون آھن. اھي ايتري ٽيڏائيءَ (Inclination) تي لڳائبيون آھن، تھ جيئن ٻاھرين نظر اندر نھ پوي ۽ نھ ئي وري اندران ٻاھر ڏسي سگھجي. اھڙا دروازا ھوا جي گذر سان گڏ پوشيدگي (Privacy) پڻ مھيا ڪن ٿا.

ڦرندڙ دروازا

(Revolving doors)

ھن قسم جي دروازن ۾ پوري وچ تي ٽيڪ مٿان آمھون سامھون چار تاڪ اھڙي نموني لڳايا ويندا آھن، جي صرف ھڪ ئي طرف ڦري سگھن. اھڙي نموني ماڻھو انھن منجھان ھڪ پاسي داخل ٿي سگھندو آھي ۽ ٻئي طرف کان ٻاھر نڪري سگھندو آھي. اھڙن دروزن ۾ مرضيءَ مطابق شيشا يا ڪاٺ جا سنھا تختا (Panells) لڳايا ويندا آھن. ھي دروازا گھڻيءَ رش وارن ھنڌن لاءِ موزون رھن ٿا ۽ انھيءَ سبب انھن کي ھوٽلن ۽ تماشگاھن (Theatres) وغيره ۾ لڳايو ويندو آھي.

گسڪندڙ دروازا

(Sliding doors)

ھن قسم جا دروازا سڄي ۽ کاٻي پاسي گسڪي سگھندڙ تاڪن وارا ٿيندا آھن ۽ اھي اندر يا ٻاھر نھ کلي سگھندا آھن. انھن جا تاڪ مرضيءَ مطابق ڪاٺ جي ۽ شيشي جي پانيلن لڳائڻ سان بلڪل اونداھا، بلڪل روشن ۽ ڪنھن حصي تائين روشن بنائي سگھجن .ھي دروازا گدامن، ڇاپرن، دڪانن ۽ نماءُ وارن ڪمرن وغيرھ ۾ لڳايا ويندا آھن ۽ جڳھھ بچائڻ جي خيال کان گھرن ۾ پڻ استعمال ڪيا ويندا آھن.

ويڙھجندڙ دروازا

(Rolling doors)

ھي دروازا لوھ جا ٺھيل ھوندا آھن ۽ مٿان کان ھيٺ لاھي بند ڪري سگھبا آھن ۽ ساڳئي نموني ھيٺ کان مٿي ويڙھي کولي سگھبا آھن. انھيءَ سبب انھن کي ويڙھجي سگھجندڙ دروازا (Collapsible doors) چئبو آھي. انھن ۾ لوھھ جي ٿلھي چادر جو فريم ٺھيل ھوندو آھي، جنھن ۾ دروازي جي سولائيءَ سان ھيٺ مٿي چرڻ لاءِ کانچو ڇڏيل ھوندو آھي. مٿي وري ھڪ قسم جو ڊرم (Drum) ھوندو آھي، انھيءَ ۾ اسپرنگ لڳل ھوندا آھن، جي دروازي جي لوھي پتري تاڪ کي سولائيءَ سان ھيٺ مٿي ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آھن. وڏي سائيز جي تاڪ جي صورت ۾ بال بيئرنگ (Ball Bearings) پڻ لڳل ھوندا آھن. ڊرم جو قطر (Diameter) 8 انچن کان 12 انچن تائين ٿيندو آھي. دروازي جي اسپرنگن ۽ بيئرنگن کي ميڻ (grease) وغيره ڏئي، انھن کي ڪٽ کان بچائي رکڻ سان گڏ تاڪ کي ٿوري ئي ڌڪي ۽ ڇڪ ڏيڻ سان دروازو آسانيءَ سان بند ڪري ۽ کولي سگھجي ٿو..[1].ھي دروازا موٽر گيراجن، نماءُ وارن ڪمرن (Show rooms)، دڪانن ۽ گودامن وغيره ۾ استعمال ڪيا ويندا.

':ڳتجندڙ دروازا

(Collapsible doors)


ھي دروازا لوھھ جا ٺھيل ھوندا آھن. ھن ۾ استعمال ٿيندڙ جوڙجڪ ۾ ٻنھي اڀن پاسن اندر ناليءَ وانگر خال ڇڏيل ھوندو آھي، جن سان اٽڪل 5/8 انچ کان ¾ انچ ويڪريون لوھھ جي پٽين جون ناليون (Channels) ڳنڍيل ھونديون آھن. اھڙيءَ طرح انھن پٽين ۾ اتڪل اڌ انچ کان 5/8 انچ ويڪرو اڀو خال (Gap) ٺھي بيھندو آھي. اھڙي قسم جا ٽڪرا ھڪ ٻئي جي وچ کان اٽڪل 3 ¾ انچن جي مفاصلي تي ٺھي بيھندا آھن، جن کي ھڪ ٻئي سان لوھھ جي ڪيئنچيءَ جي انداز وارن لوھھ جي ٽڪرن (Cross Iron pieces) سان ڳنڍيو ويندو آھي. ھن قسم جي ٺھيل لوھھ جي پختن پٽين جي ٽڪرن سان ٺھيل خالن وارن تاڪن کي پاسن طرف ڌڪي يا ڇڪي کوھي ۽ بند ڪري سگھبو آھي. ھن قسم جا دروازا ڪافي مضبوط ٿيندا آھن ۽ مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ وارن کليل حصن، گيراجن ۽ ٻين اھڙن ئي کليل ھنڌن تي استعمال ڪيا ويندا آھن..[1]

تاريخ[سنواريو]

ايران جي شھر ڪاشان ۾ ھڪ دروازو

قديم تاريخي دروازن ۾ سليمان جي ھيڪل (Temple of Solomon) قابل ذڪر آھي جيڪو زيتون جي ڪاٺيءَ جو ٺھيل ھيو.قديم مصر ۾ به ھڪ يا ٻن ڪلاڪن جي دروازن جو استعمال ٿيندو ھو. قديم آثارن جي ماھرن سوئيٽزرلينڊ مان پنج ھزار سال پراڻو دروازو دريافت ڪيو آھي.[2] پراڻي دور ۾ مذھبي عبادت گاھن جي دروازن تي سون ۽ چانديءَ جي دروازن لڳائڻ جو پڻ تائين تاريخ ۾ ذڪر ملي ٿو.

انڊيا جي ھئمپيء ۾ پٿر جو دروازو
پرسيپولس جو وڏي دروازي جو لنگھ
قديم روم جو پومپي شھر جو پھرين صدي عيسويءَ جو تھبند (Folding) دروازو

دروازي جي ڪم ڪرڻ جو طريقو[سنواريو]

دروازي جي ڪم ڪرڻ جو مشيني طريقو

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو
  2. Swiss archaeologists find 5000-year-old door آرڪائيو ڪيا ويا 2010-11-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.