اٺ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
اٺ

اٺ Camel Dromedery/Camels Dromedarious دنيا ۾ اُٺ جي ڪٽنب جون ڪُل چار جنسون آهن، جن ۾ ڏکڻ آمريڪي وڪونا Vicuna ڪل ڊيگهه 1.5 (5 فٽ)، لاما Guanaco ڪل ڊيگهه هڪ کان 2.1 ميٽر (3 کان 7 فٽ ) ٿئي ٿي. انهن جنسن کي ٿوها ڪونه ٿين. البته باختري اٺ (Camelus Bactrainus) کي ٻه ٿوها آهن. هن وقت هي دنيا جو واحد اُٺ آهي جيڪو اڃا به جهنگلي ماحول ۾ ملي ٿو. ٻن ٿوهن وارو اُٺ سڀ کان پهرين 3500 سال اڳ پالتو ٿيو پر اڃا به ڪي باختري اُٺ جهنگلي آهن. ان کان سواءِ باقي سڀ جنسون پالتو ٿي چڪيون آهن. هڪ ٿوهي اٺ Camel Dromedarius هندستان ۾ راجستان جي صحرا کان وٺي سنڌ، بلوچستان، ايران، عرب دنيا ۽ آفريڪا جي اوڀر ۽ اترين علائقن ۾ پالتو جانور طور ملي ٿو. اهو اٺ صحرا ۾ جهنگلي جيوت طور باقي نه بچيو آهي. هن جانور صحرائي زندگيءَ مطابق پاڻ کي مڪمل طرح ٺهڪائي ڇڏيو آهي. اٺ پنهنجي ٿوهي ۾ چرٻيءَ جو ذخيرو استعمال ڪندو آهي. جڏهن پاڻيءَ ۽ خوراڪ جي اڻاٺ هجي، تڏهن اهو جسم جو وزن 40 سيڪڙو تائين وڃائيندو آهي ۽ ٻين پالتو جانورن جي ڀيٽ ۾ (ٿڌين حالت ۾ پاڻي پيئڻ کان سواءِ ڇهه ست مهينا) وڌيڪ زندهه رهي سگهي ٿو.

گرميءَ ۾ ان جي جسم جي گرميءَ جو درجو وڌي ويندو آهي ۽ پاڻي بچائڻ لاءِ پگهر گهٽجي ويندو آهي. اٺ گهڻن ئي کارن ۽ ڪنڊر قسمن جو گاهه به چري ٿو. مٿيون چپ ٻه ڦاڪو اٿس، چرڻ مهل اهو ٽيڙي ڇڏيندو آهي. اٺ هڏاوان پڃرا به رڙڪي ويندو آهي. ننڍي وڳ ۾ ڏسبو آهي جنهن ۾ هڪ نر، ڪيئي ماديون ۽ ٻچا هوندا آهن. نر پنهنجي گروهه کي بچائڻ لاءِ ٽپا ڏيندو، وڙهندو ۽ چڪ وجهندو آهي ۽ دشمن کي ڀڄائي ڪڍندو آهي. هن اٺ جا رنگ هلڪي ڀوري کان وٺي ناسي ۽ ڪاري تائين گهڻائي ٿيندا آهن. ان جي ڊيگهه 2.2 کان 3.4 ميٽر (ساڍا ست کان 11 فٽ) ٿئي ٿي ۽ وزن 450 کان 550 ڪلو ٿئي ٿو. ان جو هيءَ نسل 3000 ق. م تائين مڪمل طور پالتو ٿي چڪو هو ۽ پوئتي هڪ به داڻو جهنگلي باقي ڪونه هو. اٺ گاهه، وڻن جا پن ۽ ميوات کائي ويندو آهي. مادي 370 ڏينهن پيٽ سان هوندي آهي ۽ هڪ ٻچو ڏيندي آهي. قدبت جي حساب سان ننڍو پڇ، ننڍا ڪن، ڊگهي ڳچي، ڊگهيون ٽنگون، تراکڙا گول ۽ چيريل پير اٿس، جن سان واريءَ ۾ سولو هلي ٿو. اٺ بار برداري، سواري ۽ زمين کيڙڻ ۽ نار وغيره ۾ هلائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. حلال جانور آهي، ماڻهو ان جو گوشت ۽ کير واپرائيندا آهن. ڄَٽ مان کٿا ٺاهيندا آهن.

سنڌ ۾ ڊيلٽا واري علائقي ۾ اٺن جي وڏي پئماني تي پالنا ٿئي ٿي، جنهن ۾ 200 کان 500 تائين جا وڳ نظر ايندا آهن.

عمر جي لحاظ سان سنڌيءَ ۾ اُٺ جا جدا جدا نالا:

لاؤرو: کير ڌائڪ ٻچو.

ڌپڙ يا ڪنواٽ: هڪ کان ٻن سالن جي عمر وارو ٻچو.

ٻِهاڻ: ٻن کان ٽن سالن جي عمر وارو اُٺ.

ٽِهاڻ: ٽن کان چئن سالن جي عمر وارو.

ڇَٺ: چئن کان پنجن سالن جي عمر وارو.

دَوڪ: پنجن کان ڇهن سالن جي عمر وارو اُٺ، انهيءَ عمر ۾ کيس هيٺين ڄاڙيءَ ۾ ٻه ڏند نڪرندا آهن.

چؤڳو: چئن ڏندن وارو. هيءُ اُٺ ڇهن کان ستن سالن جي عمر جو ٿئي ٿو.

نيش: ستن سالن ۽ ان کان وڏيءَ ڄمار واري اُٺ کي نيش چوندا آهن.

اُٺ گهڻن نالن سان مشهور آهي، جيئن ته جمل، شتر، بوتو، ليڙو، لاڏو، بوتو، توڏو، گونرو، ڏاگهو، چانگو، مَيو، مهري ۽ ڪرهو وغيره. ڪرهو راورٽيءَ جي ڪتاب ”سنڌ جو مهراڻ“ موجب منصوره ۽ ملتان جي وچ تي نڌاڻ واري علائقي ۾ ٿيندو آهي. ڀٽائي صاحب به ڪرهي جو ذڪر ڪيو آهي:

لک لاکيڻو ڪرهو، ڪوڙي ڏيئي ڳڌوم (شاهه) سنڌ ۾ نسل جي لحاظ کان اٺ گهڻن ئي قسمن جو ٿيندو آهي، جيئن ته:

ڍاٽِي: اٺ جو هيءُ نسل ’ڍٽِ‘ پاسي ٿيندو آهي. قدآوار ۽ بارگير ٿيندو آهي. مَهري اٺ به ڍاٽي ڀلا ٿيندا آهن. پنڌ ۾ هيءُ اُٺ تکو آهي. هڪ روايت مطابق راڻو رات وچ ۾ 100 ميل ڪري مومل وٽ ايندو هو، جو سندس اٺ به ڍاٽي هو.

ٻسَرو: هيءُ به ڍاٽي اٺ جو قسم آهي، جيڪو بار کڻڻ ۽ گاڏن ڇڪڻ ۾ سٺو ثابت ٿيندو آهي. ٻسري مهريءَ کي ڪوبه ڪونه وٺندو.

خار: هيءُ اُٺ ٻن ناميارن نسلن مان پيدا ڪرائيندا آهن. اهي خار باز اٺ ويڙهاڪ ٿيندا آهن ۽ ڏنگا اٺ سڏبا آهن.

لاڙي اٺ: شاهبندر ۽ ساڪري ۾ جام آهن. سامونڊي ڪنارن تي مڪران تائين لاڙي اٺ ملن ٿا. هي اُٺ اڪثر ڳاڙهي رنگ جا ٿيندا آهن ۽ بارگير آهن.

لاسي اُٺ: لسٻيلي وارن اٺن کي لاسي چوندا آهن. هي اٺ به ڀلا مهري ٿيندا آهن.

ڪاڇي اُٺ: هيءُ جابلو اٺ ڏاڍا مضبوط آهن، لڪ لتاڙيو وڃن. ننڍي هوندي کان پٿرن تي ڊُڪي ڊُڪي اُنهن جا پير مضبوط ٿيندا آهن.

لوگو بروهڪو: هيءُ به جابلو اٺ جو هڪ قسم آهي. هن جو مٿو بي ڊولو ٿيندو آهي. مستيءَ ۾ مالڪ سان به وڙهندو آهي.

اُٺ کي انڊ ٻڌڻ: نئون اٺ جڏهن سَهُو ڪبو آهي، ته -ان- کي سوار ٿوهيءَ ۾ نوڙي يا رسو ڦاسائي، اٺ جي پوئين پٺيءَ ڏي ٿورو رسو ڇڪي، ان ۾ رلي وجهندا آهن، اها ڄڻ پٺتي ڪِرڻ کان ٽيڪ هوندي آهي، ان کي ’اِنڊَ‘ چوندا آهن.

ٻنڊ: ٻن ماڻهن جي چڙهڻ لاءِ ساڳي طرح اڳيان پويان ٿوهي ۾ رسا وجهي ٺاهيندا آهن. اهڙيءَ طرح اڳينءَ کي اِنڊَ پوئينءَ کي چون ٻِنڊَ. اٺ جي مهار ۾ هيٺيون شيون پيل هونديون آهن، جن سان اُٺ کي مرضيءَ مطابق هلائبو آهي:

ناڪيلي: ٽامي يا لوهه جي ٺهيل، جنهن جي هيٺئين پاسي کي پئسي جيترو گول رکندا آهن. ٽُنگر پئسي جيتري مٿي چوٽِي هوندي اٿس، جنهن ۾ چمر وجهي ٻَڌبو آهي.

لاٽي: ڪاٺ جي ناڪيليءَ کي ’لاٽي‘ چئبو، اٺ جي نڪ ۾ وجهبي آهي ۽ مهار جي چمر وجهبي اٿس.

چمر: مهار جي اڳئين پاسي ڇَههَ اَٺَ آڱر ٻِٽو سڳو ٻَڌبو آهي، جيڪو لاٽيءَ جي نڪ ۾ پيل سڳيءَ يا هڏتريءَ ۾ وجهبو آهي.

هڏ تر يا هڏ تري: ڏنگي اُٺ کي مڃائڻ لاءِ اُٺ جي نڪ کي ٿلهي سئيءَ سان ٽوپي، سڳو اندر لنگهائي -ان- کي ڳنڍ ڏئي، -ان- سڳي جي وچان چمر لنگهائي اُٺ کي مڃائبو آهي. اُٺ کي چانديءَ جي مڻين جون ڳانيون به وجهبيون آهن. نڪ جي مهار ۾ به (فقط سينگار لاءِ) گل وجهبا آهن. نُختو به اُٺ کي وجهبو آهي.

اُٺ جو آواز: اُٺ جي آواز کي اُٺ جو ’رڙڻ‘ چوندا آهن، جيئن محاورو آهي ته ’اُٺ کي لوڻ وجهه ته به رڙي ۽ کنڊ وجهينس ته به رڙي‘. شاهه لطيف چيو آهي ته:

اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي. (شاه)

سياري جو اُٺ مست ٿيندو آهي ته تارون وات مان ٻاهر ڪڍي ڀڀڪيون ڏيندو آهي، ان آواز کي ڀڀڪي يا ڳوڙي چوندا آهن. هن جي آواز کي ’ڪڻڪڻ‘ چئبو آهي.

حڪيمن جو چوڻ آهي ته طبي لحاظ کان اُٺ جو گوشت، گرم خشڪ اثر رکي ٿو. ڪيترين بيمارين کي فائدو ڏئي ٿو. اُ چاريندڙ کي سنڌيءَ ۾ اوٺار چئبو آهي.[1][2]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%BA
  2. https://en.m.wikipedia.org/wiki/Camel