مواد ڏانھن هلو

چنا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چنو هڪ ذات جو نالو آھي.[1] هي سوريه ونش سنڌي راجپوت آهن.[2] سنڌ جا اصل رهاڪو آهن. ستين صدي ۾ مسلمانن مان سڀ کان پهريان چنا ذات وارن رضاڪارانه طور اسلام قبول ڪيو.[2] اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ سندن مذهبي عقيدو هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم سان جڙيل هو. ڪلهوڙن جي دور حڪومت دوران ڄام چنا نالي هڪ سردار ست وڏن قبيلن جو سرواڻ هئو، جن م سما، سهتا، ڪوريجا، بلال، مهر ۽ چنا قبيلا شامل هئا. ھينئر چنو خاندان جا ماڻهون دادو، سيوڻ، سکر، شڪارپور، خيرپور، لاڙڪاڻي، ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهن ٿا. چنو ذات جا ماڻهون مختلف سرڪاري، غير سرڪاري، ۽ نجي شعبن ۾ اعلئ عملدار، وڪيل، جج، زميندار، ۽واپارين طور سماج جيِ هر سطح تي هر شعبي ۾ جيئن تعليم، صحت، ڪاروبار، انجنيئرنگ، طب، ۽ ٻين شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

مشھور شخصتيون

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Khair Mohammad Buriro Sewhani (2005) (Sindhi ۾). ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا. http://archive.org/details/san_0600.
  2. 1 2 "چَنا 1 : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (سنڌي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 05 جولاءِ 2025۔