ڳئون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڳئون
چوپايو مال
CH cow 2 cropped.jpg
سوئيٽزرلينڊ جي برائنوييئا (Braunvieh) ڳئون گھنڊڻي (cowbell) پاتل
پالتو
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Bos
جنس: Template:Taxonomy/BosB. ثور
حياتياتي نالو
Bos ثور
Linnaeus, 1758
Bovine range-2013-14-02.png
Bovine range
هم معنيٰ

ڳئون'(🐄)(انگريزي: Cow) ھڪ مئمل جانور جو نالو آهي هن جو مذڪر ڍڳو ٿيندو آهي۔ ڳئون جا ڪافي قسم آهن، هن جا مختلف رنگ ٿيندا آهن. هي هڪ پالتو جانور آهي سائو گاهہ کائيندي آهي. هن جو کير باقي تمام کير ڏيڻ واري جانورن کان خوش ذائقہ ۽ غذایت سان ڀرپور تصور ڪيو ويندو آهي.

ھندو مذھب ۾ ڳئون جي اھميت[سنواريو]

رگ ويد واري زماني ۾ هندو ڳائو گوشت کائيندا هئا، پر پوءِ ڍڳي يا گانءِ جي ڪوس جي برخلاف ڪن رشين آواز کڙو ڪيو، ۽ رفته رفته سڀ هندو ائين سمجهڻ لڳا ته گئو هتيا ڪرڻ هڪ وڏو پاپ جو ڪم آهي، جو ڄاتائون ٿي ته اهي ڪارائتا جانور نه ڪُهڻ گهرجن[1]</ref>ھندو مذھب ۾ ڳئون کي تمام وڏي عزت ڏني ويندي آهي.اھو درجو ويدڪ دور ۾ نہ ھيو پر آھستي آھستي ان کي مقدس بڻايو ويو. مھاڀارت ۾ ڳئون جو درجو ماء جي درجي جي برابر ڪيو ويو[2].[3] پھرين ملينيم جي وچ ۾ قانوندانن ڳئون جي گوشت کائڻ جي مخالفت ڪئي. ان ھوندي بہ ڳئون جو مندر يا ڳئون جي ديوتا ھجڻ جو خيال رواج ۾ ڪونہ آيو. ويدن ۽ پراڻن ۾ ڳئون جا ڪافي قصا ڏنل آهن. ھندن جو خيال آهي تہ ڪرشن ديوتا جي پرورش بہ ڳئون چاريندڙ ڌنار جي گھر ۾ ٿي تنھن ڪري کيس گووندا بہ چوندا آهن جنھن جي معني آهي ڳئون جي حفاظت ڪندڙ. شو ديوتا لاء انھن جو خيال آھي تہ اھو نندي نالي ڍڳي تي سوار ٿيندو ھو.

ڇا اوهان ڪڏهن سوراخ ٿيل ڳئون ڏٺي آهي؟

”دريا خان سنڌي“


اوھان انٽرنيٽ تي هي تصوير ضرور ڏٺي هوندي جيڪا اوهانکي شايد فوٽو شاپ جو ڪارنامو لڳي پر ڇا اوهانکي خبر آهي هي فسچو لينڊ ڳئون آهي جنھن جي جسم تي هڪ سوراخ ۽ هڪ نلي لڳل آهي جيڪا حقيقي آهي

فسچولينڊ يا قنولو لڳل ڳئون جيئن تہ زندھ ڳئون جي اندر ڏسڻ مشڪل هوندو آهي انڪري گھڻو ڪري جانورن تي تحقيق ڪرڻ وارا سائنسدان زندھ ڳئون ۾ قنولو لڳائيندا آهن قنولو لڳل ڳئون جي معدي کي ٻاهر کان هڪ خالي چوڙي نلڪي جيان رستي سان جوڙيو ويندو آهي قنولو لڳل ڳئون جي معدي ۾ هڪ سوراخ ڪيو ويندو آهي ان سوراخ جي ويجھي هڪ ڇلو لڳايو ويندو آهي جنھن کي هڪ وڏي پلڪ سان بند ڪري سگھجي ٿو ڇلي جي ويجهو ڳئون جا ڦٽ جلدي ڀرجي ويندا آهن ۽ ڳئون پنھنجي خوراڪ ساڳي نموني هضم ڪندي آهي جيئن عام حالتن ۾ ڳئون جي معدي ۾ سوراخ ڪري سائنسدان جاچي سگھن ٿا تہ انجو معدو ڪيئن خوراڪ کي هضم ڪري رهيو آهي ۽ اهو بہ جاچي سگھن ٿا تہ مخصوص قسم جي خوراڪ کي هضم ڪرڻ ۾ ڪيترو ٽائيم لڳي رهيو آهي ان ڳئون جي معدي ۾ رهڻ واري جراثيمن بابت بہ معلومات حاصل پڻ هوندي آهي ڳئون جي معدي ۾ هٿ وجهڻ هڪ عجيب قسم جي ڪيفيت منجهان هڪ آهي ڳئون کاڌي کي هضم ڪرڻ جي لاءِ گھڻي محنت ڪندي آهي ۽ ان ۾ پيدا ٿيندڙ توانائي جي وجهہ سان معدي گھڻو گرم ٿيندو آهي قنولو لڳل ڳئون جي معدي جي جنھن حصي تي لڳايو ويندو آهي اهو رومين يا معدي پھريون يا معدو آلا چورائبو آهي معدي پھرين جو اندريون حصو گھڻو نرم هوندو آهي آنڊن ۾ سوراخ ڪرڻ سان ٻئي بيماري جانورن جي علاج ۾ مدد بہ ملندي آهي ڳئون ٻين جيتن کي پڻ خوارڪ ڏيندي آهي ۽ جيتن جي لاءِ سيليلوز کي ڪارآمد توانائي ۾ تبديل ڪندا آهن انکي ائين بہ ڏسي سگھجي ٿو تہ ڳئون بيماري ٿيندي آهي تہ جيت بہ بيمار ٿي ويندا آهن ۽ بيمار ٿي ڪري مري ويندا آهن ۽ آنڊن ۾ جيت نہ هجڻ جو مطلب آهي تہ هاڻي ڳئون بہ مري ويندي جلدي ڳالھ جڏهن ڳئون يا ڏاند جي پيٽ جي سور جي هجي جنهن کي انگريزي ۾ bovine bellyache ڌڳي جو اندريون ڀاڱو چئبو آهي تہ ٽرانسفارميشن تبديلي هڪ اهڙو عمل جنھن ۾ جراثيمن کي هڪ جڳھ کان وٺي ڪري ٻئي جڳھ رکيو ويندو آهي اهو عمل زندگي بچائڻ وارو هوندو آهي پر ڳالھ سڄي اهيا آهي تہ ان بيماري جا نمونا ڪيئن حاصل ڪري سگھجن ٿا ڳئون جي آنڊن جي گهرج نباتات جي لاءِ هڪ بڻائڻ لازم آهي ان جڳھ تي مخصوص ڊونر ڳئون هجي جنھن ۾ قنولو لڳل هجي تہ جيئن معدي پھرين تائين پهچ ممڪن ٿي سگھجي

نمونا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳئون جي معدي پهرين ۾ قنولو لڳائڻ گھڻو ڏکيو ڪم ناهي ۽ جانورن جي شفاء خاني ۾ گھڻو ڪري ائين ڪيو ويندو آهي عمومن هڪ قنولو لڳائڻ ۾ ڏيڊهه ڪلاڪ کن لڳندو آهي معدي پهرين مان ڪڊهيو ويندڙ چارو نہ صرف بيمار ڳئون کي تندرست ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي بلڪي رڊهن ٻڪرن ۾ بہ استعمال ڪري سگھجي ٿو ڇوجو انھن جو نظام ھاضمي هڪ جھڙو ئي هوندو آهي

بيٺل ڳئون کي بيهوشي جي دوا ڏني ويندي آهي معدي پهرين ۽ کل جي وچ کليل سوراخ ۾ گھڻو مضبوط ۽ گھڻو هلندڙ پلاسٽڪ مان ٺھيل هڪ قنولو جيڪو اصل ۾ هڪ نلڪي ئي هوندو آهي کلڻ وارو ڊڪڻ ان قنولو تي لڳايو ويندو آهي تہ جيئن بعد ۾ استعمال ۾ آساني ٿي چار کان ڇھن هفتن ۾ ڦٽ ڀرجي وڃڻ کانپوءِ قنولو لڳل ڳئون ٻين جانورن جي زندگي بچائڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندي آهي

اهيا ڳالھ حيرت انگيز آهي تہ معدي پهريون ڪيترو اهم هوندو آهي هي نہ صرف نظام ھاضمي جي فعال کي منھن ڏيڻ جي لاءِ اهم هوندو آهي بلڪي ٻين جانورن جي تندرست رهڻ جي لاءِ بہ آهي آنڊن ۾ موجود جراثيم اهوئي حياتين ۽ معدنيات پيدا ڪندا آهن جيڪي ڳئون جي صحت جي لاءِ ضروري هوندا آهن بنيادي طور تي هي قدرتي پروبائيوتڪ هوندا آهن

اهوئي ماڻهو جن جي ڳئون ۾ پيٽ جو سور ٿيندو آهي اهوئي عام طور ٽرانسفانيشن وٺندا آهن ڇوجو هي ڳالھ ثابت ٿيل آهي تہ جيڪڏهن اوهان آنڊن ۾ موجود جراثیمن کي ٺيڪ ڪري ڇڏيو تہ جانور ۾ تندرستي ۽ بک لڳڻ ۽ کير ڏيڻ جي شرع گھڻي بهتر ٿيندي آهي

بيمار جانورن کي بہ جيڪڏهن هڪ طرف رکيو وڃي تہ بہ قنولو لڳل ڳئون ڏاند جي خوراڪ جي تحقيق ۾ گھڻي اهم آهي ان جي وجهہ هي آهي تہ قنولو جي مدد سان معدي پهرين جي اجزاء کي آساني سان حاصل ڪري سگھجي ٿو تہ جيئن انھن تي تحقيق ڪئي وڃي ڪنھن طرح مختلف غذائون ڳئون جي نظام هضم کي متاثر ڪنديون آهن معدي پهرين ۾ لڳايو ويندڙ قنولو جي قل رقم تقریبن آمريڪي ٽي سئو ڊالر آهي ۽ انجو ڳئون جي صحت يا عمر تي ڪو فرق ناهي پوندو معدي پهرين ۾ رهڻ واري جراثيم حيات جو محلول آهن ۽ انھن جي گھڻي گھرج هوندي آهي قنولو لڳل ڳئون مان جراثيمن کي حاصل ڪرڻ ڪو وڏو ڏکيو ڪم ناهي بس ڊڪڻ کوليو هڪ وڏي پلاسٽڪ جي ٿلي چاڙهي اوهانجو هٿ زندھ ڳئون جي معدي ۾ موجود آهي

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page16.html#_ftnref5.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. Jha, D. N. (2002). The myth of the holy cow. London: Verso. ISBN 978-1-85984-676-6. 
  3. "Mahabharata, Book 13-Anusasana Parva, Section LXXVI". Sacred-texts.com. وقت 12 October 2013 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 October 2013.