تلوار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Talwar
19th century Indian tulwar sword.JPG
19th-century talwar, with typical disc-hilt and knucklebow, North India, crystalline wootz steel blade unusual in having a yelmen. The hardened cutting edge has been fused (scarf welded) to a softer, more flexible heel (a common practice in Indian swords), silver koftagri decorated hilt, red velvet covered scabbard.
نوعیت Sword
شروعات Indian Subcontinent
پيداوار جي تاريخ
ڪارخاني ۾ تيار ٿيو Early types from ca. 1300, the classic form from ca. 1500 to present.
تخصيص
Blade type Single-edged, curved bladed, pointed tip.
Hilt type Unique Indian "Disc Hilt"
Scabbard/sheath Leather or cloth covered wood & the same with metal mounts, all metal and leather covered metal.
19th century Indian tulwar sword.JPG

تلوار يا ترار هيءُ هڪ قسم جو مشهور جنگي هٿيار آهي، جيڪو تاريخ جي دؤر سان گڏ هلندو آيو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين، باوجود بارودي هٿيارن جي ايجاد جي، تلوار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. دنيا جي سڀني لڙاين ۾ تلوار جو ڪردار اهم رهيو آهي. دنيا جي سڀني ملڪن ۾، ڌار ڌار وقتن تي، مختلف قسمن جون تلوارون استعمال ٿينديون رهيون آهن. يورپ وارن جون تلوارون سڌيون ۽ ٻِه ڌاريون هونديون آهن؛ سنڌ جي تلوار هڪ ڌاري ۽ ڏنگي ٿيندي آهي. عام طرح تلوار جي چُهنب تيز ۽ تِکي هوندي آهي، پر جاپاني ۽ هندي تلوار (کڙڳ) جو منهن ويڪرو هوندو آهي. آڳاٽي وقت ۾ بادشاهه يا حاڪم سان وفاداريءَ جو قسم تلوار پيش ڪري کڻايو ويندو هو. تلوار يا ترار کي فارسيءَ ۾ ’شمشير‘ ۽ عربيءَ ۾ ’سيف‘ جي نالن سان به سڏيو ويندو آهي. آڳاٽي وقت جي لڙاين ۾ تلوار جو وڏو ڪردار رهيو آهي.[1]

تلوار جا قسم[سنواريو]

ڪيتريون ئي لڙايون تلوار بازيءَ جي فن ۾ مهارت سبب کٽيون ويون آهن. سنڌ ۾ صدين کان وٺي تلوار استعمال ٿيندي رهي، ان ڪري سنڌ ۾ تلوارن جا جُدا جُدا قسم ۽ جُدا جُدا نالا آهن، جهڙوڪ: کَنو، کڙڳ، سيف، تيـغ، تـبر، ســانگ، ڪرماڻي، اصفهــاني، ڪُمي، سروهي/سرواهي، آواري، ڇڳاڙي، روپهري ۽ سونهري وغيره. آڳاٽي زماني ۾ تلوار جا گهڻائي قسم، مڪاني طور اسلحه خانن ۾ ٺاهيا ويندا هئا[1]، جيئن:

کنو[سنواريو]

تلوار جو هي قسم، عام تلوار کان ٿورو وڏو ۽ موڪرو ٿيندو آهي. نهيءَ تلوار کي سنڌ جا ڪاريگر ئي ٺاهيندا هئا.

سانگ[سنواريو]

هيءَ تلوار سڌي ٿيندي آهي ۽ ان جا ٻئي پاسا وهندا آهن، يعني ٻه ڌاري تلوار آهي. هيءَ تلوار هڪ وڏي لوهي لَٺ ۾ جَڙي ويندي هُئي ۽ اُن سان گهوڙي سوار تلوار باز آسانيءَ سان مخالفن کي زير ڪري سگهندو هو. اڳاٽي زماني ۾ اهڙيون تلوارون هڪ کان وڌيڪ تعداد ۾، هڪ لٺ ۾ جڙبيون هيون. سنڌ جي عظيم سپوت دودي سومري پڻ، علاؤالدين خلجيءَ جي فوجن سان وڙهندي، سانگ استعمال ڪئي هئي. لطيف سائينءَ پڻ چيلهه ۾ چئن ترارن ٻڌڻ جو ذڪر، سُر ڪيڏاري ۾ ڪيو آهي، اهو سنڌ جو رواج هو:

چار ترارون چيلهه ۾، پڙ ۾ پاڳڙياس،
جت سانگين جي سٽ وهي، اُت وک وڌندي پاءِ

سروهي يا سرواهي[سنواريو]

هيءَ تلوار، سنڌ جي سرحد سان لاڳو راجسٿان جي شهر ”سروهه“ ۾ ٺهندي هُئي ۽ سڀني تلوارن ۾ اعليٰ قسم جي تلوار ليکي ويندي هُئي. سون ۽ رويي جي جڙوات واريون تلوارون به مڪاني طور ٺهنديون هيون، جيڪي خاص طرح سردار ۽ بادشاهه ٺهرائيندا هئا. اهڙين تلوارن تي سون ۽ چانديءَ جي اکرن سان نالا يا شعر اُڪريل هوندا هئا.

سنڌ ۾ تلوارن جي مٿين قسمن کان سواءِ، جُدا جُدا ملڪن جون ٺهيل تلوارون پڻ لڙائين ۾ استعمال ٿينديون هيون ۽ اُهي پنهنجن پنهنجن ملڪن جي نالن سان مشهور هونديون هيون، جيئن ”حلب“ جون ٺهيل ”حلبي تلوارون“.

کڙڳ[سنواريو]

هندي تلوار کي چيو ويندو هو، جيڪا کني کان وڏي ۽ ويڪري ٻِه ڌاري تلوار هئي. ”کڙڳ“ جو ذڪر شاهه لطيف پڻ ڪيو آهي:

بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کِلول ڪن

ڪِرماڻي[سنواريو]

ڪرماڻي يعني ڪِرمان جي ٺهيل تلوار.

اصفهاني[سنواريو]

اصفهاني يعني اصفهان (ايران) جي ٺهيل تلوار وغيره.

تلوار باز پهلوانن جا نالا ۽ لقب[سنواريو]

تلوار باز پهلوانن کي پڻ جُدا جُدا نالن ۽ لقبن سان سڏيو ويندو هو، جيئن: ڪونڌر، طُريل، انگيرا، اڻيارا، ڪُوپا، ڪُڙها، سارڌو، سائو/ ساهو وغيره.[1]

انگيرا[سنواريو]

اُهي پهلوان جيڪي تلوار جا انگ يا تلوار بازيءَ جي کيڏ ڄاڻن.

اڻيارا[سنواريو]

اُهي، جيڪي ڪُنڊن تان اُسري حملا ڪن.

ڪُڙها[سنواريو]

ڪُڙها ۽ ”سارڌو“ يعني شينهن جهڙا جوان.

سائو[سنواريو]

سائو اُهي بهادر، جيڪي وڏي صبر سان بيهي وڙهن ۽ موت قبول ڪن، پر نه مڙن ۽ نه موٽن: ”سائو يا ساهُو“، جيڪي اڪيلي سر وڙهن ۽ سوڀ حاصل ڪن. لطيف سائينءَ پڻ ”سائو“ لفظ بهادر لاءِ ڪم آندو آهي:
سانگيون ”سائن“ هٿ ۾، ڪلهنئون نه لاهين

جنگ جا جهونجهار، جن کي موت جو ڊپ ئي نه هوندو هو، سي پنهنجن هٿيارن تي ”ويڻ“ لِکائي ڇڏيندا هئا. ٽالپرن جي دؤر ۾ جڏهن ڪابلي افغانن سان سنڌ جي سورهين جا مقابلا ٿيندا هُئا ته پريان ڪُڏندي ۽ پلٿو ڪندي ڏسبا هئا ته ڌمڪن ڌماڪن واري ٽور ۽ ترار جي کيڏ ۾ اڳئين کان اڳرا ڀاسندا هئا.

پلٿو[سنواريو]

تلوار بازيءَ جو هڪ داءُ آهي، جنهن جي نوعيت هن ريت هوندي آهي: پلٿي بازي ڪندڙ پهلوان کي مُرين تائين سوڙهن پانچن سان شلوار پاتل هوندي هئي. پلٿو ڪندر پهلوان، مقابل جي چؤگرد تڪڙو تڪڙو ڦيري پائيندو ۽ چوڌاري ڦرندو ته سندس شلوار هوا ۾ ڦوڪجي ويندي، تنهنڪري زمين کان ٿورو مٿي کڄي ويندو، يا پاڻ کي اُڇل ڏيئي، مٿي ڪري، مقابل جي ڳچيءَ تي تلوار جو وار ڪري، سِسِي لُڻي وٺندو. آڳاٽي زماني ۾ پلٿي باز جنگ جي ٽور جا تماشا ڪندا هُئا، قدم کي قدم ساڻ ڀريندا هئا، ٽلندا ۽ ٽيلو ڪندا هُئا. اهڙي سمي دُهلن ڌمامن، شرناين ۽ قرناين جو هڪ خاص تالُ وڄندو هو، جنهن تي ’چُلتو‘ ۽ ’چالي‘ ڪندا هئا، يعني قدم قدم، ڌماڪي واري ٽور ۽ لوڏ، توڙي تالَ تي ترار جي پلٿي بازي ڪندا هُئا. وطن لاءِ وڙهڻ جوان مردن جو ناز هو، بلڪه مانجهي مڙسن جو ڏاج هو. ڄڻ ته بانڪن بهادرن جي پوک هُئي ۽ پهلوان پنهنجي اهڙيءَ کيتيءَ جي راهه به ”رُڪ“ (ترارين) سان ورهائيندا هُئا. لطيف سائينءِ به چيو آهي:

هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ،
وجهـن تـان نـه فـرق، ”رُڪ“ وهــندي رانـد ۾!

حوالا[سنواريو]

سانچو:Swords by region navbox