تيرٿ اسٿان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تيرٿ اسٿان __(Religious site):


تيرٿ اسٿان ڪنهنسنت، ساڌو، بزرگ جي نالي منسوب جاءِ يا زيارت گاھ هوندو آهي، ڪيترين حالتن ۾ اهو قدرتي نظارن جو زيارت گاھ بہ هوندو آهي. اهو ڪا ندي، ڪو چشمو به ٿي سگهي ٿو، جتي ياتري اچي اشنان ڪري پاڻ کيپوتر ڪندا آهن.تيرٿ اسٿان ياتريءَ کي زندگيءَ جي سفر ۾ نرواڻ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهيندو آهي. هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم وارن وانگر جين ڌرم وارن جا به تيرٿ ٿين ٿا، ان جي ياترا هندو ڌرم وارن کان ڪي قدر مختلف آهي. جين ڌرم وارن جي تيرٿ ياترين کي ’تيرٿنڪرا‘ چئبو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي