سائينداد سولنگي
سائينداد سولنگي Saindad Solangi | |
---|---|
پيدائش | ڊسمبر 13 1920 جوهي، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
وفات | 12 فيبروري 2006 (عمر 85 سال) حيدرآباد |
ڌنڌو | ڪهاڻيڪار، انجنيئر |
ٻولي | سنڌي |
قوميت | پاڪستاني |
تعليم | ايم اِي انجنيئرنگ |
مادرِ علمي | مهراڻ يونيورسٽي |
صنف | ڪھاڻي |
سائنداد سولنگي (انگريزي:Saindad Solangi) (پيدائش: 13 ڊسمبر 1920ع – وفات: 12 فيبروري 2006ع) سنڌي ٻولي جو بهترين ڪهاڻيڪار هو.
زندگي جو احوال
[سنواريو]سائينداد سولنگي 13 ڊسمبر 1920ع ۾ جوهي تعلقيءَ، دادو ضلعي سنڌ جي ڳوٺ سيد مير محمد شاھ بخاري ۾ پيدا ٿيو. پرائيمري تعليم ڀر واري ڳوٺ پير علي شاھ جي پرائيمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. هن سول انجينيئرنگ جي تعليم حاصل ڪري سول انجينيئر جي عهدي تي فائز ٿيو، 1980ع ۾ عهدي تان رٽائر ٿيو. بعد ۾ مختلف نجي ڪمپنين ۾ پڻ نوڪري ڪيائين. هن 1940ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس ڪهاڻيونبرطانوي هندستان جي ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپبيون هيون.منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب سنڌي نثر جي تاريخ ۾ سائينداد سولنگيءَ جي ڪهاڻي “انڌي ۽ جنڊ” جو شمار بهترين ڪهاڻين ۾ ڪيو آهي.[1] سندس ڇپيل ڪتاب ۽ ڪهاڻيون نه سنڀالجڻ سبب ناياب ٿي ويون آهن.[2]
وفات
[سنواريو]هيءُ منفرد ڪهاڻيڪار 12 فيبروري 2006ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-07-20.
- ↑ 2.0 2.1 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-05-08.