مواد ڏانھن هلو

انسان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ماڻهو کان چوريل)

انسان[1]
An adult human male (left) and female (right) from the Akha tribe in Northern Thailand.
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Homo
جنس: Template:Taxonomy/Homo{. sapiens
حياتياتي نالو
Homo sapiens
Linnaeus, 1758
Subspecies

[[Extinct|سانچو:Extinct]]Homo sapiens idaltu White et al., 2003
Homo sapiens sapiens

Homo sapiens population density

انسان (Human) (سائنسي نالو: Homo sapiens) جو لفظ زمين تي ملندڙ ان انساني نسل جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي، جيڪا جنس انس (homo) سان تعلق رکي ٿي ۽ دنيا ۾ ملندڙ ٻين تمام تر انواع حيات کان برتر دماغ رکي ٿي. انسان چورائيندڙ مخلوق جي سڃاڻپ ان جي سڌي بناوٽ ۽ ٻن ٽنگن سان ھلڻ واري مخلوق جي طور تي با آساني ڪري سگهجي ٿي. وڌيڪ اھو تہ ھي نوعِ حياتِ انسان ھڪ معاشرتي مخلوق ھجڻ سان گڏوگڏ شعور (consciousness) ۽ ادراڪ (cognition) ۾ ٻين تمام مخلوقن جي نسبت اعليٰ معيار تائين پھتل مخلوق آھي. انسان کي آدم جي مناسبت سان عربي ۽ فارسي ۾ آدم بہ چيو ويندو آھي ۽ ان جي لاءِ بشر جو لفظ بہ استعمال ڪيو ٿو وڃي. آدم ۽ بشر وانگر انسان جو لفظ بہ سنڌي ٻولي ۾ عربي ٻوليءَ کان آيو آھي، ان ئي لفظ انس سان ناس ۽ مرڪب لفظ عوام الناس وغيره بہ تخليق ڪيا وڃن ٿا. قرآن ۾ بہ ھن نوع حيات جي لاءِ انسان سان گڏوگڏ ٻيا لفظ استعمال ٿيا آھن؛ جن ۾ ھڪ انس (سورۃ الرحمٰن آيت 39) به آھي.

انسان، بشر يا اينٿروپڪ (Anthropic)، اصل ۾ يوناني اکر ‘anthrops’ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنا آهي ماڻهو، پر هن لفظ مان مراد آهي سڀ کان آڳاٽو انسان. [3]

ارتقا

[سنواريو]

جنهن مخلوق کي انسان يا ماڻهو چئي سگهجي ٿو، اها ڌرتيءَ تي لڳ ڀڳ 2 ملين (20 لک) سالن کان رهندي پئي اچي. ڌرتيءَ جي عمر جي ڀيٽ ۾ 2 ملين سال اک ڇنڀ جي برابر آهن. زمين جي مجموعي عمر لڳ ڀڳ 4700 ملين سال آهي. جيڪڏهن فرض ڪجي ته ڌرتيءَ جي عمر فقط 24 ڪلاڪ آهي ته پوءِ ايئن چئبو ته ماڻهوءَ کي جنم ورتي اڃا هڪ منٽ به ڪونه ٿيو آهي. پر ان هڪ منٽ ۾ انسان ڪيڏا ڪم ڪيا آهن، ان جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي. ان هڪ منٽ اندر هن دنيا جي عظيم ترين تهذيبن ۽ ثقافتن کي جنم ڏئي ڌرتيءَ کي عجيب رنگ بخشي ڇڏيو آهي.

انسان جيڪي ڪجهه ڪيو، ان جو لکت ۾ رڪارڊ وڌ ۾ وڌ پنج هزار سال اڳ کان شروع ٿئي ٿو. ان ئي رڪارڊ مان اسان کي خبر پوي ٿي ته اوائلي تهذيبن وارا انسان ڪيئن سوچيندا هئا ۽ انهن جا باهمي رشتا ڪيئن هئا؟ ان کان سواءِ انسان ڪيئن ۽ ڪٿي رهيو؟ ان جو جواب ڳولڻ لاءِ قديم آثارن جي ماهرن هن مهل تائين وڏي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي ۽ ڪافي ثبوت هٿ ڪيا آهن، پر تڏهن به اڃا گهڻو ڪجهه ڪوهيڙي ۾ لڪل آهي ۽ گهڻو ڪجهه وقت سان ضايع ٿي چڪو آهي. انهن ثبوتن ۾ اسان کي پنڊ پهڻ ٿيل هڏيون، پٿرن مان گهڙيل اوزار، ڀڳل ٺڪراٺو، غارن ۽ جبلن تي چٽساليون ۽ اُڪرون ملن ٿيون. جيتوڻيڪ هٿ آيل اهي آثار ڪي گهڻا نه آهن، تڏهن به قديم آثارن جي ماهرن انهن ئي آثارن جي مدد سان انسان جي جسماني، ذهني ۽ ثقافتي اؤسر جا اندازا به لڳايا آهن.

انساني نسل جو بڻ بڻياد ۽ ان جو اصل وطن ڳولڻ لاءِ پاڻ کي 40 ملين سال اڳ کان سفر شروع ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته اهو ئي اهو دؤر آهي، جنهن بابت ڊارون جو خيال آهي ته ان وقت اها مخلوق پيدا ٿي. جيڪا لڳ ڀڳ 38 ملين سالن جا ارتقائي ڏاڪا طئي ڪرڻ کان پوءِ اوزار ٺاهڻ لڳي ۽ جنهن کي هاڻي اسان اوائلي ماڻهو چئون ٿا. 40 ملين سال اڳ واري نسل بابت ڊارون جو خيال آهي ته متان اهوئي انسان ۽ وڏن بن مانسن جو گڏيل تڙ ڏاڏو هجي! ان نسل جي اولاد مان هڪ گروهه ٻيلن ۾ رهيو ۽ انهن مان بن مانس، ڀولڙا ۽ اڄوڪا چئمپنزي پيدا ٿيا. پر ٻيو گروهه لڳ ڀڳ 20 ملين سال اڳ وڻن تان ان مهل لهي آيو. جڏهن شايد ٻيلا گهٽجڻ لڳا هجن ۽ کليل ميداني علائقن ۾ خوراڪ گهڻي ملندي هجي ۽ اُتي روزاني ڪار ڪرت بهتر هجي. ڪيئي ملين سالن جي وقفي کان پوءِ هٿن ۽ پيرن جي مدد سان هلندڙ هن مخلوق ٻن پيرن تي اُڀو هلڻ سکي ورتو، ان جا پويان چنبا پير بڻجي پيا. جڏهن ته اڳيان چنبا آزاد هئڻ ڪري وڌيڪ حساس ٿيا ۽ انهن ۾ ڇُهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي سگهه وڌي وئي. آزاد چنبا، جيڪي هاڻي هٿ بڻجي ويا هئا، ڪاٺيون ۽ پٿر اٿلائڻ پُٿلائڻ، کڻي هلڻ ۽ استعمال ڪرڻ لڳا.

انسان، دؤر ۽ جاگرافيائي حالتون

[سنواريو]

ماڻهوءَ جو پنڌ ايڏو ڊگهو آهي، جو ايئن چوڻ غلط ڪونه ٿيندو ته هن آدجڳاد کان پنڌ ڪيو آهي. ان پنڌ دوران هن ثقافتن جا ابتدائي پٿر رکيا. اوزار ٺاهيا ۽ نشان ڇڏيا. ان ئي پنڌ دوران هن پيليوليٿڪ دؤر ۾ پنهنجي پير جو سچو پچو نشان به ڇڏيو آهي. اسان شايد ان کي انساني پير جو قديم ترين نشان چئي سگهون. اهو نشان اٽليءَ ۾ نانا دي لا باسورا وٽ آهي، جيڪو کڙيءَ کان آڱوٺي تائين اٽڪل 20 سينٽي ميٽر ڊگهو ۽ پٻن وٽ 10 سينٽي ميٽر ويڪرو آهي. هي پيليوليٿڪ ماڻهو ۽ ان کان پويان نسل ڪير هئا ۽ سندن جيئڻ جو ڍنگ ڪيئن هو؟ اهو تمام ڳوڙهو اڀياس ٿي سگهي ٿو. هو ڪهڙي قسم جا اوزار ٺاهيندا هئا؟ ڇا کائيندا هئا؟ پهريندا هئا؟ ڪيئن شڪار ڪندا هئا؟ ڇا هنن جو ذهن هڪ تخليقڪار جو ذهن هو؟ هنن جو ڪٽنبي سرشتو ڪيئن هو؟ اهڙو اڀياس سنڌ يا اپکنڊ جو چڱيءَ طرح ڪونه ٿيو آهي. هتي ڪوشش ڪبي ته اوائلي ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻي جو اهو اڀياس جيڪو يورپ ۽ آفريڪا جي حوالن سان ٿي چڪو آهي، ان تي هڪ نظر وجهجي. گهڻو ممڪن آهي ته ان سان سنڌ جي پيليوليٿڪ، ميسو ليٿڪ ۽ نيوليٿڪ لوڪن جي رهڻي ڪرڻي بابت ڪو اندازو لڳي سگهي. محققن جي آڏو وڏي ۾ وڏو مسئلو هيءُ آهي ته هو پهريون آدم ڪنهن کي چون؟ ايئن ته هو راماپٿيڪس، آسٽرالوپٿيڪس، هومو هيبلس ۽ هومو اريڪٽس نالي مخلوقن جي درجي بندي ڪري چڪا آهن، پر مشڪل اها آهي ته جديد تحقيق ڪن اوزارن کي ايترو پراڻو ثابت ڪري ٿي جو هومو مخلوقن جي وجود کان ڳالهه ٽپي پوئتي هلي ٿي وڃي. جيڪڏهن پهريون اوزار ٺاهيندڙ مخلوق کي آدم چئجي تڏهن به اهو طئه نٿو ڪري سگهجي ته ڪهڙي نسل سڀ کان پهرين اوزار ٺاهيا. اصل، ۾ راماپٿيڪس مخلوق جيڪا 14 کان 8 ملين سال اڳ موجود هئي ۽ ان کان پوءِ اسٽرالوپٿيڪس آفريڪانوس (ڏکڻ وارو بن مانس جيڪو آفريڪا ۾ هو) جيڪو 5 ملين سال اڳ ۾ هو، جي وچ جون ڪيئي ڪڙيون ٽٽل آهن. هن کان پوءِ هومو هيبلس (Homo Habilis) آهي، يعني هٿن وارو ماڻهو، جيڪو 2 ملين سال اڳ هو. جيئن ته اهو آسٽرالوپٿيڪس سان ويجهڙائي رکندڙ هو تنهنڪري ان کي آسٽرالوپٿيڪس هيبلس به چيو ويو. انهن ٻن نسلن جي وچ ۾ به وقت جو وڏو فاصلو آهي.

ان کان پوءِ اڀو انسان (Homo Erectus) آهي، جنهن جو مغز هاڻوڪي انسان کان ٻه ڀاڱي ٽي حصا ننڍو هو، نه کاڏِي هئس ۽ نه وري پيشاني. اها 15 لک سال اڳ جي ڳالهه آهي ۽ نيٺ آخري منزل باشعور انسان (Homo Sapiens) جي آهي، جنهن جي ڪهاڻي به اڍائي لک سالن کان جاري آهي.

اسان جيڪڏهن هٿيارن ۽ اوزارن جي ڪهاڻيءَ ۾ گهرائيءَ سان وينداسين ته ڳالهه وڃي زمين جي ٽريشري دؤر جي پڄاڻيءَ تائين يعني 40 لک سالن تائين پهچندي، جڏهن آسٽرالوپٿيڪس ڌرتيءَ تي پکڙيل هئا ۽ ان ئي وقت ۾ پٿر جا قديم ترين اوزار به ٺهيا. اهو پٿر جو پرڀاتي دؤر يعني هڪ لحاظ کان Eolithis جو دؤر آهي. ان کان پوءِ پٿر جو هيٺيون يعني اوائلي پيليوليٿڪ اوزارن جو دؤر سامهون اچي ٿو جو هيٺيون ڪواٽرني (پلائيسٽوسين) ۽ پراڻن گليشل دؤرن جو زمانو آهي. اهو 20 لک سال اڳ جو زمانو آهي، جڏهن هومو هيبلس ڌرتيءَ تي گهمي رهيو هو. ڏيڍ ملين يعني 15 لک سال اڳ جڏهن ”اڀو انسان“ ظاهر ٿيو تڏهن به اوزارن جي صورتحال ساڳي هئي. ٻنهي مخلوقن جي وچ واري توڻي گڏيل دؤر ۾ رهائشي آباديون، هٿ ڪهاڙيون ۽ باهه جو استعمال نظر اچي ٿو. اهڙا اهم ماڳ Habor, Koobi Rora ۽ Omo آهن. بعد ۾ ترتيب وار اولدوواءِ (Oldivai)، شانداليا (Shandaliya)، چلهاڪ، گاديب، سولهياڪ، والونيٽ ۽ ٻيا ماڳ آهن. ان کان پوءِ زمين جو ڪوارٽرنري دؤر ڀرپور نموني طاري ٿئي ٿو. جيڪو انٽر گليشل دؤر کان شروع ٿي، برفاني زمانو گذاري آخر ۾ هڪ انٽر گليشل دؤر تائين پکڙيل آهي. اهو لڳ ڀڳ 7 لک سالن کان 4 لک سال اڳ جو دؤر آهي جڏهن اوائلي پيليوليٿڪ دؤر هليو ۽ ائبي ويلين کان اشيولين اوزار سامهون آيا ۽ وڏن جانورن جو شڪار شروع ٿيو. هي اڀن انسانن (Homo Erectus) جو ئي دؤر هو.

جڏهن وچون پيليوليٿڪ دؤر آيو، تڏهن باشعور انسان موجود هو. هي چار لک سال اڳ آخري انٽر گليشل دؤر جو وقت هو. هن دؤر ۾ اشيولين اوزار نظر اچن ٿا، ان دوران زمين ڪوارٽرنري کان اينٿرو پوزوئڪ دؤر ۾ لڳ ڀڳ ساڍا ٽي لک سال اڳ داخل ٿي ۽ ان وقت ڪجهه اهڙيون گهڙاوتون به سامهون آيون، جن کي بت تراشي چئي سگهجي! لڳ ڀڳ ٽي لک سال اڳ کان وٺي چاليهه هزار سال اڳ جي دنيا پٿر جي اوائلي وچين (وچون پيليوليٿڪ) دؤر تي مشتمل آهي ۽ ان عرصي ۾ باشعور انسانن جي هڪ نسل نيندرٿال جون سرگرميون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. انسان ذات ان زماني ۾ هڪ برفاڻو ۽ آخري انٽر گليشئل زمانو ڏٺو. چاليهارو کن هزار سال اڳ هڪ ٻيو ۽ آخري برفاني دؤر اڀريو. تڏهن نيندرٿال گم ٿي ويو ۽ ڪروميگنان نظر آيو. هي اوائلي پٿر جو پڇاڙڪو يعني مٿيون پيليوليٿڪ دؤر آهي. ڪن حالتن ۾ هي ميسوليٿڪ يا پٿر جو وچون دؤر به آهي. هن دؤر ۾ مڙدن جي تدفين، ڪپڙا سبي پائڻ، تير ڪمان، موسيقي، پالش ٿيل پٿري اوزار ۽ چترڪاري به ڏسجي ٿي. هي ماڻهو ميموٿ ۽ سانڀر جا شڪاري هئا.

ان کان پوءِ يعني لڳ ڀڳ 13000 سال اڳ کان 4000 سال اڳ تائين ميسوليٿڪ دؤر شمار ڪيو وڃي ٿو، پر اهو اڄ تائين هڪ نسبتي سوال آهي. اهي سال شايد پاڪستان جي حوالي سان استعمال ڪري نه سگهجن. هتي اهي (100007000 اڄ کان اڳ) سال نيوليٿڪ ۽ چالڪوليٿڪ دؤرن جا به آهن.

واقعن جي ڪرونولاجي

[سنواريو]
  • 30,000,000 سال اڳ سڀ کان اوائلي بن مانس جا پنڊ پاهڻ. اوليگوسين دؤر.
  • 20,000,000 سال اڳ اوائلي بن مانس جا پنڊ پاهڻ. مايوسين دؤر، پروڪائونسل اوڀر آفريڪا ۾.
  • 1,700,000 سال اڳ هيٺيون پلائسٽوسين دؤر، اوائلي انسان نما مخلوق، شڪاري ۽ خوراڪ ميڙيندڙ آسٽرالوپٿيڪس، پيليوليٿڪ جو پهريون درجو يا پٿر جو پراڻو دؤر.
  • 400,000 ق. م. اڀي انسان جو مرحلو؛ (جاوا، چائنا، آفريڪا) هن انسان وٽ وڍڻ جا اڍنگا اوزار ۽ اوائلي هٿ ڪهاڙي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. (هئڊل برگ ڄاڙي)
  • 1,80,000 ق. م. نيندر ٿال نسل جا ابا ڏاڏا (يورپ) سڌريل هٿ ڪهاڙين سان گڏ.
  • 70,000 ق. م. نيندر ٿالي لوڪ (يورپ، ايشيا، آفريڪا) چٿڙن وارا اوزار ۽ ”مڪمل ماڻهو“ (جاوا)
  • 30,000 ق. م. ٻيو ٿڌو دؤر، نئون ماڻهو بهتر اوزار ٺاهي ٿو. ننڍيون ڇريون، تصويرون ڪشي. ڪروميگنان.
  • 10,000 ق. م. آخري برفاني دؤر جي پڄاڻي ۽ پروٽونيوليٿڪ ڪلچر. وچ اوڀر ۾ جيريڪو ۾ زرعي سيٽلمينٽ.
  • 6000 ق. م. کان 1800 ق. م. تائين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٺڪريءَ، ڪنجهي ۽ پٿر واريون ثقافتون ۽ تهذيبون.
  • 1500 ق. م. هندستان ۾ ويدڪ لٽريچر.

انسان جا ارتقائي مرحلا

[سنواريو]

سائنسدانن انساني نسل سان هڪجهڙائي رکندڙ مخلوقن جي پنڊ پاهڻن جو ڏاڍو تفصيلي جائزو وٺي ڪي مضبوط دليل پيش ڪيا آهن. ان ڊگهي تحقيق کان پوءِ واضح ٿيو آهي ته انساني ارتقا جي ڪهاڻي گهٽ ۾ گهٽ 25 ملين سالن جي عرصي تي پکڙيل آهي. جديد تحقيق اڃا به پوئتي تائين جا ڏس ڏئي ٿي. ان ريت انسان نما مخلوقن جو چارٽ هن ريت آهي.

1. پلايو پٿيڪس (Pliopithecus )

[سنواريو]

زمانو: 22 ملين سال اڳ کان 12 ملين سال اڳ تائين

سڀ کان اوائلي پروٽو ايپس مان هڪ نسل جيڪو ڏسڻ ۾ هاڻوڪي لنڊي لنگور (Gibbon) جهڙو هو. ان جون ٻانهون قد جي ڀيٽ ۾ هروڀرو ڊگهيون ڪو نه هيون. وڻن تي لڏڻ ۾ مهارت هئس. قد جي لحاظ کان تمام ننڍڙي نسل کي ڏندن ۽ کوپڙيءَ جي بنياد تي لُنڊي لنگور واري سلسلي جو ابو ڏاڏو سمجهيو وڃي ٿو.

2. پروڪائونسل (Proconsul)

[سنواريو]

زمانو: 20 ملين سال اڳ کان 10 ملين سال اڳ تائين (مايو سين زمانو Miocene Period)

هن مخلوق جي ڍانچي جون ٽڪرن ٽڪرن ۾ بيشمار هڏيون مليون آهن. ان جو شمار تمام اوائلي بن مانسن ۾ ٿئي ٿو. جيڪو چمپانزي نسل ۽ شايد گوريلا جو ابو آهي. اهو نسل پلايوپٿيڪس جو همعصر آهي، ان جون گڏيون گهڻو ڪري اتان ئي ملن ٿيون، جتان پلايوپيٿڪس جا پنڊ پهڻ ملن ٿا.

3. ڊرايو پٿيڪس (Dryopithecus)

[سنواريو]

زمانو: 15 ملين سال اڳ کان 8 ملين سال اڳ تائين (مايوسين زمانو)

جيتوڻيڪ هن نسل جا تمام ٿورڙا ۽ اڻپورا پنڊ پاهڻ مليا آهن، تنهن هوندي به ڊرايوپٿيڪس جي ڄاڙي ۽ ڏند سندس خاصيتن کي چڱيءَ طرح بيان ڪن ٿا. قد جي لحاظ کان ٽن فٽن جيترو هيءُ اوائلي بن مانس يورپ، چين ۽ اتر هندستان ۾ رهندو هو. بيهڪ جي لحاظ کان جسم اڳتي جهڪيل. ڊگهيون ٻانهون ۽ جسم تي گهاٽا وار هئس. ٻن پيرن تي هٿن جي هلڪي ٽيڪ سان ائين هلندو هو جيئن اڄڪلهه جا بن مانس هلندا آهن.

4. اوريوپٿيڪس (Oreopithecus)

[سنواريو]

زمانو: 15 ملين سال اڳ کان 8 ملين سال اڳ تائين.

ماڻهوءَ جهڙي نسل اوريوپٿيڪس بابت راءِ آهي ته اهو ٻن پيرن تي هلندو هو، چار فٽ قد ۽ وزن 80 پائونڊ هئس. سندس ڏند ۽ ڍاڪ جي هڏين سائنسدانن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته ڇا اهو انسان جو ابو آهي، پر هاڻي اهو بهتر طور نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته اهو هڪ انوکو بن مانس هو.

5. سواپٿيڪس راما پٿيڪس (Ramapithecus)

[سنواريو]

زمانو: 14 ملين سال اڳ کان 12 ملين سال اڳ تائين.

هن مهل تائين ماڻهوءَ جهڙي لڌل سڀ کان اوائلي مخلوق راماپٿيڪس آهي. گهڻن محققن جي راءِ آهي ته اها مخلوق انساني ارتقا واري سلسلي ۾ سڌي طرح ڳنڍجي ٿي. هن مخلوق کي ”آدم نما“ رتبو ڪجهه ڏندن، ڄاڙيءَ جي ڪجهه ٽڪرن ۽ تارونءَ جي بيهڪ جي بنيادن تي مليو، جيڪي بنا ڪنهن غلطيءَ جي انساني شڪل جا آهن. هن مخلوق جو قد ساڍا پنج فٽ هو. هن مخلوق جا پنڊ پاهڻ اتر هندستان، پاڪستان ۽ آفريڪا مان لڌا ويا آهن. پوٺوار ۾ ان جا پنڊ پاهڻ 8 ملين سال پراڻا آهن. جنهن کي ”راماپٿيڪس انڊيڪس“ نالو ڏنو ويو آهي.

6. آسٽرالو پٿيڪس (Australopithecus)

[سنواريو]

زمانو: 2 ملين سال اڳ تائين.

راما پٿيڪس ۽ آسٽرالوپٿيڪس اڻپورن ماڻهن جي وچ ۾ 9 ملين سالن جو وقفو آهي. ان عرصي دوران اڻپورن ماڻهن وڏي ترقي ڪئي. اهي اڀا بيهي پنڌ ڪرڻ لڳا. زمين تي رهندا هئا ۽ ممڪن آهي ته پنهنجي بچاءَ ۾ پٿر استعمال ڪندا هئا.

7. پران ٿروپس (Pranthropus)

[سنواريو]

زمانو: 17 ملين سال اڳ کان 0.9 ملين سال اڳ تائين. جيتوڻيڪ هيءُ نسل اڀو بيهندڙ آهي ۽ انساني خدوخال هئس. ان هوندي به پران ٿروپس انساني ابن ڏاڏن ۾ ارتقائي ڇيڙي جي نمائندگي ڪري ٿو. هو پنهنجي وڏي ڄاڙي ۽ ڏاٺن مان گاهه خور ڏسجي ٿو ۽ ان ريت هن سڌريل آسٽرالوپٿيڪس سان برابري ٿي ڪئي، جيڪو نسل پوءِ شايد جلد ئي فنا ٿي ويو.

8. سڌريل آسٽرالپٿيڪس (Advanced Australopithecus )

[سنواريو]

زمانو: 1.7 ملين سال اڳ کان 0.9 ملين سال اڳ تائين.

اڳئين آسٽرالوپٿيڪس کان مختلف ۽ وڏي کوپڙي وارو سڌريل آسٽرالوپٿيڪس پران ٿروپس جو همعصر هو. ٻنهي وٽ ابتدائي اوزار هئا، پر ٻئي يا ٻنهي مان ڪو هڪ اهي اوزار ٺاهيندو هو؟ اهو اڃا طئه نه ٿيو آهي. قد بت ۾ اهي ٻئي نسل پنجن پنجن فٽن جا هئا.

9. اُڀو ماڻهو (Homo Erectus)

[سنواريو]

زمانو: 0.8 ملين سال اڳ کان 0.4 ملين سال اڳ تائين (پلائسنٽوسين زمانو.

انسان جي پنهنجي نسلي سلسلي جو پهريون ماڻهو، هوموايرڪٽس هڏ ڪاٺ جو جديد پر هٿن ۽ دماغ جي لحاظ کان گهڻو پوئتي هو. ان جي کوپڙي فقط هيٺئين درجي تائين وڌيڪ هئي. هن اوائلي ماڻهوءَ بابت چيو وڃي ٿو ته هو برادريءَ طرف وڌيو هو ۽ باهه جي استعمال کان واقف ٿي چڪو هو.

10. اوائلي باشعور ماڻهو (Early Homosapiens)

[سنواريو]

زمانو: 2.70 لک سال اڳ کان 1.70 لک سال اڳ تائين.

يورپ جا ٽي پنڊ پهڻ ماڻهو Steinheim, Swanschombe ۽ Montmaurin ماڻهوءَ جي جديد نسل جا شايد سڀ کان اوائلي مثال هجن. سندن ڏندن جي بيهڪ ابتدائي آهي، پر کوپڙيءَ جو پويون حصو ۽ چهرو وڌيڪ جديد آهي. دماغ جي گنجائش به جديد

11. مڪمل ماڻهو (Solo Man)

[سنواريو]

زمانو: هڪ لک سال اڳ کان 60 هزار سال اڳ تائين.

جاوا ۾ هوموسيپائينز جو هڪ ختم ٿيل نسل ”مڪمل ماڻهو“ لڌو ويو آهي. ان جون فقط ٻه ٽڻيون ۽ کوپڙيءَ جا ڪجهه ٽڪرا مليا آهن. انهن مان خبر پوي ٿي ته سندس هڏ ڪاٺ ڏسڻ ۾ جديد هو. سندس مٿو وڏو ۽ ٿلهو هو. ان جا ڀرون ڳرا ۽ پيشانيءَ کي لاهِي هئي.

12. رهوڊيشيائي ماڻهو (Rhodesian Man)

[سنواريو]

زمانو: 50 هزار سال اڳ کان 30 هزار سال اڳ تائين.

آفريڪا ۾ رهندڙ هوموسيپائنز جي هڪ ختم ٿيل نسل جا هي ماڻهو هومو ايرڪٽس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جديد پر پهرئين قديم آفريڪي Bushmanlike ماڻهن کان وڌيڪ ابتدائي هئا. ان نسل جا پنڊ پهڻ پٿر ڇلڻ ۽ گهڙڻ جي اوزارن سان گڏ مليا آهن. انهن وٽان هڏين جا به اوزار لڌا آهن.

13. نيندر ٿال ماڻهو (Nenderthal Man)

[سنواريو]

زمانو: هڪ لک سال اڳ کان 40 هزار سال اڳ تائين.

پيليوليٿڪ يا پٿر جي اوائلي دور واري هن نسل جا ماڻهو ڀُوِنچ سمنڊ جي ڀرپاسي ۽ يورپ ۾ پکڙيل هئا. ڪن حالتن ۾ انهن جي کوپڙي جديد ماڻهوءَ کان وڏي هئي. هن نسل سڌريل ڊزائينن وارا ۽ مختلف قسمن جا اوزار ٺاهيا.

14. ڪروميگنان ماڻهو (Cromegnon Man)

[سنواريو]

زمانو: 40 هزار سال اڳ کان 10 هزار سال اڳ تائين.

جديد ماڻهوءَ کان ٿوري ثقافت واري ڪروميگنان ماڻهوءَ دنيا ۾ پنهنجو فن ڇڏيو آهي. ان نسل جي آرٽ ۾ غارن ۾ ٺهيل تصويرون، اُڪريل پٿر ۽ گهڙيل مورتيون آهن. هن يورپ ۾ نيندرٿال جي جاءِ ورتي ۽ آباديءَ جي لڏپلاڻ ذريعي لڳي ٿو ته سڄي دنيا تي قابض ٿي ويو. سنڌ ۾ هي نسل ميسوليٿڪ دور جو ماڻهو ٿي سگهي ٿو.

15. جديد ماڻهو (Modern Man)

[سنواريو]

زمانو: 40 هزار سال اڳ کان اڄ تائين.

جديد ماڻهو جسماني طرح ڪروميگنان کان ڪجهه مختلف آهي. ٻنهي کي جدا ڪندڙ شئي ڪلچر آهي. هن ماڻهوءَ جانور پالڻ ۽ ان پائڻ جا طريقا سکي خانه بدوش زندگي ڇڏي مستقل رهائش سکي ورتي. هي ميسوليٿڪ ۽ نيوليٿڪ دور جو ماڻهو آهي. ماڻهن ۽ بن مانسن جي ابن ڏاڏن جي هن ڊگهي ڪهاڻيءَ ۾ صاف طرح ڏسجي ٿو ته راما پٿيڪس نالي مخلوق کان وٺي هڪ سلسلو شروع ٿيو آهي، جنهن جي وچ جون ڪڙيون گم ٿيل آهن. ان جي باوجود اهو سلسلو نيندر ٿال ۽ ڪرومينگنان کان ٿيندو جديد ماڻهوءَ سان اچي ڳنڍجي ٿو.

انسان جو ڪٽنب

[سنواريو]

اسان ماڻهوءَ جي ارتقائي ڏاڪن تي پڻ نظر وجهي چڪا آهيون. سوال آهي ته هن وقت ڌرتيءَ تي پکڙيل انساني نسلن جي ورڇ ڪيئن آهي؟ ڪجهه ماهر هن وقت انساني ڪٽنب کي گهٽ ۾ گهٽ 12 نسلن ۾ ورهايل سمجهن ٿا. ان ورڇ کي هو جينياتي گروهه بندي (Genetic Grouping) سڏين ٿا. جن کي ٿلهي ليکي جاگرافيائي حوالي سان نالا ڏنا ويا آهن. هيڏن نسلن جي باوجود انهن سڀني کي هڪ ئي جديد انساني (Homo Sapiens) درجي بنديءَ ۾ آندو ويو آهي.

  1. بانتو (Bantu) گروهه آفريڪا جي هيٺئين اڌ ۾ رهي ٿو.
  2. سان (San) نسل آفريڪا جي بنهه ڏکڻ واري حصي ۾ اولهندي ڪنڊ ۾ آهي.
  3. ايفروايشيائي نسل اتر آفريڪا ۽ عربستان اپٻيٽ تي رهي ٿو.
  4. ڪوهه ڪاف (Caucasion) وارو نسل سڄي اپکنڊ ۽ يورپ جي ڳچ حصي تي پکڙيل آهي. ٻين لفظن ۾ هي اُهي علائقا آهن، جن تي جيئن چيو وڃي ٿو ته آرين ڪاهون ڪيون.
  5. آمريڪي نسل سڄي آمريڪي کنڊ ۽ ايشيا جي بنهه اتر واري ان ٽڪري تي رهي ٿو، جنهن کي جديد دنيا الاسڪا ۽ ايشيا کي ڳنڍيندڙ بيرنگ پل سڏي ٿوي
  6. آرڪٽڪ نسل اتر قطب ۽ ان کي ويجهن يورپي علائقن ۾ رهي ٿو.
  7. اتر اوڀر وارو ايشيائي نسل منگوليا ۽ آرڪٽڪ نسل جي وچ ۾ آهي.
  8. چيني ۽ منگول نسل کي هڪ خاني ۾ رکيو وڃي ٿو. اهي هندستان جي اتر ۽ اوڀر پاسي واريون قومون آهن.
  9. ڏکڻ ايشيائي نسل ۾ ويٽنامي، ڪمپوچيائي ۽ ٿائي وغيره آهن، توڻي جو اهي لڳ ڀڳ چيني نسل لڳن ٿا.
  10. پئسفڪ ٻيٽن جا رهاڪو نسل آفريڪا جي وڏي ٻيٽ مڊاگاسڪر کان وٺي هندي وڏي سمنڊ جي سمورن ٻيٽن کان پئسفڪ سمنڊ جي الهندي ٻيٽن تي رهن ٿا، سواءِ ان جي ته آسٽريليا جي اتر ۾ واقع نيوگني ٻيٽ تي رهندڙ نسل جدا بيهڪ ۽ قد ڪاٺ رکن ٿا.
  11. آسٽريليائي نسل فقط آسٽريليا کنڊ تي ئي آهن.
  12. نيوگنين نسل جيڪو آسٽريليا جي اتر ۾ جديد زماني کان ڪٽيل حالتن ۾ رهي ٿو.

جيئن ته انسان اوائلي وقتن کان دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين لڏ پلاڻ ڪئي آهي ۽ نسلي ميلاپ ٿيا آهن، ان ڪري اڄ اهو چوڻ تمام مشڪل آهي ته دنيا ۾ ڪو هڪ اهڙو نسل بچيو هوندو، جيڪو مڪمل طرح ”خالص“ هجي! اهڙي دعويٰ ته شايد نيوگنيءَ جا پاپون لوڪ ۽ ڏکڻ ايشيائي به ڪري نه سگهن، پر ان هوندي به جرمن لوڪ پاڻ کي ”خالص آريا“ سمجهن ٿا. بهرحال، هاڻ بحث جو هڪ رخ اهو آهي ته هاڻوڪي ماڻهوءَ، جنهن جو جنم آفريڪا ۾ ٿيو، هوريان هوريان سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو ۽ اڳوڻي ماڻهوءَ جي جاءِ وٺي ڇڏيائين. بحث جو ٻيو رخ اهو آهي ته هر هنڌ مقامي انسان پنهنجي ليکي جدا جدا ارتقا ڪئي آهي ۽ پوءِ هڪٻئي سان ميل ميلاپ سبب ويجهو ٿيو آهي. انهن ٻنهي بحثن کي ڪجهه هن ريت به ملايو ٿو وڃي ته جديد ماڻهوءَ جي نسلي ارتقا ته آفريڪا ۾ ٿي، پر جڏهن اهو نسل سڄي دنيا ۾ پکڙيو ته ان مقامي ماڻهن سان نسلي ميلاپ ڪيو، جنهن سان هاڻوڪا نسل پڌرا ٿيا آهن.

سائنسي بنيادن تي جڏهن ”نسل“ جي وصف بيان ڪبي ته ائين چئبو ته هڪ اهڙي آبادي جنهن جي جينياتي خاصيت ساڳي هجي، ۽ ٻين کان مختلف هجي، پر هاڻي ايئن ڪونه رهيو آهي. ان بنياد تي ڪجهه سائنسدان ته ايئن به چون ٿا ته دنيا ۾ سڀ انسان هڪ ٻئي کان مختلف آهن. ان ڪري اهو چوڻ ته سڀ انسان برابر آهن، درست نه آهي. اها تشريح سائنسي طور تي ڀلي ته وزن رکندي هجي پر ثقافتي ۽ سچي انساني جذبي جي وڏي توهين آهي ۽ اها ورڇ ڪوڙي نسل پرستي آهي، جنهن کي گوري چمڙيءَ وارن پنهنجي نسلي برتريءَ لاءِ دليل طور استعمال ڪيو آهي.

حياتيات جي اصولن جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته خود انهن دليلن جي نفي ٿيندي نظر اچي ٿي. انسان جي رنگ جي تبديلي جسم جي جيوگهرڙن تي اُس جو اثر آهي، جنهن سبب جسم ۾ ڪي خاص مادا متحرڪ ٿي ماحول موجب چمڙيءَ جي رنگت يا يا ڪم بدلائين ٿا. اهڙيءَ طرح قد ڪاٺ جو فرق به آهي، جنهن جا سڀ تفصيل چڱيءَ طرح سامهون نه آيا آهن.[4][5]

ڌرتيءَ جو سڀني کان بزرگ يا سينيئر ساهوارو انسان ناهي، ٻيا آهن. پٿر جي دؤر جو انسان 10 لک سال اڳ ڌرتيءَ تي موجود هو، پر هو ڄڻ نو وارد هو، ڇو ته کير ڏيندڙ جانور کانئس ڏيڍ ڪروڙ سال اڳ ۽ مڇيون کانئس 20 ڪروڙ سال اڳ ڌرتيءَ تي موجود هيون.

دنيا لازمي طرح ۽ اٽل نموني ترقي ڪري رهي آهي. “ڪين” مان “ڪجهه” بلڪه تمام گهڻو “ڪجهه” پيو ٿئي. اسان ڏسون ٿا ته اربين سال سج جو اٿاهه پاڙو زندگيءَ کان خالي ۽ ويران هو. پوءِ ڌرتي پيدا ٿي. اتي به سوين ڪروڙ سال زندگيءَ جو ڪوبه آثار ڪونه هو. پوءِ نيٺ زندگي پيدا ٿي، پر وڻن ٽڻن جي صورت ۾. جڏهن جانور پيدا ٿيا، تڏهن به ڪروڙين سال ڌرتيءَ جون مالڪ اهڙيون اجگر بلائون هيون، جن کي پنهنجن ٻچن جي سنڀال ۽ پرگهور جي به ساڃاهه ڪانه هئي. ماڻهو پيدا ٿيو ته اهو به پهرين وحشي آدمخور قسم جو هو. انهن ڀيانڪ ۽ وحشي جانورن جهڙن ماڻهن مان ترقي ڪري ماڻهو ماڻهو ٿيو. [6]

انسان جي آفريڪا،ايشيا کان ٿيندو يورپ ۽ اڳيان آمريڪا جي کنڊ تائين سفر جي تاريخ

[سنواريو]

هاڻوڪو انسان اٽڪل ڏيڍ لک سال اڳ آفريڪا مان نڪري هاڻوڪي يمن پھتو، اهو عربستان جو ڏاکڻو علائقو وٺندي، ايران ان کان پوءِ سنڌ پھتا. اتان کان ٽن حصن ۾ ورهائجي، ھڪ اوڀر طرف نڪري ھندستان، کان انڊونيشيا ۽ اٽڪل 40 ھزار سال اڳ آسٽريليا پھتا. ٻيو حصو، پنجاب سرحد کان ٿيندي چين، سائيبيريا، الاسڪا ۽ اٽڪل 25 ھزار سال اڳ هاڻوڪي نارٿ آمريڪا پھتا. ٽيون حصو بلوچستان ايران ترڪي کان ٿيندي يورپ پھتو. ياد رھي ھي انساني سفر ھزارين سالن تائين ھزارين نسلن ڪيو آهي. [7] [8] نئين تاريخي شاھدين جي بنياد تي ڪن تاريخدانن جو خيال آھي ته نارٿ آمريڪا ۾ انسان جي موجود هئڻ جا هڪ لک 30 هزار ورھيه آڳاٽا اھڃاڻ ملن ٿا. [9]