تاريخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
تاريخ
نڪولس جيسز جي 1892 ۾ ٺاھيل پينٽنگ

Those who cannot remember the past are condemned to repeat it.[1]

تاريخ (History) ڏينهن لکڻ. تاريخ مهيني جو هڪ ڏينهن ، ڏينهن ، روز. مقرر ڪيل ڏينهن. تٿ. خط يا ٻئي ڪنهن به ڪاغذ يا دستاويز تي ڄاڻايل ڏينهن، مهينو يا سال. هڪ واقعي کان ٻئي واقعي تائين مقرر ڪيل مدت. روزانو لکيل احوال. ماضيءَ جي واقعن جي يادداشت. ماضيءَ جي واقعات جي يادداشت بابت لکيل ڪتاب ”تاريخ سنڌ“، ”تاريخ طَبَري“. واقعات جي يادداشت جو علم ، علم التاريخ ، History. بادشاهن ۽ واقعن جو تذڪرو.[2]

Calendar.svg

لفظ تاريخ (Date)، سامي النسل ٻولين ۾ مهيني جي پهرينءَ تاريخ واري ڏينهن لاءِ به استعمال ٿيندو هو. ان دور ۾ هڪ ڏينهن سج لهڻ کان وٺي، ٻئي ڏينهن سج لهڻ تائين هڪ ڏينهن ڳڻپ ٿيندي هجي.

تاريخ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنا ’وقت مقرر ڪرڻ‘ آهي، پر عام طور معنا ”قومن جي عام واقعن جو بيان يا تاريخي تسلسل جو بيان“ ڪئي ويندي آهي. اهو مفهوم بادشاهن جي احوال ۽ واقعن کي لکڻ لاءِ آندو وڃي ٿو. ”تاريخ“ لفظ اهڙن ڪتابن لاءِ به استعمال ٿيو آهي، جيڪي ان مفهوم سان ٺهڪندڙ نه آهن، جهڙوڪ البيرونيءَ جو هندستان جي احوال بابت ”ڪتاب الهند“، جنهن ۾ گهڻو ڪري قديم سنڌ جي ڌار ڌار علمن بابت تفصيل موجود آهي. [3] ڪنهن خاص دَور يا زماني جي شروعات جو اندازو لڳائڻ، حادثن جي وقت جي اندازو لڳائڻ سان ڪيو ويندو آهي، جيئن مسلمانن وٽ تاريخ هجريءَ کان سواءِ ٻيون به تاريخون ڪتب آنل آهن، مثال طور: ”تاريخ عالم“ يا ”حضرت نوح عليه السلام وارو طوفان“. سنڌ ۾ وري اسلامي دور کان اڳ سنڌ جي خودمختياريءَ واري هڪ واقعي سان پنهنجي تاريخ جو آغاز ڪيو.

تاريخ اصل ۾ انسانيت جي محافظ آهي، جيڪا نه صرف قومن ۽ جماعتن جي پر ٻين به پوين تجربن جو رڪارڊ محفوظ رکي انسانن جي آڏو پيش ڪري ٿي ته جيئن انسان انهن تجربن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي حال جو جائزو وٺي ۽ مستقبل ۾ پاڻ کي محفوظ رکي سگهن.

تاريخ جي رڪارڊ جي جائزي وٺڻ لاءِ ٽي نقطهءِ نظر آهن:

  • (1) معروضي مطالعو يعني واقعا ۽ حالات جيئن به گذريا هجن، انهن کي جيئن جو تيئن ڏسڻ.
  • (2) قوم پرستيءَ جو مطالعو يعني اهم واقعن کي ان نسل يا قوم يا ملڪ جي حمايت جي جذبي سان ڏسڻ.

اصولي طور تي تاريخ يا تواريخ جو مقصد نسلي ۽ قومي ڪٽرپڻي کان مٿاهون ٿي، انساني ۽ ان جي مختلف واقعن جي ڪارنامن تي صحيح نموني تحقيق ڪري راءِ قائم ڪرڻ هئڻ گهرجي.[4][5]لفظ هـِـسٽري “History"، هڪ يوناني ڌاتوءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”پڇا ڳاڇا ڪري ڪجهه معلوم ڪرڻ“. انهيءَ لحاظ کان لفظ ”هسٽري“ پنهنجي اصلوڪي وسيع معنيٰ ۾ ”سائنس“ جو ٻيو نالو آهي. يعني، جيڪو انساني علم جاچ ۽ تجربي جي رستي استقرائي طرح حاصل ڪجي، ان کي تاريخ چئي سگهبو هو. جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن هن لفظ کي به محدود معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو. هڪ طرف سندس معنيٰ ماضيءَ جي سهيڙيل علم تائين محدود ڪئي وئي، ته وري ٻئي طرف ان تاريخ کي انساني زندگيءَ سان نسبت رکندڙ ڳالهين متعلق استعمال ڪيو ٿي ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ”تاريخ“ لفظ هيٺين ڳالهين سان نٿو لڳائي سگهجي. 1. بنا ترتيب جي گڏ ڪيل علم، 2. هر اهو علم جنهن جو زمان يا وقت سان ڪو لاڳاپو نه هجي، ۽ 3. رواجي معنيٰ ۾ اهو سمورو علم جنهن جو انساني ارتقا سان ڪو واسطو ڪونهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ ”تاريخ“ لفظ جي معنيٰ آهي: ”انسان ذات جي سوانح جو لکت ۾ ترتيب ڏنل سرمايو“. اهو انسان ذات جو سرمايو يا تجربو گهڻن ئي نمونن جو آهي. قديم زماني جي ابتدائي ڏينهن کان وٺي جڏهن انسان ذات حيواني حالت کان مٿي چڙهي، تڏهن کيس زندگيءَ جي جدوجهد ۾ فتح حاصل ٿي ۽ حيواني دنيا تي سندس تسلط قائم ٿيو. تنهن کان سواءِ ڊگهي عرصي جي آزمائش ۽ تجربي جي ڪري کيس قدرت جي جماداتي سرماين جو مالڪ بڻايو ويو ۽ منجهس اهليت ۽ قابليت پيدا ٿي، جو برپٽن ۾ به پنهنجي کاڌي، اجهي، ڪپڙي ۽ آرام جو سازو سامان مهيا ڪري سگهيو. وڏي ڳالهه ته منجهس اها لياقت پيدا ٿي ته ڪيئن ٻين انسانن سان معاشري ۾ گڏ رهي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ ٺاهي، صنعتون ۽ هنر، علم ادب ۽ تعليم، فلسفي ۽ مذهب جو ڪيئن واڌارو ڪري. اهو سڀ انساني تجربو تاريخ جو موضوع آهي. تاريخ انسان جي هر پهلوءَ جي ارتقا جو نقشو آهي ۽ سندس وڌندڙ طاقت ۽ سندس مرحليوار خودشناسيءَ جو بيان آهي. اصل ۾ تاريخ انسان ذات جي اجتماعي ذهن جو (مسلسل) قصو آهي.[6]

تاريخ جا سرچشما يا مآخذ[سنواريو]

بڪ اسٽال تي رکيل تاريخ جا ڪتاب

تاريخ کان اڳ واري زماني بابت ڪجهه ويچار ۾ آڻجي، ان کان اڳ اچو ته ڏسون ته اهي ڪهڙا مکيه مآخذ آهن، جيڪي اسان کي گذريل ست هزار ورهين جي تاريخ لکڻ ۾ عمومي مدد ڪن ٿا. مشرق وسطيٰ يعني: مصر، بابل، آشور، ايشيا صغير ۽ قريط جي قديم تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ لاتعداد پٿر تي لکيل ڪتبا ۽ مٽيءَ جي وڏين سـِـرن تي اُڪريل لکتون آهن. پر انهن مان ڪي اڃا پڙهڻ جوڳا نه آهن.

Ancientlibraryalex.jpg
اليگزينڊريہ جي قديم لائبريري

بعد جي زماني جي تهذيبن بابت، (مشرقي ۽ مغربي) اسان وٽ اهي دستاويز يا سندن نقل موجود آهن، جي اصل کـَـلـُـن يا ”پپائرس“ ٻوٽي جي ورقن تي لکيل آهن. هاڻوڪي زماني ۾ ڪاغذ ۽ ڇاپي جي مشين اسان لاءِ ايترو گهڻو مواد موجود ڪيو آهي، جو تاريخ نويس تاريخي علم جي ڪثرت ۽ رڱاوت کي ڏسي منجهيو ٿو پوي. ان ڪري هر زماني جي تاريخ لکڻ جو مسئلو مختلف آهي. قديم زماني جي تاريخ لاءِ مسئلو آهي ته ڪيئن اهي ڪتبا پڙهي سمجهيا وڃن ۽ سندن معنيٰ ڪڍي وڃي. هاڻوڪي زماني جي تاريخ لکڻ واري لاءِ اهو مسئلو درپيش آهي ته، جيڪو مواد موجود آهي ان مان ڪهڙو انتخاب ڪجي (جو سچو ۽ معتبر هجي). جيڪڏهن هڪڙي خيال کان هن زماني جي تاريخ لکڻ لاءِ مواد ملڻ آسان آهي ته وري ٻئي خيال کان مشڪل آهي، ڇو ته (هاڻوڪي زماني جي تاريخ لکڻ لاءِ) بي ريا ٿي لکڻ مشڪل تر آهي. اڄ ڪلهه جي تاريخ نويس جو ذاتي لاڙو سندس علم ۾ داخل ٿئي ٿو. سندس سياسي خيالات، مذهبي عقيدا، قومي بدظني، اهي سڀ سندس بي ريا راءِ کي رياڪار بنائين ٿا ۽ سندس وسيع نظريءَ ۾ حائل ٿين ٿا. قديم زماني جي تاريخ لکندڙ انهيءَ خطري کان نسبتاً خالي آهي. هو بنا ڪنهن جذبي جي شهنشاهتن جي عروج ۽ زوال تي غور ۽ فڪر ڪري سگهي ٿو ۽ جاچي سگهي ٿو. مذهبي عقيدن جي هڪٻئي سان ٽڪر ۽ تبديليءَ کي چڱيءَ طرح پروڙي سگهي ٿو. بي جذباتي علم لاءِ تاريخ کان اڳ جي خاموش دنيا جا آثار هڪ آزاد ترين ميدان آهي ۽ انهيءَ ميدان ۾ ئي خاص ڪري ويهين صدي (عيسوي) جي شروعات کان وٺي، تاريخ جي علم شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. (هن ڪتاب جي) ضخامت جي محدود هئڻ ڪري، هت ان علم جي مختصر بيان کان وڌيڪ درج نٿو ڪري سگهجي.[7]



تاريخ کان اڳ وارو زمانو[سنواريو]

علم هيئت جي ڄاڻـُـن جو چوڻ آهي ته شايد 3,000,000,000 (ٽي ارب) ورهيه اڳ سڄو شمسي نظام هڪ گئس جو تيز گرمي سان ٻرندڙ جسم هو. ڪنهن نموني سان، شايد ڪنهن وڏي ستاري جي ويجهي اچڻ ڪري، اهو جسم منتشر ٿي سج سميت اٺن گرهن يا سيارن ۽ پنج سؤ ننڍن تارن ۾ ورهائجي ويو. ننڍا جسم وڏن کان جلد ٿڌا ٿي ويا ۽ شايد 1,000,000,000 (هڪ ارب) ورهين کان پوءِ هڪ سخت مٿاڇرو ڌرتيءَ جي سطح تي ٺهڻ شروع ٿيو. لکين سالن کان پوءِ ڌرتيءَ تي بارش پوڻ ڪري وڏا سمنڊ ٺهيا ۽ انهن وڏن سمنڊن ۾ لاتعداد زمانن کان پوءِ زندگيءَ جا آثار نمايان ٿيا. ان کان پوءِ علم حيوانات جا ماهر ان تاريخ تي روشني وجهي اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪهڙي طرح ابتدائي حيوانات آهستي آهستي ترقي ڪري لکين سالن جي مدت اندر مڇيون، ڪرڙيون، پکي، کير پياڪ جانور بڻيا ۽ آخر ۾ انسان جي حالت کي پهتا. قديم ترين آثار جيڪي هٿ لڳا آهن، انهن مان هڪ اها آهي کوپڙي، جا انساني کوپڙيءَ سان گهڻين ڳالهين ۾ مشابهت رکي ٿي.ان کي ”پـِـٿيڪان ٿروپـَـس“ (Pithecanthropus) يعني ”ڀولڙو انسان“ سڏيو ويو آهي. اها کوپڙي سن 18922 عيسويءَ ۾ جاوا ۾ زمين هيٺان کوٽي ڪڍي ويئي هئي. سڀئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته اُها مخلوق يا اهو حيوان، جنهن جي اها کوپڙي آهي، سو علم طبقات الارض جي Oliocene زماني ۾ رهيو هوندو. اهو زمانو 550,000 (ساڍا پنج لک) ورهيه اڳ ختم ٿيو. هائڊيلبرگ (جرمني) شهر جي ويجهو 19077 عيسويءَ ۾ جيڪا کوپڙي لڌي ويئي هئي ۽ جيڪا سڄي پر حيواني انسان جي کوپڙي هئي، سا به هن کان گهٽ قديم ناهي. 1912 عيسويءَ ۾ وري پلٽ ڊائون (Piltdown) انگلينڊ ۾ هڪ تمام جهوني کوپڙي لڌي ويئي. هن وقت تائين سندس زماني متعلق اڃا ڪو اتفاق راءِ نه ٿيو آهي. ”علم الانسان“ جي ڪن ماهرن جو رايو آهي ته اهو دور جاوا ۽ هائڊيلبرگ وارن زمانن جي وچ ۾ آهي. ٻين جو خيال آهي ته اها کوپڙي 100,000 (هڪ لک) ورهين کان ٿورو وڌيڪ قديم زماني جي آهي. قديم زماني جي انساني کوپڙين کان سواءِ ڪيترائي اڻ گهڙيل اوزار ۽ هٿيار، جي ان زماني جي ماڻهن ٺاهيا، اهي هن وقت تائين سلامت آهن. انهن مان گهڻا پٿر جا ٺهيل آهن ۽ ڪي ڌاتوءَ جا. انهن مان تمام جهونن اوزارن متعلق، جن کي ”پرڀاتي يا شروعاتي پٿر“ (Eolithic) جا اوزار ڪوٺيو وڃي ٿو اڃا شڪ آهي ته اهي انسانن جا ٺاهيل آهن يا اُهي مورڳو عجيب شڪل جا قدرتي طرح ٺهيل پٿر آهن. جيڪڏهن اهي پٿر انسان جا ٺاهيل آهن ته پوءِ طبقات الارض جي علم مطابق چئبو ته انسان (هن دنيا جي تختي تي) ”اقرب“ (Pliocene) زماني ۾ موجود هو. پر ”جهوني پٿر واري“ زماني جي اوزارن نسبت ته اسان کي پڪ آهي. انهن لاءِ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهي انساني هٿن پٿر جي ٽڪرن مان اڻپوري طرح گهڙي ٺاهيا آهن. ”جهوني پٿر وارو زمانو“ (Paleolithic Epoch) پنج هزار ورهين کان ڏهه هزار ورهيه قبل مسيح جو زمانو آهي. ان زماني جا قديم آثار، جهڙوڪ: ڪوڏريون، رَندا ۽ چاقو وڏين ندين جي ماٿرين مان لڌا ويا آهن، جيڪي نديون جهوني زماني جي سمنڊ ۾ وهندڙ برفاني ٽڪرين جي وهڪري سبب انهن ماٿرين ۾ رهجي ويون آهن. ان زماني کان پوءِ جا آثار، جهڙوڪ: سٺي نموني ۾ گهڙيل پٿر جا اوزار ۽ انهن سان گڏ هڏي ۽ سـِـڱ مان ٺاهيل اوزار انهن غارن مان لڌا ويا آهن، جي ڪيتري زماني تائين شڪاري قومن جي گهر جو ڪم ڏيندا هئا.ڏهه هزار ورهيه قبل مسيح جي وقت کان وٺي انساني تهذيب جلد ترقي ڪئي. ان زماني کي ”نئون پٿر جو زمانو“ (Neolithic Epoch) سڏيو وڃي ٿو. ان دور ۾ نه رڳو پٿر جا اوزار بهتر طريقي سان ٺاهيا ويا، پر انسان جانورن کي پالڻ سکيو، زمين کيڙڻ سکيو ۽ پاڻ ۾ گڏجي منظم جماعتن ۾ رهڻ سکيو. ڇٻن ٺاهڻ، ڪـَـتڻ، اُڻڻ ۽ ٺڪر جا ٿانو ٺاهڻ جون صنعتون ۽ هنر پڻ وجود ۾ آيا. ان ”نئين پٿر جي تهذيب“ مان ئي قديم ترين تمدن، يعني مصر جي تمدن ترقي ڪئي.[8]

انساني قومون[سنواريو]

اڪثر ڪري انسان ذات جون ٽي قومون سندن چمڙيءَ جي رنگ جي لحاظ کان هڪٻئي کان الڳ سمجهيون وينديون آهن. اهي آهن: (1) ڪاري رنگ واريون قومون (2) ڦڪي رنگ واريون، منگولي يا توراني قومون (3) سفيد چمڙي واريون، قفقازي يا يورپي قومون. پر اهو امتياز هينئر بنيادي نٿو سمجهيو وڃي. اڄڪلهه اهو اعتقاد رکيو وڃي ٿو ته سڄي انسان ذات (سڀئي انساني قومون) هڪ ئي خاندان جو اولاد آهن، رنگ ۽ ٻيا اختلاف رڳو آبهوا ۽ ٻئي اهڙي قسم جي ماحول جو اثر ۽ نتيجو آهن.[9]


تاريخ جو جاگرافيءَ سان تعلق[سنواريو]

ماحول جو (انساني زندگيءَ تي) زوردار اثر انسان کي مجبور ڪري ٿو ته جاگرافيءَ جي اهميت محسوس ڪندي ان جو اڀياس ڪري، خاص طرح تاريخ سان گڏ طبعي جاگرافي. انسان ذات جون مختلف قسمن جون قومون جهنگن، ميدانن، ڍنڍن وارن علائقن، جبلن ۽ ٻيٽن جي پيدائش آهن. آبهوا جي ڦير گهير جي ڪري ماڻهن هڪ هنڌان ٻي هنڌ لڏپلاڻ ڪئي. اچ وڃ ۽ بار برداريءَ جي ذريعن پڻ تاريخ جي رفتار کي متاثر ڪيو آهي. هن تاريخ جو هر هڪ باب ڪنهن سٺي نقشي کي اڳيان رکي پڙهڻ گهرجي. اهو نقشو اهڙو هئڻ گهرجي جنهن ۾ طبعي وصفن کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي هجي.[10]


علم التواريخ[سنواريو]

تاريخ جي زمانن کي مقرر ڪرڻ جي صفت يا تعريف اڃا مڪمل نه ڪئي وئي آهي. مصري ۽ بئبلوني (بابلي) تاريخ جي واقعن جون ڪي تاريخون ڪيترين صدين اندر به مقررڪري نه ٿيون سگهجن. اڄ تائين پڻ وقت جي ڳاڻيٽي جا ڪيترائي مختلف طريقا آهن، پر اهو سرشتو جيڪو گهڻن هنڌن تي قبول ڪيو وڃي ٿو ۽ اڪثر ڪري آسان آهي، اهو مغربي دنيا ۾ رائج آهي. اهو سرشتو رومي لوڪن جي تقويم يا ڪئلينڊر تان ورتو ويو آهي ۽ خاص طرح اهو طريقو، جيڪو جوليس سيزر (قيصر يوليوس) عيسوي سن جي شروعات کان ٿورو اڳ (45 سال قبل مسيح) قائم ڪيو. ان ڪئلينڊر مطابق سال ۾ 365 ڏينهن هئا ۽ سال ڪبيسه (Leap year) هر چوٿين سال 3666 ڏينهن جو ڳڻيو ويندو هو. ڪجهه زماني کان پوءِ وري ان ۾ ٿوري ڦير ڦار ڪئي وئي، ان لاءِ ته ڪئلينڊر سج جي ظاهري گردش سان ٺهڪي اچي. اها ڦير ڦار، جنهن ۾ خاص ڳالهه هيءَ هئي ته هر ٻن صدين کان پوءِ ڪبيسي سال ترڪ ڪيو وڃي، سا سال 1528 عيسويءَ ۾ پوپ گريگري تيرهين جي چوڻ تي آندي وئي. سالن يا سن جي ڳڻپ حضرت عيسيٰ مسيح جي ولادت جي سال کان اڳ (قبل مسيح) يا پوءِ (عيسوي يا مسيحي سن) ڪئي وڃي ٿي. ان ولادت جي سال کان اڳ جي سن کي ”ق - م“ (قبل مسيح) ۽ بعد واري سن کي ”ع“ يا ”م“ (”عيسوي“ يا ”مسيحي“) جي اکرن سان چٽو ڪيو وڃي ٿو.[11]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. George Santayana, "The Life of Reason", Volume One, p. 82, BiblioLife, ISBN 978-0-559-47806-2
  2. جامع سنڌي لغات جي ايپ
  3. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  4. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  5. Encyclopedia Sindhiana
  6. ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  7. ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  8. ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  9. ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  10. ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  11. ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو