مواد ڏانھن هلو

ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي
Bheru Mal Maharchand Adwani
پيدائش 1875ع
حيدرآباد، سنڌ، برطانوي هندستان
وفات 1953ع (عمر 78)
ڀارت
پيشو مورخ، لسانيات،مضمون نگاري،ناٽڪ نويس
سَرگَرمُ سالَ 1875–1953

ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي (انگريزي:Bheru Mal Mahar Chand Adwani) سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب عالم، فاضل، نالي وارو تاريخدان، ناول نگار، ناٽڪ نگار هو.[1] سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

ڀيرو مل 1875ع ڌاري برطانوي هندستان ۾ سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ آڏواڻي خاندان ۾ ديوان مهرچند آئل مل جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ثانوي تعليم حيدرآباد سنڌ جي مشهور اسڪول يونين اڪيڊميءَ ۾ ورتي، جتي هن ساڌو هيرانند شوقي رام آڏواڻي ۽ تاراچند آڏواڻيءَ کان ٻي تعليم وٺڻ سان گڏ شاهه جو ڪلام به پڙهيو. هن 20 سالن جي عمر ۾ سالٽ (لوڻ) ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ 25 رپين تي سرڪاري نوڪريءَ سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي.[2]مولانا گرامي مطابق 1896 ۾ ايڪسائيز کاتي ۾ ملازمت حاصل ڪيائين ۽ انسپيڪٽر جي عھدي تان رٽائر ٿيو.[3]

لکڻيون ۽ خدمتون

[سنواريو]

ڀيرو مل کي ساڌو هيرانند لاءِ ڏاڍي عزت هئي، جنهن جي مضمونن ۽ تاثرن جو ڪتاب ”هيري جُون ڪڻِيُون“ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيائين، جنهن ۾ هن هر مضمون کي هيري جي ڪڻيءَ سان ڀيٽي، ساڌو هيرانند کي سچو هيرو سڏيو آهي. ان کان سواءِ ننڍي عمر ۾ جنهن شخص ڀيرومل کي متاثر ڪيو، اهو ماستر مولچند ڇتواڻي هو، جنهن منجهس راڳ، شاعريءَ ۽ ڪتابن لکڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي هڪ طرف کيس مٽي مائٽيءَ جي ڪري ويجها هئا ۽ ٻئي طرف ساڻن سندس ادبي دوستيءَ وارا لاڳاپا هئا. ڀيرو مل ايڪسائيز کاتي ۾ 28 سال نوڪري ڪئي، جنهن جو ڳچ حصو ماڙي پور لوڻ کاڻ (ڪراچي) ۾ گذاريائين، جتي سمنڊ ۽ خشڪيءَ رستي وڃي سگهبو هو. 1902ع ۾ سمنڊ ۾ اُٿل اچڻ سبب لوڻ کاڻ ٻڏي وئي. ان وقت ڪيترائي ڏينهن ڀيرومل کي جهنگ جي مريڙي تي گذران ڪرڻو پيو. نوڪر به ڪو نه هو، رستا به ٻڏل هئا. اهڙين ڏکين حالتن ۾ هڪ غزل لکيائين. هن کاتي ۾ ڪلارڪ مان ترقي ڪري انسپيڪٽر ٿيو. ان دوران هو سنڌ جي جدا جدا هنڌن بوبڪ، ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ۾ رهيو ۽ ذري گهٽ سڄي سنڌ جو سير سفر به ڪيائين.[2]

1924ع تائين سنڌ ۾ سنڌي رڳو مئٽرڪ تائين پڙهي ويندي هئي، ساڳئي سال بي. اي امتحان جي ڪورس ۾ سنڌي آزمائشي طور شروع ڪئي وئي هئي ۽ حيدرآباد واري ڪاليج ۾ بي. اي ڪرائي ويندي هئي. سنڌيءَ ۾ تعليم جو سڄو دارومدار ڪراچيءَ واري ڪاليج ۾ هو. 1924ع واري پهرين ٽرم ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو، جيڪو ايم. اي پاس ڪري آيو هو. سو هڪ سئو رپين پگهار تي سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، پر سُتت هو صاحب ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ لاءِ انگلينڊ هليو ويو ۽ ان پوسٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڀيرومل کي آڇ ڪئي وئي.[4]. هن جي من جو لاڙو اڳئي علمي ادبي ميدان طرف هو. ليڪچرار واري نئين نوڪريءَ واري پگهار جيتوڻيڪ ان وقت ايڪسائيز کاتي ۾ کيس ملندڙ پگهار کان گهٽ هئي، پوءِ به هن اها آڇ قبول ڪئي. نومبر 1924ع کان ڪراچيءَ جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. پاڻ لکي ٿو ته ”هڪ سئو رپيا ماهوار پينشن وٺي ايڪسائيز کاتو ڇڏي آيس، جو هيءُ ڪم منهنجي دل وٽان هو. بي. اي جي شاگردن ۾ سنڌيءَ لاءِ چاهه وڌايم ته پوءِ ڪاليج جي سڀني ڪلاسن ۾ سنڌي پيئي ۽ پنهنجي پورهئي کي سجايو سمجهيم“. هن سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي تاريخ، موهن جي دڙي، سنڌي هندن جي تاريخ سان گڏ ناٽڪ، ناول، ٻاراڻو ادب، خاص ڪري ٻاراڻي شاعري وغيره تي پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيائين. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي چئن ٿنڀن مان هڪ آهي، جن ۾ پرمانند ميوا رام، ڄيٺمل پرسرام ۽ مرزا قليچ بيگ اچي وڃن ٿا. ڀيرومل سنڌي گرامر جي اصولن ۽ قاعدن تي ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ (1925ع)، پهاڪن ۽ اصلاحن تي ”گلقند“ (1928ع)، (ٻه ڀاڱا) ڪتاب لکڻ کان سواءِ شاهه لطيف جي ٽن سُرن تي ”غريب اللغات (1907ع)“ نالي لغت تيار ڪئي. هن 1910ع ۾ سماجي ريتن رسمن ۽ هندو مسلم نفرت ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ناول ”آنند سندريڪا“ لکيو (ع1910ع)“ ان کان سواءِ ”موهني ٻائي (1917ع)“ ۽ ”وريل ۽ نعمت (1915ع)“ سندس مشهور ناول آهن. هن ويدن، مهاڀارت ۽ ٻين ڪتابن کي ڀيٽي تاريخي ڪتاب ”قديم سنڌ“ لکيو، جيڪو 1957ع ۾ ڇپيو. سندس ڪتاب”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ اهم آهي، جيڪو 1931ع ۾ ڇپيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ هن وقت تائين ان جا ڪيترا ڇاپا شايع ڪيا آهن. هن جي ٻين اهم ڪتابن ۾ ”سنڌ جو سيلاني (1923ع)“، ”لطيفي سير“، ”سنڌ ۽ سنڌيت“، ”سوڍن جي صاحبي“، ”سنڌي هندن جي تاريخ“ (ٻه ڀاڱا)، ”موهن جو دڙو (1933ع)“ ، ”آزادي جي ڪوڏي“، ”چونڊ نثر ۽ نظم“، ”بهار نثر“، ”دُرو ڀڳت“، ”تير اندازيءَ جي تاريخ“ ۽ ٻيا شامل آهن. ڀيرومل ٻارن جي تعليم ۽ وندر لاءِ ڪيترائي نظم ۽ گيت نه رڳو طبعزاد لکيا، پر انگريزيءَ مان به ترجمو ڪري ڇپايا. اهڙا ڪُل 16 شعر ”نوبهار“ نالي ڪتاب ۾ ڇپيل آهن، جنهن ۾ هن مرزا قليچ ۽ فرمان عليءَ جا ٻه ٻاراڻا گيت به شامل ڪيا آهن. ان کان سواءِ هن ”گولن جا گوندر“ ۽ ”حرص جو شڪار“ شيڪسپيئر جي ٻن ناولن جا سنڌي ترجما ڪري ڇپايا. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”گلزار نظم“ (1909ع) ۽ ”چونڊ ڪلام“ (1923ع) پڻ ڇپيل آهن.[2][5]

لڏپلاڻ ۽ لاڏاڻو

[سنواريو]

سنڌ جو هي بي بها عالم ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان لڏي وڃي پوني (ڀارت) ۾ رهيو، جتي 1953ع ۾ وفات ڪيائين.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. "آڏواڻي ڀيرو مل مهرچند : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-15. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  3. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  4. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  5. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: ڀيرو مل مهرچند - شوڪت حسين شورو". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-09-16.