تير ۽ ڪمان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
تير ۽ ڪمان

تير ۽ ڪمان ٻئي ملي ڪري ھڪ ھٿيار ٺاھن ٿا. ان سان شڪار، راند ۽ جنگ ڪئي وڃي ٿي. تير ۽ ڪمان مختلف موادن مان ٺاھيا وڃن ٿا، جھڙوڪ: لوھ، ڪاٺ، پلاسٽڪ وغيره.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

تير لاءِ ڪمان ضروري آهي. ”ڪمان“ پارسي لفظ آهي. ان لاءِ نج سنڌي لفظ آهي ”سينڱ“، جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”سڱ مان ٺهيل“.هي لفظ ڄاڻائي ٿو ته ڪنڍي مينهن، جنهن جو سڱ وريل ٿئي ٿو، يا هرڻ وغيره جو وريل سڱ، اڳي ڪمان ڪري ڪم آڻيندا هئا.

تير ڪمان جو استعمال Temple of Aphaea ca. 505–500 BCE.

ڪمان لاءِ ٻيو لفظ اسان وٽ آهي ”چاپ“، جو نج سنسڪرت لفظ آهي ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”بانس جي وريل ڪاٺي“، جيئن پروفيسر آپٽي واريءَ سنسڪرت ڊڪشنريءَ ۾ ڄاڻايل آهي. هن ريت اهي لفظ ڄاڻائين ٿا ته آڳاٽا لوڪ ڪنهن جانور جو وريل سڱ يا بانس جي مڙيل ڪاٺي، ڪمان وانگر ڪتب آڻيندا هئا. آڳاٽن ماڻهن اهي سولا سهنجا رستا اختيار ڪري تير ڪمان جوڙيا ته پکين جو شڪار ڪرڻ سولو ٿئي. مطلب ته ضرورت وقت اهو هنر سيکاريائون ۽ پوءِ ان ۾ ترقي ڪيائون. جيڪڏهن هٿ ڪيل شڪار ڪو ماڻهو يا جانور کسڻ ايندن، يا ڪو مرون خود کين کائڻ ايندو ته ڪمانن جا تير ڪهڙو بچاءُ ڪندا؟ اهڙيءَ حالت ۾ مضبوط تيرن جوڙڻ جي ضرورت ٿي[1]

تير جا حصا

تاريخ[سنواريو]

پنجاب ۽ سنڌ جا آڳاٽا آريه لوڪ پوءِ لڙائين ۾ به اهي مضبوط تير ڪم آڻڻ لڳا؛ پر اول تيرن جي چهنبن کي ڪنهن زهر جو مک ڏيئي ڇڏيندا هئا، (اٿرو ويد منڊل چوٿون 776؛ منڊل پنجون 18،8 ۽ ڀيٽيو رگ ويد مندل ڇهون 75، 15). انهيءَ تير لڳڻ ڪري ڪنهن کي رڳو رهڙ پئجي ويندي هئي، ته به زهر جهٽ رت ۾ ملي، اڳلي کي ماري وجهندو هو. اهو زهر ملائڻ جو رواج آفريڪا ۾ بلڪل گهڻو هو، جنهن جا ڪيترا مثال مسٽر هينري سٽئنلي ڏنا آهن. ماڻهون پوءِ ٽامو، لوهه وغيره مارڻ سکيا، ته عام طرح تيرن جون چهنبون رڪ مان جوڙيندا هئا. رگ ويد جي منڊل ڇهين (75،11) ۾ ”ايومکم“، (Ayo-Mukham) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي لوهه جي منهن (چهنبن) وارو. هن مان پڌرو آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي رڪ جي راسين (نوڪرن) وارا تير ڪم ايندا هئا. اهو رواج پوءِ ڪلهوڙن جي صاحبيءَ تائين ساندهه هلندو آيو.[2]جيئن وقت ويو گذرندو، تيئن سنڌو ماٿر جي رهاڪن تير اندازيءَ ۾ حيرت جهڙي ترقي ڪئي. انهيءَ ڳالهه جو ججهو ذڪر مها ڀارت ۽ ڪن پراڻن ۾ آهي، جي رگ ويد واري زماني کان گهڻو پوءِ ٺهيا، تنهنڪري انهن جو ذڪر پوءِ ڪبو، هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته رگ ويد واري زماني ۾ اڳاٽن آرين وٽ جيڪي رڪ جي راسين (نوڪن) سان تير هوندا هئا، تن سان پک به ٻڌندا هئا، ته انهن جي رفتار تکي ٿئي، پکن ٻڌل تير ڇهه مان ڇمڪندو، ڪڙڪڙ ڪندو ويندو هو. هيءَ ڳالهه رگ ويد جي منڊل ڇهين جي سُوڪت 75 ۾ ڄاڻايل آهي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page15.html#_ftnref4.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page15.html#_ftnref4.  Missing or empty |title= (مدد)}

سانچو:ھٿيار