انور سولنگي
ڏيک
انور سولنگي (1944–2008) پاڪستان ٽي وي ۽ ريڊيو جو ڪلاڪار هو. هن جو جنم سال 1944 ۾ نوابشاهه ڀرسان شهدادپور، سنڌ ۾ ٿيو. 1960 جي ڏهاڪي ۾ هن پنهنجي ڪلاڪاري واري ڪيرئير جي شروعات ريڊيو پاڪستان تان ڊراما آرٽسٽ ۽ ميزبان (اينڪرپرسن) طور ڪئي، ۽ کيس مقبوليت 1974 ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي ناٽڪَن وسيلي ملي. سندس پهريون مقبول ناٽڪ رنگ انڪوائري آفيسر هيو. ديوارين ڊرامي ۾ هن جو ڪردار مکڻ خان هيو. سندس خدمتن جي عيوض کيس 2010 ۾ پاڪستان جو سول ايوارڊ پرائڊ آف پرفارمنس مليو هيو. [1]
مشهور ٽيليويزن ڊراما
[سنواريو]هن ٽي وي ۽ ريڊيو تي انيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. سندس مشهور ناٽڪن ۾ سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾
- ”راني ڪي ڪهاني“،
- ”ڇوٽي سي دنيا“،
- ”ديوارين“،
- ”جنگل“،
- ”هوائين“
- ۽ ”ماروي“ شامل آهن.
وفات
[سنواريو]انور سولنگي 4 اپريل 2008ع تي 64 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ پرلوڪ پڌاري ويو ۽ سندس مڙهه کي سخي حسن قبرستان ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Zardari confers civil, military awards on Pak Day آرڪائيو ڪيا ويا July 14, 2010, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Daily Times 24 March 2010. Retrieved 31 January 2011
- ↑ انور سولنگي : (Sindhianaسنڌيانا)