يورپ جي ادب جي تاريخ
يورپ (Europe) جي ادب جي تاريخ کي ٿلهي ليکي پنجن وڏن دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. انهن مان چوٿون پنجون دؤر گڏ هلي رهيا آهن. چوٿون زوال طرف وڃي رهيو آهي ۽ پنجون اُسري نسري ڪمال طرف وڌي رهيو آهي.
پهريون اُن جو دؤر قديم غلامدار، يونان ۽ روم جي علم ۽ عظمت جو دؤر آهي، جيڪو انساني تاريخ ۾ اڄ به بي مثال ۽ يگانو ليکجي ٿو. يوناني مدبر پيريڪليس جي حضرت عيسيٰ کان اٽڪل چار سئو سال اڳي کان اٿينس جي شهر ۾ ڪيل جمهوريت ۽ ڊڪٽيٽرشپ جي ڀيٽ واري تقرير اڄ به پڙهندا ته وات مان “واهه واهه” نڪري ويندي! ڄاڻ پوندي ته عقل ۽ تَدبُر، فصاحت ۽ بلاغت جو هڪڙو درياهه پيو اُڇلون ڏئي! ٿيوسپيڊائيڊس جي پوليشيائي لڙاين جي تاريخ پڙهو. هومر جا لافاني داستان ۽ سئفو شاعراڻي جي محبت جا گيت پڙهو. ائرسٽوفئنس جا ڊراما پڙهو. ان کي اڄ جي بهترين تخليق سان ڀيٽي ڏسو ته خبر پوندي ته يوناني علم ۽ ادب پنهنجو مٽ پاڻ هئا. پئٿاگوراس، ائين ايگزاگورس، ڊما ڪرئٽس، هرئڪليٽس، سُقراط، بقراط، افلاطون جهڙا يگانا عالم، داناءُ فيلسوف ۽ سائنسدان يونان جي ئي دنيا کي ڏنل هئا. تنهن کانپوءِ انهن سمورن تارن ۽ چنڊن جو سج، سڪندر اعظم جو استاد ارسطو هو، جيڪو حضرت عيسيٰ کان 384 سال اڳ ڄمي، دنيا ۾ 62 سال رهي، لافاني بڻجي ويو. هن لاءِ سندس وفات کان چوڏهن صديون پوءِ عظيم مسلمان داناءُ ابن رشد چيو، “ارسطو سمورين سائنسن جو اول ۽ آخر آهي. کانئس اڳ ڪوبه قابلِ ذڪر سائنسدان پيدا ڪونه ٿيو ۽ کانئس پوءِ جي چوڏهن صدين ۾ ڪنهن به سندس تعليم ۾ ڪو خاص واڌارو ڪونه ڪيو آهي... ارسطو عظيم ترين عالم آهي، خدا کيس بي مثال بڻايو هو.” ساڳيو رنگ جلد ئي پوءِ روم ۾ ٿيو. اُتي سائنسدان ۽ فيلسوف ته ايترا نه هئا پر ٻين شعبن ۾ بي مثال عالم ۽ اديب ۽ ٻيا يگانا داناءُ پيدا ٿيا. سيسرو، پلمي، جوليس سيزر وقت جي علم ۽ دانش جا ٻيا سوين جڳمڳائيندڙ چنڊ، تارا هئا.
تنهن کان پوءِ قرون وسطا (Medieval Times) ۾ صدين جون صديون يورپ تي مذهبي جهالت، تنگ نظري ۽ تعصب ۽ وحشي جبر جي رات ڇانيل رهي. اهو يورپي ادب جو ٻيو ۽ اونداهو دؤر هو.
پندرهين صديءَ ۾ اهو اونداهو دؤر اڃا ختم نه ٿيو هو ته ان دؤر جي پيٽَ مان يورپي علم ۽ ادب جو ٽيون دؤر، جيڪو روشن دؤر هو، سو ڄائو ۽ سورهين صديءَ ۾ اُسري نسري وهيءَ چڙهيو. پندرهين صديءَ واري يورپي جاگيرداري نظام جي ڀيٽ ۾ اهي اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي قوتون اُسرڻ نِسرڻ شروع ٿي ويون. دنيا جي ادب جي تاريخ ۾ جاگيرداري فرعونيت ۽ خاص ڪري دِين ڌَرم جي ٺيڪيدارن جي روحاني هڪ هٽي ۽ آمريت خلاف هيءُ ڪو پهريون ادبي حملو ڪونه هو. هن کان صديون اڳ عرب، ايران ۽ هندستان وغيره ۾ تَصَوُف ۽ ڀڳتي لهر جي شاعرن انهن خلاف پنهنجا آواز بلند ڪيا هئا، جن جا پڙاڏا اڄ تائين پيا گونجن.
سواءِ هڪ اڌ نيارپ يا اعتراض جي، هنن شاعرن وٽ انهن کان سواءِ ٽيون صحيح جواب نه هو ۽ نه وري ان وقت ٿي ئي سگهيو ٿي. اهو صحيح جواب اڃا تاريخ جي ڪُک ۾ سرجيو ئي ڪونه هو. ان جا مهانڊا اڃا ايندڙ زمانن جي اونداهن پاڇُولن ۾ لِڪل هئا. جاگيرداري نظام جا تاريخي ڏينهن اڃان پورا ڪونه ٿيا هئا. کيس دسي دفن ڪرڻ وارين سماجي قوتون جيڪي، سماجي قانون مطابق، ان وقت، فقط سرمايه داري قوتون ئي ٿي سگهيون ٿي، سي اڃا اُسريون نِسريون ئي ڪونه هيون. ان لاءِ کين صديون گهربل هيون. هزارين سڀ طرفين لڙاين ۾ کٽيل سوڀون ۽ تجربا گهربل هئا.
والٽير (Voltaire)، روسو (Rousseau)، بالزاڪ ۽ ٻيا ارڙهين صديءَ جا يورپي سرمايه دار اديب ۽ دانشور تاريخي ارتقا جي گهڻو مٿاهين ڏاڪي تي آيا. هُو صدين جي اقتصادي ۽ سياسي، نظرياتي ۽ روحاني لڙاين جي هڪ ڊگهي سلسلي ۾ عوام طرفان حاصل ڪيل شاندار ڪاميابين کانپوءِ، عالمي ادب جي اسٽيج تي پيش ٿيا هئا. تاريخ هنن لاءِ هڪ اسٽيج اڳي ئي تيار ڪري، سينگاري ڇڏي هئي. وقت سندن انتظار ڪري رهيو هو.
هُو سماج جا تماشائي، ان تي غيرجانبدار تبصرو ڪندڙ يا عوام جا سَکڻا همدرد بڻجي ڪونه آيا هئا. هُو ڌُر ڌڻي ٿي آيا هئا. هُو عوام جي دلين جي عدالت م عوام جي مجرمن جي ڏوهن جا تفصيل ۽ ثبوت پيش ڪندڙ، سندن ڏوهه ثابت ڪندڙ ۽ سندن جوڳي سزا تجويز ڪندڙ هئا. سندن اعليٰ فنڪاريءَ واري ڳالهه ۾، ان جي آواز ۽ انداز ۾، پنهنجن کي سڏ ۽ دشمنن کي للڪار هئي. ان ۾ سوڀ لاءِ توڙ تائين وڙهڻ جو اٽل ارادو ۽ ان جي حاصل ڪرڻ جو مڪمل يقين هو. هُو هڪ نئين نظام ۽ نئين دؤر جا نقيب ۽ روشن سڀان جي خوشخبري ڏيندڙ هئا. [1][2]
- ↑ سندي ذات هنجن (ادب جي پرک) (رسول بخش پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-28
- ↑ ڪتاب: سندي ذات هنجن، ليکڪ: رسول بخش پليجو