امرت ڌارا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هڪ قسم جي دوا، جيڪا ڪافور، -جاڻ- ۽ ولجاڻ جي سَتَ ملائڻ سان ٺهي ٿي، ۽ گهڻن ئي مرضن تي پوي ٿي. جيڪڏهن پسارڪن وکرن -جاڻ-، ولجاڻ ۽ ڪافور جو سَتُ (جوهر) جيڪو قلمن جي صورت ۾ ٿئي ٿو، انهن کي هم وزن کڻي ملائبو ته پاڻي ٿي پوندا. اُن کي پساري شِوَ ڌارا جي نالي سان به سڏيندا آهن. شِوَ ڌارا -ترت- علاج طور گهڻين بيمارين لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]