هزار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هزار يا 1000 (اُچار: هَزارُ، اردو: ہزار، انگريزي: Thousand) هڪ انگ آهي جيڪو ڏهه سؤ جي برابر آهي. هڪ سؤ هزار برابر آهي هڪ لک جي، ۽ هڪ هزار هزار برابر آهي هڪ مِلين جي.

هڪ هزار = 1,000 يا 10,00

هڪ هزار سالن کي مِلينيم چوندا آهن.

هزار اصل ۾ فارسيءَ جو لفظ آهي جيڪو اردو، هندي ۽ ٻين هندوستاني ٻولين ۾ به ڪتب ايندو آهي. عربيءَ ۾ هزار کي الف چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ ٿاؤزنڊ.