چنا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چنا هڪ ذات جو نالو آھي. هي سوريه ونش سنڌي راجپوت آهن. سنڌ جا اصل رهاڪو آهن. ستين صدي ۾ مسلمانن مان سڀ کان پهريان چنا ذات وارن رضاڪارانه طور اسلام قبول ڪيو. اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ سندن مذهبي عقيدو هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم سان جڙيل هو. ڪلهوڙن جي دور حڪومت دوران ڄام چنا نالي هڪ سردار ست وڏن قبيلن جو سرواڻ هئو، جن م سما، سهتا، ڪوريجا، بلال، مهر ۽ چنا قبيلا شامل هئا. حال ۾ چنا خاندان جا ماڻهون دادو سيوڻ، سکر، شڪارپور، خيرپور، لاڙڪاڻي، ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهن ٿا. چنا ذات جا ماڻهون مختلف سرڪاري، غير سرڪاري، ۽ نجي شعبن ۾ اعلئ عملدار، وڪيل، جج، زميندار، ۽واپارين طور سماج جيِ هر سطح تي هر شعبي ۾ جيئن تعليم، صحت، ڪاروبار، انجنيئرنگ، طب، ۽ ٻين شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

مشھور شخصتيون[سنواريو]