ابراهيم

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رهنمائي, ڳولا
مضمونن جو سلسلو

اسلام
Istanbul, Hagia Sophia, Allah.jpg
اسلام جي تاريخ

عقيدا ۽ عمل

توحيد
شهادت
نمازروزو
حجزڪوات

اهم حستيون

محمد
ابوبڪر صدیقعمر فاروقعثمان غنيعلي حیدر
صحابہ
اھل البیت
ازواج مطھرات
ٻيا نبي

ڪتاب ۽ قانون

قرآنحدیثشريعت
قانوننڪلام
سـيـرت

مسلمان مڪتبه فڪر

سنيشـيعہصوفي

معاشرتي ۽ سياسي ڌڙا

اسلامياتفلسفو
فنسائنس
فن تعميرجڳھون
سال (ڪيلنڊر)موڪلون
عورت ۽ اسلاماڳواڻ
سياستجهادآزاد

پڻ ڏسندا

اسلامي اصطلاح
اسلام تي مضمونن جي فهرست

اسلامي اعتقاد موجب ابراهيم کي مسلمانن جي پيغمبر محمد ۽ ٻين ڪيترن ئي نبين جو پڙڏاڏو سمجھيو وڃي ٿو، تنهنڪري مسلمان کيس ابوالانبياء يعني نبين جو پيءُ چوندا آهن. سندس پيدائش جو سن 2160 قبل مسيح آهي. پاڻ عراق جي شهر اور ۾ ڄائو، جيڪو دريا فرات جي ڪناري تي قائم آهي. قرآن ۾ سندس نالو 68 دفعا آيل آهي. سندس لقب خليل الله ۽ ابوالانبياء هو. کيس ٽي گهر واريون هيون، جن جا نالا ساره، هاجره، ۽ قطورا هئا. هن پنهنجي قوم کي توحيد جي تعليم ڏني ۽ بتن جي عبادت کان روڪيو. مذهبي تاريخن مطابق سندس قوم کيس باهه ۾ ساڙڻ جو فيصلو ڪيو پر باهه مٿس ڪو به اثر نه ڪيو. ابراهيم کي اسماعيل ۽ اسحاق نالي ٻه پٽ هئا. اسلامي تاريخ ۾ ابراهيم جي پيدائش جي تاريخ 9 محرم 1985 قبل مسيح ٻڌائي وڃي ٿي.

حضرت -ابراهيم خليل- -الله-، -الله- پاڪ جو پيغمبر هو. قرآن پاڪ موجب سندن پيءُ جو نالو -آزر- هو، جيڪو -بت- پرست ۽ -بت- تراش هو. -توريت- موجب حضرت -ابراهيم خليل- -الله- 2200 ق. م ۾ عراق جي شهر ’اُر‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس قوم جا ماڻهو -بت- پرست هئا. -توريت- ۾ سندس والد جو نالو تارخ ڄاڻايل آهي، پر قرآن مجيد ۾ کيس -بت- تراشيءَ جي ڪم ڪرڻ سبب -آزر- سڏيو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ آذر جي عقيدن جي اختلاف کي جنهن نموني ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ جهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجي قوم جي شرڪ کان نفرت ڪندا هئا، اها ڳالهه سندن عظمت جي حقيقت ظاهر ڪري ٿي. جڏهن پاڻ جوان ٿيا ته کين نبوت عطا ٿي. خدا جي دين جو پرچار شروع ڪيائون ته وقت جي حاڪم نمرود کين -باهه- ۾ اڇلارايو، پر قدرت جي منشا موجب اُهي شعلا گل بڻجي ويا. -ان- کان پوءِ فلسطين ڏانهن هجرت ڪيائون، -جتي- -بيت المقدس- جو بنياد وڌائون. کين ٻه زالون هيون، هڪ جو نالو بي بي سائره ۽ ٻيءَ گهرواريءَ جو نالو بي بي هاجره هو. بي بي هاجره مان حضرت اسماعيل پيدا ٿيو، جڏهن ته بي بي سائره مان حضرت اسحاق -جنم- ورتو. حضرت ابراهيم بيبي هاجره سان مڪي آيو، -جتي- ڪعبة -الله- جو بنياد وڌائين. حضرت ابراهيم عليه السلام کان ئي حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- جو شجرو شروع ٿئي ٿو ۽ سنت به -ان- سلسلي تحت شروع ٿئي ٿي. روايت موجب حضرت ابراهيم عليه السلام 175 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A8%D8%B1%D8%A7%D9%87%D9%8A%D9%85%20%D8%AE%D9%84%D9%8A%D9%84%20%D8%A7%D9%84%D9%84%D9%87%20%D8%AD%D8%B6%D8%B1%D8%AA