کنڊُ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
«مضمون کنڊ:کان ڀُل مغالطو نه کائو»۔
ست کنڊ

زمين جو هڪ وڏو علائقو جيڪو عام خيال ۾ سمنڊ سان گھيريل هوندو آهي، کنڊُ چورائيندو آهي. هن تعريف مطابق زمين جا ست کنڊ آهن. ايشيا، آفريڪا، آسٽريليا، يورپ، اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا ۽ انٽارڪٽيڪا. پر اهو خيال درست نه آهي ڇو ته يورپ ۽ ايشيا روس جي زميني رستي سان ڳنڍيل آهن ۽ يوريشيا چورائيندا آهن. اهڙي طرح ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا به ڳنڍيل آهن. اهو ئي سبب آهي جو کنڊن جي اصل تعداد پنج سمجھي ويندي آهي. اولمپڪ تنظيم  جو نشان به پنج کنڊن جي لاء پنج دائرن تي مشتمل آهي.

ايراضي ۽ آبادي جي لحاظ کان ايشيا کنڊ سڀ کان وڏو آهي. ستئي کنڊ ملي ڪري زمين جو صرف ٽيون حصو ٿين ٿا ۽ باقي حصو سمنڊ تي مشتمل آهي.

ايراضي ۽ آبادي[سنواريو]

هيٺ ڏنل جدول ست کنڊن جو ماڊل استعمال ڪندي آبادي جو خلاصو ايراضي جي لحاظ سان آهي۔

ايراضي جو موازنو (ڏهن ملين چورس ڪلوميٽرن ۾)  ۽ آبادي (بلين فردن جي لحاظ سان)