اندر ديوتا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اندر ديوتا
 

معلومات شخصيت
ٻار ارجن  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو child (P40) وڪي ڊيٽا تي

ويدڪ ڌرم ۽ هندومت مطابق ديوتائن جو راجا، آسمانن جو حاڪم. ڪڪرن، کنوڻ ۽ گوڙ تي هن جو اختيار آهي. هيءُ مينهن وسائي ٿو. طوفان به سندس وس آهن. مندون سندس حڪم سان بدلجن ٿيون. هيءُ سرڳ (بهشت) جو به حاڪم آهي ۽ اتي جون سڀ پريون ۽ اپسرائون سندس هٿ وس آهن. اندر جي زال جو نالو ”اندراني“ آهي، جنهن جي پيٽ مان سندس پٽ ”جينت“ ۽ ڌيءُ ”جينتي“ پيدا ٿيا. هڪ روايت موجب ”اندر“ کي زمين آسمان جي وچ ۾ رهندڙ ديون پرين جو بادشاهه مڃيو وڃي ٿو، جيڪو عام طرح لوڪ ڪهاڻين ۾ ايندو آهي.[1]

هندو ماڻهو برسات جي ديوتا کي اندر سڏيندا آهن. اندر ديوتا جي پوڄا ٿيڻ کان اڳ، آڳاٽا آريا لوڪ ترت (Trita) يا ترئتن (Traitana) کي برسات جي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. زنداوستا ۾ ترئتن جو اچار ٿرئيتون (Tharaetona) آهي، جنهن جو اچار وڌيڪ بگڙجي فريدون ٿيو آهي. مثلاً فريدون بيگ. رگ ويد ۾ چيل آهي ته ورتر (Vritra) نالي هڪ دئت برسات کي پئي روڪيو، ته هن برسات جي ديوتا کيس ماري مينهن وسايا هئا، جنهن ڪري مٿس ورتر گهن يعني ورتر دئت کي ماريندڙ“ نالو پيو. انهيءَ ورتر گهن جو اُچار زنداوستا ۾ ورٿريگهن (Vertheghana) آهي. جيئن هندن جي پراڻن ۾ لکيل آهي ته وشنو ڀڳوان ڏهه اوتار ڌاريا هئا، تيئن زنداوستا ۾ ورٿريگهن بابت چيل آهي ته هن ڏهه اوتار ڌاريا هئا. انهن ڏهن اوتارن مان ڪلڪي، وراهه، وامن ۽ رام اوتار جهڙا هندن جي ڌرمي پستڪن ۾ تهڙا پارسين جي زنداوستا ۾ آهن.[2][3][4]

حوالا[سنواريو]

  1. اِندر : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. يشٽ 14
  3. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-07 
  4. ڪتاب: قديم سنڌ، ليکڪ؛ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي