هيونسانگ
هيونسيانگ 玄奘 Xuanzang | |
---|---|
هيونسانگ جو هڪ پورٽريٽ | |
ذاتي معلومات | |
پيدائش | لگ ڀگ 602 عيسوي لويانگ، هيٺان، چين |
وفات | 664 (aged 62) |
مذھب | ٻڌ ڌرم |
اسڪول | اوڀر ايشيائي يوگاڪرا |
نمايان استاد |
هيونسانگ | |||||||||||||||||||||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
چیني نالو | |||||||||||||||||||||||||||||||
چیني | 玄奘 | ||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||
Chen Hui[lower-alpha 1] | |||||||||||||||||||||||||||||||
روایتي چیني | 陳褘 | ||||||||||||||||||||||||||||||
آسان چیني | 陈袆 | ||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||
Chen Yi | |||||||||||||||||||||||||||||||
روایتي چیني | 陳禕 | ||||||||||||||||||||||||||||||
آسان چیني | 陈祎 | ||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||
سنسڪرت نالو | |||||||||||||||||||||||||||||||
سنسڪرت | ह्वेनसांग |
هيونسانگ (چيني: 玄奘، انگريزي: Xuanzang) ٻڌ ڌرم جو پيروڪار ۽ هڪ چيني سياح هو. هو چين جي صوبي، هونان (Henan) ۾ سن 596ع ۾ ڄائو. هيونسانگ 138 مان 110 ملڪ پنهنجي سِر گهمي ڏٺا. هيونسانگ پنهنجي سير مٿان هڪ سفرنامو لکيو. هيونسانگ جو سفرنامو ڪلاسيڪل حيثيت رکي ٿو. سندس سفر نامي (travelogue) جي هن ڪتاب ۾ ان زماني جي 138 رياستن يا ملڪن جي حڪومتن، ماڻهن، ريتن، رسمن طور طريقن ۽ رواجن جو احوال آهي. هو چيني ٻڌ ڌرم جي دور ۾ ڪيل تعاون، 629-645 ۾ هندستان جي سفر جو احوال، گهٽ ۾ گهٽ 657 هندستاني متن کي چين آڻڻ جي ڪوششن، ۽ انهن مان ڪجهه متنن جي ترجمي لاءِ مشهور آهي. هو ڪل 1335 بابن مان صرف 75 جدا جدا حصن جو ترجمو ڪري سگهيو، پر سندس ترجمن ۾ ڪجهه اهم مهايانا صحيفن شامل آهن.
هيونسانگ 6 اپريل 602ع تي چين جي صوبي لئائوننگ صوبوهينان ۾ موجوده لويوانگ جي ويجهو چنليو ۾ پيدا ٿيو. هڪ ڇوڪرو هو، هن پنهنجي پيء سان گڏ مذهبي ڪتاب پڙهڻ، ۽ ان ۾ خيالن جو مطالعو ڪيو. پنهنجي وڏي ڀاءُ وانگر، هو جهنگتو جي خانقاه ۾ ٻڌ ڌرم جو شاگرد ٿيو. هيونسانگ کي تيرنهن سالن جي عمر ۾ هڪ نئين راهب (śrāmaṇera) طور مقرر ڪيو ويو. سوئي خاندان جي زوال جي ڪري پيدا ٿيل سياسي ۽ سماجي بدامني جي ڪري، هو سيچوان ۾ چينگدو ويو، جتي هن کي 20 سالن جي عمر ۾ ڀڪشو (مڪمل راهب) جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو. هن بعد ۾ ٻڌمت جي مقدس ڪتابن جي ڳولا ۾ سڄي چين جو سفر ڪيو. ايتري تائين جو، هو چانگان آيو، پوءِ تانگ جي شهنشاهه تائيزونگ جي پرامن حڪمراني هيٺ، جتي شوانزانگ هندستان گهمڻ جي خواهش پيدا ڪئي. هن کي فڪسين جي هندستان جي دوري جي خبر هئي ۽ هن وانگر، ٻڌ ڌرم جي ناتن جي نامڪمل ۽ غلط تشريح واري نوعيت جي باري ۾ به فڪرمند هو، جيڪي چين پهچي چڪا هئا. هو مختلف چيني ترجمن ۾ مقابلي ڪندڙ ٻڌ ڌرم جي نظرين بابت پڻ فڪرمند هو. ھن ھندستان کان اصل اڻ ترجمو ٿيل سنسڪرت نصوص گھرايا ته جيئن انھن مان ڪجھ مسئلن کي حل ڪيو وڃي. 27 سالن جي ڄمار ۾، هن هندستان ڏانهن پنهنجي ستر سالن جي زميني سفر جي شروعات ڪئي. هن پنهنجي قوم جي ٻاهرين سفر تي پابندي کي رد ڪري ڇڏيو، وچ ايشيائي شهرن جهڙوڪ ختن کان هندستان تائين پنهنجو رستو ٺاهيو.
He is known for the epoch-making contributions to Chinese Buddhism, the travelogue of his journey to India in 629–645, his efforts to bring at least 657 Indian texts to China, and his translations of some of these texts.[1] He was only able to translate 75 distinct sections of a total of 1335 chapters, but his translations included some of the most important Mahayana scriptures.[2]
Xuanzang was born on 6 April 602 in Chenliu, near present-day Luoyang, in Henan province of China. As a boy, he took to reading religious books, and studying the ideas therein with his father. Like his elder brother, he became a student of Buddhist studies at Jingtu monastery. Xuanzang was ordained as a śrāmaṇera (novice monk) at the age of thirteen. Due to the political and social unrest caused by the fall of the Sui dynasty, he went to Chengdu in Sichuan, where he was ordained as a bhikṣu (full monk) at the age of twenty.
He later travelled throughout China in search of sacred books of Buddhism. At length, he came to Chang'an, then under the peaceful rule of Emperor Taizong of Tang, where Xuanzang developed the desire to visit India.[3] He knew about Faxian's visit to India and, like him, was concerned about the incomplete and misinterpreted nature of the Buddhist texts that had reached China. He was also concerned about the competing Buddhist theories in variant Chinese translations. He sought original untranslated Sanskrit texts from India to help resolve some of these issues.[1]
At age 27, he began his seventeen-year overland journey to India. He defied his nation's ban on travel abroad, making his way through central Asian cities such as Khotan to India. He visited, among other places, the famed Nalanda University in modern day Bihar, India where he studied with the monk, Śīlabhadra. He departed from India with numerous Sanskrit texts on a caravan of twenty packhorses. His return was welcomed by Emperor Taizong in China, who encouraged him to write a travelogue.[1]
This Chinese travelogue, titled the Records of the Western Regions, is a notable source about Xuanzang, and also for scholarship on 7th-century India and Central Asia.[4] His travelogue is a mix of the implausible, the hearsay and a firsthand account.[5] Selections from it are used, and disputed,[6] as a terminus ante quem of 645 for events, names and texts he mentions. His text in turn provided the inspiration for the novel Journey to the West written by Wu Cheng'en during the Ming dynasty, around nine centuries after Xuanzang's death.[7]
جنم
[سنواريو]هيونسانگ (Xuanzang) چين جي هونان (Henan) صوبي ۾ سن 596ع ۾ ڄائو.
هيونسانگ جي ياترا
[سنواريو]هيونسانگ (چيني: 玄奘) جو پيءُ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڌرمي علم جو سٺو ڄاڻو هو. هن جو وڏو ڀاءُ ٻُڌ ڀڪشو هو. هيونسانگ تي به ڀاءُ جو اَثر پيو ۽ هو بهٻُڌ ڌرم جو پوئيلڳ بڻجي ويو. جنهن کان پوءِ هن کي ٻُڌ مذهب جي صحيح ڄاڻ ۽ ان جي بانيءَ جي جنم ڀوميءَ جي ذيارت جو شوق ستائڻ لڳو. ان ڪري هن هند ۽ سنڌ ڏانهن وڃڻ جو پڪو پهه ڪيو ته جيئن هو ٻُڌ ڌرم جي صحيح اصولن کي سمجهي سگهي. ان زماني ۾ تانگ گهراڻي (Tang) جي حڪومت هئي. اهي ڪنهن کي به علائقي مان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا. تنهنڪري هيونسانگ لڪي، تاشقند، سمرقند ۽ افغانستان کان ٿيندو ڪشمير پهتو ۽ پوءِ سنڌو نديءَ ذريعي وچئين ميداني علائقي مان ٿيندو، سنڌ پار ڪري هندوستان ڏانهن ويو.
هيونسانگ، سنڌ ۽ نالندا جي خانقاهه
[سنواريو]ان زماني ۾ مهراڻجي ٻنهي ڪپن تي ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ٻُڌ ڌرم جا ڪيترائي مندر ۽ پاٺ شالائون هيون. جيڪي ان زماني ۾ علم ۽ هدايت جا اهم مقدس مرڪز هئا. هيونسانگ سنڌ پهچي هتان جي مقدس ٻُد زيارتن جي زيارت ڪئي ۽ پوءِ هو ٻُڌ ڌرم جي پوِتر شهر کايا يعني پٽنا پهتو ۽ بنارس ۾ ٿيرٿ جي زيارت ڪيائين. 631ع ۾ هو نالندا جي خانقاهه ۾ ٻُڌ مذهب جي مشهور مولوي، سالا بهادر وٽ پڻ پڙهيو. ان خانقاهه ۾ هو 628ع ۾ آيو ۽ 631ع ۾ اتان ويو. يعني ٽي سال رهي هند سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ۽ پوءِ ان سڄي تجربي يا يادگيرين جي حوالي سان هڪ ڪتاب لکيو. سندس سفر نامي (travelogue) جي هن ڪتاب ۾ ان زماني جي 138 رياستن يا ملڪن جي حڪومتن، ماڻهن، ريتن، رسمن طور طريقن ۽ رواجن جو احوال آهي.
هيونسانگ کان اڳ چيني سياحَ
[سنواريو]هيونسانگ کان اڳ به ڪن چيني سياحن جو سنڌ ۾ اچڻ ثابت ٿئي ٿو، جن مان فاهيان (Fa-hian) سن ين (Sun-Yun) جو ذڪر ملي ٿو. 138 ملڪن مان 110 هيونسانگ پنهنجي سِر گهمي ڏٺا. هيونسانگ جو هي سفرنامو ڪلاسيڪل حيثيت رکي ٿو.
هيونسانگ ۽ ٿيودور ڊي ٻيري
[سنواريو]ٿيودور ڊي بيري پنهنجي ڪتاب دي سورسز آف چائينيز ٽريڊيشنز ۾ لکي ٿو ته، هيونسانگ جي هيءَ ياترا، چيني تاريخ ۽ ادب جو اهم باب آهي. هن پنهنجي سفر دوران، مقامي فلاسافرن ۽ دانشورن سان بحث مباحثا ڪيا، جن جي نتيجي ۾ ٻُڌ ڌرم جا 75 بنيادي ترتيب ڏنل هٿ لکيل نسخا (Manuscripts) چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا.
هيونسانگ جو سنڌ گهمڻ
[سنواريو]هيونسانگ سنڌ جي شهرن اروڙ، سيوڻ ۽ ٻين شهرن ۾ آيو. لئمبرڪ مطابق هو موئن جو دڙو، جهرڪ، ٻميو، سيوهڻ، ٺل، مير رڪن، سن، ٽريڊن جي ڌڙي ۽ ديبل به آيو ۽ اتي ٺهيل عاليشان اسٽوپا به ڏٺائين ۽ ان کان سواءِ ٻيا ننڍا وڏا شهر به گهميو. هن ان وقت جي رهڻي ڪهڻي، حڪومت جي طور طريقن، تهذيبي قدرن ۽ روايتن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس سفرنامي ۾ ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتون جيڪي ان وقت سنڌ ۾ هيون، اهي جهلڪا ڏيندي نظر اچن ٿيون.
هيونسانگ لکي ٿو، ... گجرات کان اُتر طرف خوفائتي رڻ پٽ ۽ خطرناڪ لَڪن مان لنگهي، اٽڪل 1900 لي يعني 684 ميل پند ڪري، اسان سنڌ پهتاسين. هتان جي زمين اناج پيدا ڪرڻ لاءِ ٺهڪي ايندڙ آهي ۽ هت ڪپهه، جوئر ۽ ٻاجهري تمام گهڻي ٿئي ٿي. هتي سون، چاندي ۽ ڪوپر تمام گهڻو آهي. ڍڳن، رڍن، اُٺن، خچرن ۽ ٻين جانوارن لاءِ هتي چارو جام آهي. هتي اُٺ هڪ ٿوهيءَ وارا ٿين ٿا ۽ هتي سنڌ ۾ لوڻ جا وڏا ذخيرا آهن. لوڻ مختلف دوائڻ ۾ پڻ ڪتب آندو وڃي ٿو. ماڻهن جو سڀاءُ سخت ۽ پورالو آهي، پر اهي آهن ايماندار ۽ سنوان سڌا پر پاڻ ۾ ڪو نه ٺهن. پڙهن ته ٿا پر بنا مقصد جي. ٻُڌ مت جا پوئيلڳ آهن. هتي سنڌ ۾ ڏهه هزار ڀڪشو پکڙيل آهن. سنڌ جي گادي جو هنڌ پي شين ڦو يعني برهمڻ آباد آهي ۽ بادشاهه رائي سيهرس آهي. جيڪو ڏاڍو ايماندار آهي ۽ ٻُڌ مت کي مان ڏيندڙ آهي.
هيونسانگ ئي پهريون ليکڪ آهي، جنهن اهو ٻڌايو هو ته، جڏهن گوتم ٻُڌ هن سنسار ۾ جيئرو هو، تڏهن اهو سنڌ به آيو هو. ان ڪري راجا اشوڪ جتي جتي به گوتم ٻُڌ جي رهڻ جا نشان لڌا، اُتي اسٽوپا ٺهرائي ڇڏيا اٿس، مها ارهت، اپاگپتا به هن ملڪ سنڌ آيو ۽ ٻُڌ ڌرم کي وڌيڪ پکيڙيائين. جتي جتي هو رهيو اتي اسٽوپا ٺهيل آهن. هونئن به سنڌ ۾ اسٽوپا جتي ڪٿي نظر اچن ٿا.
هيونسانگ، سنڌين جي سماجي ۽ مذهبي زندگي جي باري ۾
[سنواريو]سنڌ جي ماڻهن جي سماجي زندگيءَ جي باري ۾ هيونسانگ لکي ٿو ته سنڌو دريا جي ڪناري تمام گهڻا ماڻهو آباد آهن. اهي سڀ مال چاري گذارو ڪن ٿا. اهي نه ڪو شاهوڪار ۽ نه ئي سُڃا آهن. انهن بابت چيو وڃي ٿو ته اڳي اهي ماڻهو سرڪش هئا پر پوءِ مها ارهت جي پوئيلڳي ڪندي پنهنجا مٿا ڪوڙائڻ شروع ڪيا ۽ مذهبي زندگي گذارڻ لڳا. پر ڪئين پڙهين گذري وڃڻ کان پوءِ به اڃان تائين انهن جا پٽ پوٽا مذهب کان پري دنيادار ماڻهن وانگر رهن ٿا.
هيونسانگ جي چين ڏانهن واپسي
[سنواريو]سنڌ جو هيءَ سيلاني 645ع ۾ واپس چانگ پهتو ته شهر جا ننڍا وڏا سندس آڌرڀاءُ لاءِ شهر جي مک در کان ٻاهر اچي گڏ ٿيا جو هيونسانگ اها رات شهر کان ٻاهر گذاري. بادشاهه تائي سانگ (Emperor Taizong) هن جو شاهي نموني آڌرڀاءَ ڪيو ۽ کيس هن جي ڪتاب جي ترجمي لاءِ مختلف ٻولين جا ڄاڻو هٿ ڪري ڏنائين. اهو ترجمو ڪيل ڪتاب دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ موجود آهن.
ديهانت
[سنواريو]هيونسانگ 664ع ۾ چين ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[8][9]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 Xuanzang (1996). The great Tang dynasty record of the western regions. Berkeley, CA: Numata Center for Buddhist Translation & Research. pp. xiii-xiv. ISBN 978-1-886439-02-3.
- ↑ "Xuanzang". Encyclopædia Britannica. وقت 16 March 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-05-22. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Wriggins, Sally (27 November 2003). The Silk Road Journey With Xuanzang. New York: Westview. ISBN 978-0813365992.
- ↑ Singh, Upinder (2008). A History of Ancient and Early Medieval India: From the Stone Age to the 12th Century. Pearson. p. 563. ISBN 978-81-317-1677-9. https://books.google.com/books?id=Pq2iCwAAQBAJ&q=Xuanzang&pg=PA563. Retrieved 7 October 2020.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedgosch
- ↑ Deeg, Max (2020). "How to Create a Great Monastery: Xuanzang’s Foundation Legend of Nālandā in Its Indian Context". Hualin International Journal of Buddhist Studies (Cambria) 3 (1): 228–258. doi: . ISSN 2576-2923. "Xuanzang's Datang Xiyu ji has been and is notoriously used for the reconstruction of South Asian history and the history of Buddhism in India. Very often Xuanzang's information is either dismissed because it does not corroborate or even contradicts the facts in Indian sources, or is used to overwrite these sources.".
- ↑ Cao, Shibang (2006). "Fact versus Fiction: From Record of the Western Regions to Journey to the West". in Wang, Chichhung. Dust in the Wind: Retracing Dharma Master Xuanzang's Western Pilgrimage. Rhythms Monthly. p. 62. ISBN 978-986-81419-8-8. https://books.google.com/books?id=8rLUbuZLiaIC&pg=PA62. Retrieved 2 February 2014.
- ↑ سنڌ گهمندڙ سيلاني، دادا سنڌي، سنڌي ادبي سنگت
- ↑ Xuanzang - Wikipedia
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/>
نہ مليو
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- مضمون with short description
- Short description matches Wikidata
- Articles having same image on Wikidata and Wikipedia
- مقالا جن ۾ چيني ٻولي جو متن آهي
- لساني سانچا
- چين
- تاريخ
- شخصيتون
- Pages with reference errors that trigger visual diffs