پيءُ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فلوريدا ۾ ھڪ پيء ٻارن سان گڏ
ھڪ ٻار پنھنجي پيءُ سان گڏ

انساني نسل کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ عورت ۽ مرد جو جنسي گاڏڙ لازمي آهي. معاشري ۾ ھن قسم جي گاڏڙ جي قانوني شڪل کي شادي جو نالو ڏنو ويندو آهي، جنھن جي اجازت ۽ ذڪر تقريبن سڀني مذھبن ۾ موجود آهي. ھن ميلاپ جي نتيجي ۾ توليدي عمل مڪمل ٿيندو آهي ۽ ٿيڻ واري ٻار جي لاءِ ھو مرد ۽ عورت، ٻار جا حياتياتي ۽ معاشرتي پيءُ ۽ ماءُ چورائيندا آھن. ماءُ پيءُ جي جوڙي کي والدين بہ چيو ويندو آهي. پيءُ کي عربي ٻوليءَ ۾ اب چوندا آھن، ھي لفظ قرآن مجيد ۾ مختلف اعرابن سان 119 ڀيرا آيو آهي، اب جو جمع آباء آهي ۽ ھي قرآن مجيد ۾ 64 ڀيرا آيو آهي، اب جي حقيقي معنيٰ والد آهي پي مجازي طور تي ان کي بہ اب چيو ويندو آھي جيڪو ڪنھن شيءِ جي ايجاد، ظهور، اصلاح‌ جو سبب بڻجي.

پيء: والد: ابو: فادر ٻار جو والد ھوندو آھي ۽ ان جو سنڀاليندڙ ھوندو آھي ۽ ان جا ٻار سان سماجي ۽ قانوني تعلق پڻ جڙيل ھوندا آھن. ايڊاپشن ۾ ايڊاپٽ ڪندڙ پيء جو ٻار سان تعلق قانوني ھوندو آھي. بائيلاجيڪل پيء وري ان پيء کي چوندا آھن جيڪو ڪنھن ٻار جي پيدائش ۾ پنھنجو مني جو جزو يا اسپرم رضاڪارانہ طور تي جنسي تعلق يا ڊونيشن طور ڏيندو آهي. ويڳو پيء ٻار جي ماءُ جو مڙس ھوندو آھي پر ٻارعورت جي پھرين مڙسن مان ھوندو آھي تنھن ڪري قانوني لحاظ کان اھو ٻار ويڳي پيءُ جي ذميداري ناھي ھوندو.

جوزيفس لورينٽئس ڊڪمنس جي پينٽنگ ۾ والد جو مشوري جو انداز ڏيکاريل

ملازم پيء کي پيرنٽل ليو جو حق[سنواريو]

ملازمن کي پيرنٽل ليو يا والدين واري موڪل جو حق ڪافي ملڪن ۾ مليل آھي جنھن تحت نئين ٻار ڄمڻ تي ملازم پيء کي ٻار جي سنڀال لاء موڪل ڏني ويندي آهي.[1]سويڊن ۾ ان قسم جي پگھار سميت موڪل جو حق 1976 ۾ ڏنو ويو ۽ ھن وقت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملازم والد کي اھو حق مليل آھي.[2]

تاريخ[سنواريو]

رگ ويد واري زماني ۾ گڏيل ڪٽنب جو رواج عام هوندو هو (صفحو 98)، جنهنڪري هرڪو پيءُ يا ڪٽنب جو پريو مڙس گهر جو وڏو هوندو هو، ۽ گهر جي سڀني ڀاتين جي مٿان کيس ڪُلي اختياري هوندي هئي. ”پتا“ (پيءُ) لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”سنڀاليندڙ“، اِهو لفظ خود ڄاڻائي ٿو ته گهر سنڀالڻ ۽ گهر جي ڀاتين جي سار سنڀال لهڻ جو بوجو پيءُ تي هوندو هو. چوڻ به آهي ته ”باري کڻن بار، ڪونهي ڪم ڪچن جو“. گهر گهر ۾ اهي وڏڙا مائٽ هوندا هئا، جي سڄي گهر جو بوجو پاڻ تي کڻي ويٺا هوندا هئا، ۽ آڌيءَ کٽيءَ کي پاڻيهي پيا منُهن ڏيندا هئا، جنهنڪري ننڍڙا سڀ ڳڻتيءَ کان ڇٽا پيا هوندا هئا. گهر جو پروهت به پيءُ هوندو هو. ڏهاڙي يگيه جي اگني دکائڻ، اگنيءَ ۾ ڇاهوتي وجهڻ، ويدن جا منتر اُچارڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم جي هينئر براهمڻ ڪن ٿا، سي سڀ گهر جو وڏو ڪندو هو. اُن وقت به براهمڻ هئا، جي اڪثر برهم وديا جا ڄائو هئا، تنهنڪري براهمڻ سڏبا هئا. اهي راجائن جي ڪُلَ جا پروهت هوندا هئا. ٻين گهر ٻارين کي به ڪا پوڄا ڪرائڻي هوندي هئي يا ڪو وڏو يگيه ڪرڻو هوندو هو، ته ڪنهن رشيءَ يا براهمڻ کي گهرائيندا هئا، نه ته رواجي روز مره جي پوڄا پاڻيهي ڪندا هئا.[3]


سانچو:انساني جنسيات ڪچو

حوالا[سنواريو]

  1. What is paternity leave?
  2. Mapped: Paid paternity leave across the EU...which countries are the most generous? Published by The Telegraph, 18 April 2016
  3. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)