ڌرم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڌرم
يوگا جي مشق[1]
اھنسا جا فائدا [2]
قانون ۽ انصاف [3]
سنياس ۽ آشرم [4]
ڌرمي استادن کان سکيا وٺڻ [5]
ڌرم جا کوڙ مطلب جن مان ڪجھ مٿي ڏيکاريل.

ڌرم جي ڪابہ ھڪڙي معني ناھي ھندو ازم، سک ازم، ٻڌازم ۽ جين ازم ۾ ھن لفظ جون مختلف معنائون آهن [6] ڌرم لفظ جو ويسٽرن ٻولين ۾ ڪنھن ھڪڙي لفظ سان ترجمو ممڪن ناهي .

ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته هندن توڙي ٻين قومن کي ڌرم جو خيال موت بابت ويچار ڪندي آيو، جيڪو ڄمي ٿو، سو اوس مري ٿو. دنيا ۾ رهي ماڻهو پاڻ پتوڙي، ڌن مال ڪٺا ڪري ٿو، پر آخر سڀ اتي ئي ڇڏي ٿو. مٽن مائٽن مان ڪوبه سنگتي ساٿي ڪونه ٿو ٿئي. مرڻ کانپوءِ ماڻهو اڪيلو ئي اڪيلو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟ اهڙن خيالن ماڻهن ۾ قيامت ۽ پرلوڪ جا خيال پيدا ڪيا. وقتي مئل مائٽ سُپني ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ انهن کي دکي يا سکي ڏسجي ٿو. اهڙين ڳالهين پوءِ جي دک سک جا خيال جاڳايا. ائين ڌرم جي خيال جو بنياد پيدا ٿيو، ۽ پوءِ هرهڪ قوم پنهنجي پنهنجي نموني ڌرم تي هلڻ جون واٽون ٺهرايون[7]

ويدڪ ڌرم[سنواريو]

ويدڪ ڌرم بابت جيڪي مٿيون حقيقتون رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهن، تن تي ويچار ڪرڻ سان سڀاويڪ طرح هيءُ سوال اُٿي ٿو ته ويدڪ ڌرم جو لڇڻ (Character) ڪهڙو آهي؟ ان کي ڪهڙي دفعي ۾ ليکڻ گهرجي؟ رگ ويد ۾ جملي 1028 سُوڪت آهن. جيڪو به سوُڪت پڙهجي ٿو، تنهن ۾ هڪ نه ئي ديوتا جي اُستتي آهي. ائين گهڻن ئي ديوتائن جا نالا ڄاڻايل آهن، ۽ انهن جي پوڄا جو به ذڪر اهي، تنهنڪري هرڪو جيڪر ائين چوي، ته آڳاٽن آرين جو ڌرم ”ٻهون ديو مت“ (Polytheism) هو. انهن ساڳين ديوتائن جي شڪل شبيهه وغيره جو ائين ورنن ڪيو اٿن جو ڄڻ ته انهن ديوتائن جي صورت وغيره ماڻهن جهڙي هئي، تنهنڪري اهو ”منک روپ ديومت“ (Anthropomorphism) به چئبو. رگ ويد ۾ پِترن جي پوڄا جو ذڪر به آهي، تنهنڪري چئبو ته ”هرهڪ ماڻهوءَ جي روحاني هستي علحدي ليکڻ جومت“ (Animism) به وتن عام هو. ساڳئي وقت رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ ائين به ڄاڻايل آهي ته ڌڻي سڀ شيءِ (جاندار توڙي بي جان) ۾ محيط يا وياپڪ آهي. ”سمنڊ جنهن جا لڪ (Loins) آهن، سو پاڻيءَ جي ڦڙي ۾ به سمايل آهي“ – اهڙا جملا چٽيءَ ريت ظهار ڪن ٿا ته ”ويدانت مت“ (Pantheism) تن ڏينهن ۾ ئي ڦهليل هو. هيئن به چيل آي ته ”ڌڻي هڪڙو ئي آهي، ۽ مٿس نالا گهڻا رکيل آهن، ۽ جيڪي سياڻا آهن، سي جدا جدا ديوتائن ۾ هڪڙو ئي ڌڻي پرجهن پروڙين ٿا“. هيءُ چٽو اشارو ”ايڪ ايشور واڌ“ (Monotheism) جو آهي. اهڙيءَ طرح باريڪ ريت جاچڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي گهڻن متن جو ٻج ڇٽيل هو. ساڳئي وقت هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته رگ ويد جا منڊل جدا جدا زمانن جا جڙيل آهن، پر رگ ويد واري آڳاٽن، وچولي توڙي پوئين زماني ۾ نڪي هيون مڙهيون نڪي مندر، نڪي ٺاڪر دوارا يا شوالا نڪي ٽڪاڻا. جهوني ۾ جهونا منڊل ائين ئي ڄاڻائين ٿا ته هي قدرت جو ڪارخانو آڳاٽن آرين جو مندر هو، ۽ آڪاس، پرٿوي، سج، پون (هوا)، ۽ ٻيا عناصر جي آد کان هليا اچن، سي سندن ٺاڪر هئا. ٻين لفظن ۾ چئبو ته سندن اوائلي ڌرم هو ”پرڪرتي پوڄا“ يعني الاهي طاقتن جي پوڄا (Nature Worship or Naturalism) انهن جدا جدا طاقتن کي پوءِ ديوتائون ڪري ليکيائون ته سندن ڌرم ”ٻهون ديومت“ (Polythesim) پيو ڀاسي. انهيءَ ڪثرت منجهان ئي وحدت لوچي لڌائون، تنهنڪري اهو ”ايڪ ايشور واد“ (Monotheism) چئجي ٿو. انهيءَ هڪڙي ڌڻيءَ جي ڌيان ڌاريندي کين هرهڪ گل مان سندس ئي واس آيو، ۽ سڀ ۾ اهو هڪڙو پسڻ لڳا. جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن صاحب سامهون“. حاصل مطلب قدرت منجهان ئي قادر سان ملڻ جي واٽ ملي ٿي، ۽ اهو ئي آڳاٽن آرين جو اوائلي ڌرم هو. ٺاڪرن جي مورتي: پروفيسر مئڪس ملر رگ ويد جو اڀياس ڪري ڄاڻايو آهي ته ويدڪ ڌرم ۾ ٺاڪرن جي مورتن يا پتلن پوڄڻ جي ڳالهه ناهي ئي ڪانه. ٻين به ڪيترن يوروپي توڙي ڏيهي عالمن جو چوڻ آهي ته ويدن واري زماني ۾ بت پرستي هئي ڪانه. انهيءَ هوندي به رگ ويد منجهان ڪيترن عالمن کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ٺاڪرن جي مورتن يا پتلن ٺاهڻ جو رواج رگ ويد واري ڪنهن عرصي ۾ ئي جاري ٿيو هو. منڊل چوٿين ۾ هڪ رشي چوي ٿو ته ”ڏهه گايون ڏيئي، منهنجو هيءُ اِندر ڪو وٺندو؟ جڏهن اِندر ديوتا سندس دشمن دفع ڪري، تڏهن منهنجو اِندر مون[7] کي موٽائي ڏي!“.[8]

معني[سنواريو]

”ڌرم“ لفظ جي معنيٰ: ”ڌرم“ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”ڌر“ معنيٰ ڌارن ڪرڻ يا جهلڻ. ڌرم هڪ جهلو يا ٽيڪ آهي، جنهن جي آڌار تي هيءُ سارو سنسار هلي ٿو. رگ ويد ۾ ”ڌرم“ لفظ جي معنيٰ آهي ”قائدو“. جيئن راجا جي ٺهرايل قاعدي پٽاندر حڪومت جو چرخو هلي ٿو، تيئن ايشور جي اِڇا موجب سنسار جو ٻيڙو ڌرم تي هلي ٿو، جيڪي ست آهي، سو ڌرم آهي. جيڪا نيتي آهي، سا ڌرم آهي. ائين ڌرم لفظ کي نهايت ڪشادي معنيٰ ملي آهي. انسان جا جيڪي به فرض آهن، سي سڀ ڌرم ۾ اچي وڃن ٿا. دان پڃ ڪرڻ ۽ ٻيا نيڪ اخلاق توڙي اهي ڪم جي آتما کي سنتوش ڏيندڙ آهن، سي سڀ ڌرم جي ڌاڳي ۾ پوتل آهن. انهيءَ ريت ڌرم جو نالو هن لوڪ توڙي پر لوڪ سان آهي. جيڪو ڌرم سنسار جي ڳالهين سان سٻنڌ رکي ٿو، سو ”پرورتي ڌرم“ سڏجي ٿو، ۽ جو موڪش (مڪتي يا نجات) سان لاڳاپو رکي ٿو، سو ”نِورتي ڌرم“ ڪوٺجي ٿو. ڌرم جي انهن ٻنهي پرڪارن جو وستار ويدن جي براهمڻن، اُپنشدن ۽ ٻي ڌرمي شاسترن ۾ آهي. سڀني شاسترن جو مول ويد آهن، تنهنڪري هندو ڌرم عام طرح ”ويدڪ ڌرم“ سڏجي ٿو. ويد انادي آهن يعني انهن جي آد يا شروعات آهي ئي ڪانه. انهيءَ سبب هندو ڌرم ”سنائن ڌرم“ سڏبو آهي. سنائن معنيٰ ”آڳاٽو، اوائلي، دائمي يا هميشگي وارو“ تنهنڪري ”ناتن ڌرم“ معنيٰ اهو آڳاٽو ڌرم جو آد کان هليو اچي ۽ نت آهي (Existing in all eternity).[9]

حوالا[سنواريو]

  1. see:
    • David Frawley (2009), Yoga and Ayurveda: Self-Healing and Self-Realization, ISBN 978-0-9149-5581-8; Quote – "Yoga is a dharmic approach to the spiritual life...";
    • Mark Harvey (1986), The Secular as Sacred?, Modern Asian Studies, 20(2), pp. 321–331.
  2. see below:
    • J. A. B. van Buitenen (1957), "Dharma and Moksa", Philosophy East and West, 7(1/2), pp. 33-40;
    • James Fitzgerald (2004), "Dharma and its Translation in the Mahābhārata", Journal of Indian philosophy, 32(5), pp. 671-685; Quote – "virtues enter the general topic of dharma as 'common, or general, dharma', ..."
  3. Bernard S. Jackson (1975), "From dharma to law", The American Journal of Comparative Law, Vol. 23, No. 3 (Summer, 1975), pp. 490–512.
  4. [[ Coward]] (2004), "Hindu bioethics for the twenty-first century", JAMA: The Journal of the American Medical Association, 291(22), pp. 2759-2760; Quote – "Hindu stages of life approach (ashrama dharma)..."
  5. see:
    • Austin Creel (1975), "The Reexamination of Dharma in Hindu Ethics", Philosophy East and West, 25(2), pp. 161–173; Quote – "Dharma pointed to duty, and specified duties..";
    • Gisela Trommsdorff (2012), Development of "agentic" regulation in cultural context: the role of self and world views, Child Development Perspectives, 6(1), pp. 19-26.; Quote – "Neglect of one's duties (dharma – sacred duties toward oneself, the family, the community, and humanity) is seen as an indicator of immaturity."
  6. "Dharma". Encyclopædia Britannica. حاصل ڪيل 2016-08-18. 
  7. 7.0 7.1 {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1.  Missing or empty |title= (مدد)
  8. { Prof. Max Muller: Chips from a German Workshop, 1-38}
  9. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1}سانچو:Macdonell and keith: Vedic Index, I, 390.}