قطب الدين ايبڪ
| قطب الدين ايبڪ | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | سال 1150 وچ ايشيا |
| موت | 4 نومبر 1210 (59–60 سال) لاهور |
| ٻار | آرام شاهه |
| ڪٽنب | غلام گهراڻو |
| عملي زندگي | |
| پيشو | سياستدان |
| ترميم | |
(قطب الدين ايبڪ 1206ع کان 1210ع تائين)
هيءُ ترڪي نسل جو هو ۽ ترڪستان ۾ پيدا ٿيو هو، ننڍپڻ ۾ هن کي ڪنهن اغوا ڪري نيشاپور جي قاضيءَ وٺ وڃي وڪيو، جنهن هن کي پنهنجي ٻارن کان گڏ مذهبي ۽ جنگي سکيا ڏني، قاضي صاحب جي وفات کانپوءِ سندن پٽن هن کي هڪ واپاري کي وڪيو جنهن هن کي وڃي محمد غوري وٽ مهانگي اگهه ۾ وڪيو. جيتوڻيڪ هن خوبصورت نه هو، پر پنهنجي بهادري جفاڪشي ۽ سخاوت جي ڪري پنهنجي مالڪ کي ڏاڍو وڻيو، مالڪ سان وفاداري ڪري هو فوج جو سپهه سالار بڻيو، ننڍي کنڊ جي جنگين ۾ هن محمد غوريءَ کي هن ايترو ته متاثر ڪيو، جو هن ترائن جي جنگ کانپوءِ کيس سمورن علائقن جو حاڪم مقرر ڪيو.
سوڀون
[سنواريو]1192ع ۾ هن اجمير ۽ ميرٺ جي بغاوت کي دٻائي ڇڏيو، 1194ع ۾ پنهنجي مالڪ سان گڏجي هن قنوج جي حاڪم جئي چند تي حملو ڪري، هن کي شڪست ڏئي 1197ع ۾ گجرات ۾ انهلواڙا جي راجا ڀيم ديو سولنڪيء کي شڪست ڏني، 1199ع ۾ هن مالوه فتح ڪيو، 1202ع ۾ بنديل کنڊ ۾ ڪالنجر جي قلعي کي گهراءُ ڪيو ۽ قلعو فتع ڪري ڪافي دولت هٿ ڪئي.
تخت نشيني
[سنواريو]محمد غوريءَ جي شهادت کان پوءِ ان جو ڀائيٽو غياث الدين محمد غور جو حڪمران ٿيو هن قطب الدين کي سلطان جو لقب ڏنو ۽ غلاميءَ کان آزادي ۽ حڪومت جي اخيار جو پروانو ڏنو محمد غوريءَ جي مرضي جي مطابق، هو ننڍي کنڊ جي اسلامي حڪومت جو بادشاهه بڻيو ۽ هن جي تاجپوشي جي رسم 24 جون 1206 تي لاهور ۾ ٿي ۽ مسجد جي ممبر تي هن جي نالي جو خطبو پڙهيو ويو، ۽ سندس نالي جو سڪو جاري ڪيو ويوسلطنت ۾ جن پاڻ کي حصيدار ٿي سمجهيو، هن تن سان مائٽي قائم ڪري انهن سان خوشگوار ناتا قائم ڪيا.
وفات
[سنواريو]قطب الدين 1210 ۾ لاهور ۾ پولو راند کيڏندي گهوڙي تان ڪري پيو ۽ فوت ٿي ويو.
قطب الدين جو ڪردار
[سنواريو]قطب الدين هڪ انتهائي مزاج بادشاهه هو، هو رحمدل ۽ بيحد سخي هو، سندس سخاوت جي ڪري کيس ”لک بخش“ ڪري سڏيندا هئا، هن ملڪ جي اندروني تحفظ جو سٺو انتظام ڪيو، تاج المائر جو مصنف هن جي شان ۾ لکي ٿو، ته ”سلطان پنهنجي عوام سان پورو انصاف ڪندو هو هن پنهنجي سلطنت ۾ امن امان قائم رکڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، هن جي حڪومت ۾ خزاني تي پهريدارن جي ضرورت نه هوندي هئي هن جي دور ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جي پيدا ٿيڻ جو سوال ئي نه هو“. قطب الدين ڍل شريعت جي عين مطابق، يعني پيداوار جو ڏهون حصو مقرر ڪئي، جنهن ڪري رعيت جي خوشحالي ۾ اضافو آيو، قطب الدين هڪ بهادر سپاهي ۽ اعليٰ درجي جو سپهه سالار هو، هن ڪيترين ئي جنگين ۾ شرڪت ڪئي، قطب الدين کي اڏاوت جي فن جو ڏاڍو شوق هو، هن ڪيتريون عمارتون تعمير ڪرايون جهڙوڪ دهلي جي قوت اسلامي مسجد، قطب مينار وغيره.
| ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |