مواد ڏانھن هلو

ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي
Bheru Mal Maharchand Adwani
پيدائش ڀيرومل
1875
حيدرآباد، بمبئي پريزيڊنسي، برٽش انڊيا
وفات پوني، مھاراشٽرا، ڀارت
قوميت سنڌي
شھريت برٽش انڊين (سنڌ) ۽ ڀارتي
مادر علمي يونين اڪيڊمي
پيشو ايڪسائيز انسپيڪٽر
شھرت جو ڪارڻ مؤرخ، عالم، مضمون نگار ، ناٽڪ نويس ۽ ليکڪ
مشھور ڪم *قديم سنڌ
  • سنڌ جو سيلاني
  • لطيفي سير
  • سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ
  • سنڌ جي ھندن جي تاريخ (2 جلد)
  • موهن جو دڙو
  • تير اندازيءَ جي تاريخ
  • غريب اللغات
اباڻو ڳوٺ حيدرآباد
مذھب ھندو
رشتيدار *مھرچند (پيء)
  • وشني آڏواڻي (ڀيڻ)
  • نند ڀيرومل (پٽ)


ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي (انگريزي:Bheru Mal Mahar Chand Adwani) (1875ع–1950ع) سنڌي ادب جو گهڻ رخو ليکڪ، عالم ۽ مورخ هو، جيڪو پنهنجي وسيع ۽ متنوع تصنيفي ڪم سبب وڏي شهرت رکي ٿو. هن تاريخ، لسانيات، سفرنامي ۽ ثقافتي مطالعي سميت ڪيترين صنفن ۾ لکيو ۽ جديد سنڌي نثر کي مضبوط بنياد فراهم ڪيو[1]. سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب عالم، فاضل، نالي وارو تاريخدان، ناول نگار، ناٽڪ نگار هو.[2] سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

ڀيرو مل 1875ع ڌاري برطانوي هندستان ۾ سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ آڏواڻي خاندان ۾ ديوان مهرچند آئل مل جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ثانوي تعليم حيدرآباد سنڌ جي مشهور اسڪول يونين اڪيڊميءَ ۾ ورتي، جتي هن ساڌو هيرانند شوقي رام آڏواڻي ۽ تاراچند آڏواڻيءَ کان ٻي تعليم وٺڻ سان گڏ شاهه جو ڪلام به پڙهيو. هن 20 سالن جي عمر ۾ سالٽ (لوڻ) ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ 25 رپين تي سرڪاري نوڪريءَ سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي.[3]مولانا گرامي مطابق 1896 ۾ ايڪسائيز کاتي ۾ ملازمت حاصل ڪيائين ۽ انسپيڪٽر جي عھدي تان رٽائر ٿيو.[4]

لکڻيون ۽ خدمتون

[سنواريو]

ڀيرو مل کي ساڌو هيرانند لاءِ ڏاڍي عزت هئي، جنهن جي مضمونن ۽ تاثرن جو ڪتاب ”هيري جُون ڪڻِيُون“ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيائين، جنهن ۾ هن هر مضمون کي هيري جي ڪڻيءَ سان ڀيٽي، ساڌو هيرانند کي سچو هيرو سڏيو آهي. ان کان سواءِ ننڍي عمر ۾ جنهن شخص ڀيرومل کي متاثر ڪيو، اهو ماستر مولچند ڇتواڻي هو، جنهن منجهس راڳ، شاعريءَ ۽ ڪتابن لکڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي هڪ طرف کيس مٽي مائٽيءَ جي ڪري ويجها هئا ۽ ٻئي طرف ساڻن سندس ادبي دوستيءَ وارا لاڳاپا هئا. ڀيرو مل ايڪسائيز کاتي ۾ 28 سال نوڪري ڪئي، جنهن جو ڳچ حصو ماڙي پور لوڻ کاڻ (ڪراچي) ۾ گذاريائين، جتي سمنڊ ۽ خشڪيءَ رستي وڃي سگهبو هو. 1902ع ۾ سمنڊ ۾ اُٿل اچڻ سبب لوڻ کاڻ ٻڏي وئي. ان وقت ڪيترائي ڏينهن ڀيرومل کي جهنگ جي مريڙي تي گذران ڪرڻو پيو. نوڪر به ڪو نه هو، رستا به ٻڏل هئا. اهڙين ڏکين حالتن ۾ هڪ غزل لکيائين. هن کاتي ۾ ڪلارڪ مان ترقي ڪري انسپيڪٽر ٿيو. ان دوران هو سنڌ جي جدا جدا هنڌن بوبڪ، ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ۾ رهيو ۽ ذري گهٽ سڄي سنڌ جو سير سفر به ڪيائين.[3]

1924ع تائين سنڌ ۾ سنڌي رڳو مئٽرڪ تائين پڙهي ويندي هئي، ساڳئي سال بي. اي امتحان جي ڪورس ۾ سنڌي آزمائشي طور شروع ڪئي وئي هئي ۽ حيدرآباد واري ڪاليج ۾ بي. اي ڪرائي ويندي هئي. سنڌيءَ ۾ تعليم جو سڄو دارومدار ڪراچيءَ واري ڪاليج ۾ هو. 1924ع واري پهرين ٽرم ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو، جيڪو ايم. اي پاس ڪري آيو هو. سو هڪ سئو رپين پگهار تي سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، پر سُتت هو صاحب ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ لاءِ انگلينڊ هليو ويو ۽ ان پوسٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڀيرومل کي آڇ ڪئي وئي.[5]. هن جي من جو لاڙو اڳئي علمي ادبي ميدان طرف هو. ليڪچرار واري نئين نوڪريءَ واري پگهار جيتوڻيڪ ان وقت ايڪسائيز کاتي ۾ کيس ملندڙ پگهار کان گهٽ هئي، پوءِ به هن اها آڇ قبول ڪئي. نومبر 1924ع کان ڪراچيءَ جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. پاڻ لکي ٿو ته ”هڪ سئو رپيا ماهوار پينشن وٺي ايڪسائيز کاتو ڇڏي آيس، جو هيءُ ڪم منهنجي دل وٽان هو. بي. اي جي شاگردن ۾ سنڌيءَ لاءِ چاهه وڌايم ته پوءِ ڪاليج جي سڀني ڪلاسن ۾ سنڌي پيئي ۽ پنهنجي پورهئي کي سجايو سمجهيم“. هن سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي تاريخ، موهن جي دڙي، سنڌي هندن جي تاريخ سان گڏ ناٽڪ، ناول، ٻاراڻو ادب، خاص ڪري ٻاراڻي شاعري وغيره تي پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيائين. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي چئن ٿنڀن مان هڪ آهي، جن ۾ پرمانند ميوا رام، ڄيٺمل پرسرام ۽ مرزا قليچ بيگ اچي وڃن ٿا. ڀيرومل سنڌي گرامر جي اصولن ۽ قاعدن تي ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ (1925ع)، پهاڪن ۽ اصلاحن تي ”گلقند“ (1928ع)، (ٻه ڀاڱا) ڪتاب لکڻ کان سواءِ شاهه لطيف جي ٽن سُرن تي ”غريب اللغات (1907ع)“ نالي لغت تيار ڪئي. هن 1910ع ۾ سماجي ريتن رسمن ۽ هندو مسلم نفرت ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ناول ”آنند سندريڪا“ لکيو (ع1910ع)“ ان کان سواءِ ”موهني ٻائي (1917ع)“ ۽ ”وريل ۽ نعمت (1915ع)“ سندس مشهور ناول آهن. هن ويدن، مهاڀارت ۽ ٻين ڪتابن کي ڀيٽي تاريخي ڪتاب ”قديم سنڌ“ لکيو، جيڪو 1957ع ۾ ڇپيو. سندس ڪتاب”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ اهم آهي، جيڪو 1931ع ۾ ڇپيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ هن وقت تائين ان جا ڪيترا ڇاپا شايع ڪيا آهن. هن جي ٻين اهم ڪتابن ۾ ”سنڌ جو سيلاني (1923ع)“، ”لطيفي سير“، ”سنڌ ۽ سنڌيت“، ”سوڍن جي صاحبي“، ”سنڌي هندن جي تاريخ“ (ٻه ڀاڱا)، ”موهن جو دڙو (1933ع)“ ، ”آزادي جي ڪوڏي“، ”چونڊ نثر ۽ نظم“، ”بهار نثر“، ”دُرو ڀڳت“، ”تير اندازيءَ جي تاريخ“ ۽ ٻيا شامل آهن. ڀيرومل ٻارن جي تعليم ۽ وندر لاءِ ڪيترائي نظم ۽ گيت نه رڳو طبعزاد لکيا، پر انگريزيءَ مان به ترجمو ڪري ڇپايا. اهڙا ڪُل 16 شعر ”نوبهار“ نالي ڪتاب ۾ ڇپيل آهن، جنهن ۾ هن مرزا قليچ ۽ فرمان عليءَ جا ٻه ٻاراڻا گيت به شامل ڪيا آهن. ان کان سواءِ هن ”گولن جا گوندر“ ۽ ”حرص جو شڪار“ شيڪسپيئر جي ٻن ناولن جا سنڌي ترجما ڪري ڇپايا. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”گلزار نظم“ (1909ع) ۽ ”چونڊ ڪلام“ (1923ع) پڻ ڇپيل آهن.[3][6]

ادبي ورثو ۽ اسلوب

[سنواريو]

ڀيرومل آڏواڻي بابت چيو ويندو هو ته “نوٽ جيترو ننڍو، ليکڪ اوترو وڏو ۽ وڌيڪ سڃاتل.” هي قول سندس مختصر پر جامع ۽ معتبر اسلوب تي پورو لهي ٿو. چاليهن کان وڌيڪ ڪتابن جي تصنيف باوجود، سندس لکڻيءَ جي خوبي اها آهي ته هو ٿورڙن لفظن ۾ گهري معنيٰ ۽ تاريخي وزن پيدا ڪندو هو.ھي جديد سنڌي نثر، تاريخ نويسي، لساني تحقيق ۽ ثقافتي دستاويزن جي تشڪيل ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. سندس ڪم اڄ به سنڌ جي تاريخي ۽ ادبي مطالعي لاءِ هڪ معتبر ماخذ سمجهيو وڃي ٿو، ۽ هو سنڌي علمي روايت جي اهم ستونن مان شمار ڪيو وڃي ٿو.

لڏپلاڻ ۽ لاڏاڻو

[سنواريو]

سنڌ جو هي بي بها عالم ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان لڏي وڃي پوني (ڀارت) ۾ رهيو، جتي 7 جولاءِ 1950ع ۾ وفات ڪيائين.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:6
  2. "آڏواڻي ڀيرو مل مهرچند : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 15 نومبر 2021۔
  3. 1 2 3 4 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  4. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  5. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  6. Sindhipeoples (09 مارچ 2011), "سنڌي شخصيتون: ڀيرو مل مهرچند - شوڪت حسين شورو", سنڌي شخصيتون, حاصل ڪيل 16 سيپٽمبر 2020۔