رجب آزاد سولنگي
رجب آزاد سولنگي(انگريزي ٻولي :Rajib Azad Solangi) سنڌي ٻوليءَ جو بهترين جديد شاعر، ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪافي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1]
زندگي جو احوال
[سنواريو]رجب آزاد سولنگي جو اصل نالو رجب علي آهي. 15 سيپٽمبر 1961ع تي محمد بچل سولنگي جي گهر ۾ ڳوٺ ننڍي سيتا دادو ضلعي سنڌ پاڪستان ۾ پيدا ٿيو پر رڪارڊ ۾ سندس جنم جو هنڌ ڳوٺ آباد وارھ تعلقو لاڙڪاڻو ضلعو درج ٿيل آهي. هن سيڪنڊري تعليم هاءِ اسڪول نصيرآباد مان حاصل ڪئي. بعد ۾ بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي جي تعليم حاصل ڪيائين. پرائيمري استاد طور سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين.[2][3]
ادبي خدمتون
[سنواريو]رجب آزاد جو ڪاليج ۾ پڙهائي دوران ميل جول حافظ محمد احسن چنا سان ٿيو. هن شاعري کان علاوه ڪماڻيون، ڊراما ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا.سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو سان سلهاڙيل رهيو آهي جنهن جو سيڪريٽري به رهيو آهي. رجب آزاد سولنگي سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو جو رابطه سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.[2][4]
ڪتاب
[سنواريو]سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ڪارو چشمو 2005 ۾ ڇپيل آهي.[5][6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (History)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 29 مئي 2019۔
- ↑ 2.0 2.1 "Sindhi Adabi Board Online Library (History)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 29 مئي 2019۔
- ↑ Kingrani, Aziz, "Poets and writers", Aziz Kingrani (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 10 آگسٽ 2019۔
- ↑ "سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس، احمد سولنگي تي اعتماد جو اظهار -" (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 30 مئي 2019۔
- ↑ جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16716&BookTitle=Jadeed-Kahani-Fan-Mozoh.
- ↑ "جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (عباس ڪوريجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر", books.sindhsalamat.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 30 مئي 2019۔