ٻار
ٻار (انگريزي: Children ) ٻار انساني سماج جو ھڪ اھم حصو آهي. آھي انسانن جو ورثو ۽ مستقبل آھن[1]. عربن ۾ ٽن سالن کان ڇھن سالن تائين عمر جي ٻارن کي شھدر چوندا آهن[2][3]. انھن انسانن کي چيو ويندو آھي جيڪي بالغپڻ جي عمر کي نہ پھتا ھجن، ڀلي ڇوڪرا ھجن يا ڇوڪريون.ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:ٻار سان حاڪماڻو سلوڪ هن ۾ بغاوت پيدا ڪندو آهي. اهو اصول نيوٽن جي حرڪت وارن قانونن وانگر يقيني آهي ۽ شايد آئن اسٽائن کان پوءِ به اهو اصول يقيناً صحيح رهندو. اسان جڏهن حڪم ڏيندا آهيون تڏهن ٻار جي خودداريءَ جي لڪل صلاحيتن کي اُڀاريندا آهيون. هر فرمان سان اسان مدافعت جي فوجن کي دعوت ڏيندا آهيون. گهُرو ته اهو اوهان کي ملي ويندو، حڪم ڏيندؤ ته توهان کي مايوس ٿيڻو پوندو.[4]. ول ڊيورنٽ لکي ٿو ته :جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار حليم ٿين ته پهرين پاڻ حليم ٿيو. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار صفائي پسند ٿين ته پهريان پاڻ صفائي پسند ٿيو. ان کانسواءِ ٻي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ڪانهي. ٻار سان سختيءَ سان ڳالهائڻ هن جي دل ۾ سخت گفتگوءَ جو نقش ويهارڻ آهي جنهن جي هو پاڻ اهل ڪري سگهي ٿو. سٺيون خاصيتون رڳو سدائين سٺي مثال سان ئي پيدا ٿي سگهن ٿيون. اهو ڏکيو ڪم آهي، ان لاءِ اسان جي شخصيتن کي نئين سر تعليم ۽ تربيت جي ضرورت آهي[4].اسان ٻار جي شخصيت جي تعمير ۾ ڇنڀڻ جي بدران تعريف کي رکي سگهون ٿا. ڇنڀڻ ۽ نندڻ سان روح ڪومائجي ويندو آهي ۽ ڪنهن خاميءَ کي هميشه لاءِ نفرت جي قابل بڻائي ڇڏيندو آهي. تعريف هر جيوگهرڙي کي وڌائيندي ۽ هر عضوي کي قوت بخشيندي آهي. ۽ ڪنهن به ڏکئي ڪم کي مقابلي ۽ فتح ۾ بدلائي ڇڏيندي آهي. انانيت سان اسان دنيا کي متحرڪ ڪري سگهون ٿا. ڪنهن ڪم جي خامين کي نندڻ جي بدران اسان کي گهرجي ته اسين جيترو ڪم ٿيل آهي ان تي نظر رکون ۽ ان جي تعريف ڪريون.[4]ول ڊيورنٽ وڌيڪ لکي ٿو تہ:ڊڊرو چيو آهي ته سڀ کان پهرين هو پنهنجي ڌيءَ کي علم بدن جي تجزيي جو علم سيکاريندو، ان سلسلي ۾ مان تڪڙ نه ڪندس، ان معاملي ۾ جوانن جون پريشانيون اسان لاءِ تڪليفن جو سبب ٿيڻ نه گهرجن. اسان کي گهرجي ته فطرت کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيون ۽ خطبي ڏيڻ ۽ ڪوڙ کان پاسو ڪيون.[4]
ٻار جي قانوني حيثيت
[سنواريو]اقوام متحده جي چارٽر مطابق ٻار جي عمر ارڙھن سالن تائين آھي[5].دنيا جي ھر ملڪ جي قانون ۾ ٻار جي قانوني توصيف ان جي عمر جي حد جي بنياد تي ڪيل آهي. مختلف ملڪن ۾ عمر جي حد پڻ مختلف آھي. ڪن ملڪن ۾ اھا حد ساڳي آھي. ٻار جي عمر جو تعين لاء ان جي عمر ان جي ڄمڻ کان وٺي بلوغت تائين شمار ٿيندي آهي. بلوغت جي ھڪ حياتياتي وصف ٿيندي آهي جنھن مطابق ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاء ڪجهه مخصوص جسماني تبديليون ان جو تعين ڪرڻ ۾ مددگار ھونديون آھن. ٻار جي بلوغت قانون ۾ ان جي جنسي يا جسماني بلوغت نہ ھوندي آھي پر اھا ملڪ جي قانونساز اداري طرفان عمر جي مقرر ڪيل حد ھوندي آھي. بلوغت جي عمر سياسي ۽ قانوني حقن جي ابتدا لاء عالمي طور تي ارڙھن سال ھوندي آھي. پر حقن ۽ ذميداري جي ٻين ڪيترن معاملن ۾ گھٽ به ھوندي آھي. جيئن سنڌ چلڊرين ايڪٽ مطابق ڏوھارين جي بلوغت جي عمر 15 سال کان مٿي واري آھي. يعني 15 سال ۽ ان کان گھٽ عمر وارو ٻار تصور ڪيو ويندو. پاڪستان جوينائيل جسٽس سسٽم ايڪٽ ۾ ڏوھن جي ذميداري ۾ بلوغت ارڙھن سال جي عمر کان شروع ٿئي ٿي يعني ارڙھن سالن کان گھٽ عمر جو ڏوھاري ٻار تصور ڪيو ويندو. شادي لاء پاڪستان ۾ چائيلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ تحت شادي جي لاء ڇوڪرن جي بلوغت جي عمر ارڙھن سال ۽ ڇوڪرين جي سورھن سال آهي. ان عمر کان گھٽ وارا شادي لاء قانوني طور تي ٻار يا نابالغ تصور ڪيا ويندا تنھن ڪري انھن جي شادي ڪرائڻ قانون منع ڪئي آھي جيستائين آھي قانوني طور بالغ نہ ٿين.
ٻارن جا انساني حق
[سنواريو]آھي ٻارن جا مخصوص انساني حق آھن جن جي تحفظ لاء خاص توجھ ڏني ويندي آهي[6]. انھن ۾ ھڪ حق پنھنجي جنم ڏيندڙ ٻنھي ماء ۽ پيءُ سان گڏ رھڻ جو حق، ٻار جي سڃاڻپ جو حق، رياست جي خرچ تي ٻار جي خوراڪ ۽ تعليم جو حق، ٻار جي صحت جي سنڀال جو حق، آن جي لاء ان جي عمر مطابق ڏوھن لاءِ خاص قانون ھجڻ جو حق ۽ ٻارن جي بھبود جا حق شامل آهن[7]. ٻارن کان مزدوري ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.
اسلام ۾ ٻارن جا حق
[سنواريو]اسلام نئين ڄاول ٻار خاص طور تي نياڻين جي مارڻ جي سخت خلاف آھي ۽ ان اھڙي عمل تي سختي سان بندش وڌي[1]. ھي مذھب يتيم ٻارن جي جان ۽ مال جي سنڀال جو حڪم ڏئي ٿو. قرآن ۾ فرمايل آھي تہ جيڪو يتيمن سان بدسلوڪي ڪندو تہ ان کي آخرت ۾ سزا ملندي[1]. ٻارن جي گود وٺڻ ۾ پاليندڙ والدين جي لاء قائدا ، کير پياڪ ٻارن جا حق ۽ ماء جي ذميداري، ٻارن جي سنڀال جي خرچي جي والدين تي ذميداري وغيره جو تعين پڻ ڪري ٿو[1]. اسلام ۾ ٻارن جي مذھبي فرضن جي شروعات ستن سالن جي عمر کان ٿيندو آهي[1].
ٻارن جون تنظيمون ۽ ادارا
[سنواريو]دنيا ۾ ٻارن جي سڀ کان وڏي تنظيم گڏيل قومن جو ادارو يونيسيف (UNICEF) آھي. ان جو سڄو نالو يونائيٽيڊ نيشنز انٽرنيشنل چلڊرينس ايمرجنسي فنڊ آھي.
ٻارن جي جنسي تعليم
[سنواريو]ديانتداريءَ جو سڀ کان ڏکيو امتحان ٻار جي جنسي تعليم وقت سامهون ايندو آهي. اسان هن جي جوشيلي تجسس جو ڇو بچاءُ ڪندا آهيون، جيڪو سائنس ۽ تعليم جو بنياد آهي. منهنجو خيال آهي ته آمريڪا ۾ پروٽيسٽنٽ ورثي، اسان کي محبت جي جسماني پاسي کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي. تاريخي لحاظ کان ان جو سبب اهو آهي ته حيوان به پاسيرو ٿي لڳ ڪندا آهن ته جيئن ٻاهرين خطري کان محفوظ رهن. انساني لحاط کان جيئن ته اسان شاديءَ جي عمر وڌائي ڇڏي آهي ۽ شادي جوانيءَ کان پري ٿي وئي آهي انڪري اسان پنهنجي ان بنيادي جبلت جي هر غير ضروري تحرڪ کان بچڻ شروع ڪيو آهي، هي هڪ ڏکيو سوال آهي.[4]ول ڊيورنٽ پنھنجي ننڍڙي ڌيءَ ايٿل متعلق مثال ڏئي جنسي تعليم جي موضوع تي لکي ٿو تہ:اسان آخري گهڙيءَ تائين ايٿل جي ذهن کان ان سوال کي پري رکنداسين. نئين دور جي هڻ وٺ جي زندگيءَ ۾ اهي سوال جلد پيدا ٿي ويندا ۽ ان کان اڳ جو ٻيا ڇوڪرا پنهنجي تصور مان انهن سوالن جا کيس جواب ڏين اسان پاڻ انهن جا جواب ڏيڻ ٿا گهرون، اسان انهن جا جواب به ٻين سوالن وانگر ڏينداسين. ان معاملي ۾ تقدس کي وچ ۾ آڻڻ شرارت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ کي وچ ۾ آڻڻ آهي، اسان کي هاضمي ۽ ساهه وانگر هڪ سائنسدان واري معروضيت سان ان جو ذڪر ڪرڻ گهرجي[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 136,137
- ↑ لغت نامه دهخدا
- ↑ أدي شير. الألفاظ الارسية المعربة. باب "شهدر"
- ↑ 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ [مرجع ويب |العنوان=Convention on the Rights of the Child|المسار=http://www.unhchr.ch/html/menu3/b/k2crc.htm |الناشر=مكتب المفوضية العليا لحقوق الإنسان بالأمم المتحدة|اللغة=الإنكليزية| مسار الأرشيف = https://web.archive.org/web/20190505223923/http://www.unhchr.ch/html/menu3/b/k2crc.htm | تاريخ الأرشيف = 5 مايو 2019]
- ↑ [1]
- ↑ [2]