اڇوت
هندن ۾ 4 مکيه جاتيون يا ورڻ آهن -برهمڻ-، کتري، وئش ۽ شودر، برهمڻن کي اعليٰ يا اُچي ذات سمجهيو ويندو آهي ۽ شودرن کي گهٽ ذات -جن- کي اُچي ذات وارا ڇهڻ به پاپ سمجهندا آهن، -ان- ڪري مٿين ذات وارن هندن، گهٽ ذات وارن هندن کي -اڇوت- سڏيو، پر -اڇوت- حقيقت ۾ هندو نه آهن. اهي برصغير جا اصلوڪا رهاڪو ۽ ڪجهه وقت آزاد حڪمران هئا. هڪ نظريو آهي ته آرين جي اچڻ سان انهن جون حڪومتون ناس ڪيون ويون ۽ کين غلام بنايو ويو ۽ سندن حق کسيا ويا ۽ حياتيءَ جي هر شعبي ۾ ذليل ڪيو ويو. ايتريقدر جو -اڇوت- جو پاڇو پوڻ به پاپ سمجهيو ويندو هو. مهاتما گانڌيءَ، اڇوتن کي ’هريجن‘ (يعني خدا يا هريءَ جا ماڻهو) جو لقب ڏنو ۽ سندن حقن لاءِ ڪوشش ڪئي. -پاڪستان- ٺهڻ کان پوءِ -پاڪستان- حڪومت سمورين اقليتن کي تسليم ڪندي سندن حق برابر رکيا آهن پر سماج ۾ ڪٿي ڪٿي اڃا به انهن سان مت ڀيد رکيو وڃي ٿو.[1]